رتو ڪوٽ ڀڙي ۽ هاڪڙي بابت هڪ وضاحت

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ جمن ڪنڀر طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2014۔

  1. جمن ڪنڀر

    جمن ڪنڀر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    ابا ڻا ڪک کپرو
    رتو ڪوٽ ڀڙي ۽ هاڪڙي بابت هڪ وضاحت

    تاريخ 15 سپٽمبر 2013 تي ڪاوش سنڊي ميگزين ۾ صفحي نمبر 10 ۾ اسان جي قلم دوست محترم گل حسن ڪلمتي رتي ڪوٽ بابت سٺي معلومات فرام ڪئي مگر تاريخي ماڳ ۽ مقام جي حيثيت رکندڙ رتوڪوٽ سنڌ ۾ ٻن هنڌن تي آهن ان ڪري وضاحت سان لکي ها ته پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ سمجھه ۾ اضافو ۽ آساني پيدا ٿئي ها ڇاڪاڻ ته ڪافي دوستن اسان کي روبرو يا فونن ۽ اي ميل ذريعي رتي ڪوٽ ماڳ بابت معلومات ورتي ۽ پڇيو ته ڪهڙو رتوڪوٽ؟ ان لاءِ عرض ته سکر جي ناري تعلقي مان وهندڙ دريا کي هاڪڙو درياء يا نارو واھ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو جنهن کي ڍورو يا نارو ڪينال ڪري به لکن ٿا ۽ ان کي الڳ الڳ وقتن ۾ الڳ الڳ نالن سان ڳايو ويو آهي.سمن جي دور ۾ بند ٿيل انهي هاڪڙي جي ٻيهر وهڻ جي پيشن گوئي ڪندي هڪ ساموئي يا ماموئي فقير پنهنجي بيت ۾ چيو ته،

    هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،

    بهه مڇي ۽ لوڙ، سمي ويندا سوکڙي،

    رتي ڪوٽ جو قلعو يا شهر انهي هاڪڙي درياء جي اوڀر ڪپ تي آباد هو. رتي ڪوٽ جو اهو ڦٽل شهر هن وقت ضلعي سانگھڙ جي کپري شهر کان 22 ڪلو ميٽر ڏکڻ طرف هاڪڙي يا ناري واھ جي ڪپ تي اوڀر طرف واري جي ڀٽ لڳ پڪين سرن جي تباھ ٿيل صورت ۾ 40، 50 فوٽن جي اوچائي سان نظر اچي ٿو جنهن کي هن وقت آثار قديم وارن کنڊرات ۾ شامل ڪيو آهي. جنهن کي عام طور رتوڪوٽ جو ڀڙو چون ٿا.

    تاريخ دانن، ليکڪن، محققن ۽ قلمي ماهرن جي ڄاڻ بعد الڳ الڳ بيانن ملڻ سان رتوڪوٽ جي تباھ ٿيڻ جي پوري طرح تصديق ڪنهن به ليکڪ کان نه ملي آهي، قديم زماني جي آثارن ۽ قديم کنڊرات بابت حڪومت کوجنائون ڪيون ۽ ڪندا اچن ٿا، تن به رتوڪوٽ جي کنڊرات کي هن وقت تائين نظر انداز ڪيو آهي، قديم زماني جي ڪٿائن ۽ آکاڻين وغيره مان رتي ڪوٽ بابت ايتري معلومات نه ملي آهي، جنهن کي تصديق سان يقيني چئي سگھجي.

    رتي ڪوٽ بابت جيتري ڄاڻ ڪتابن مان معلوم ٿي آهي، تنهن کي مناسب سمجهي هتي پيش ڪجي ٿي،

    تاريخ ريگستان وارو صفحي 50، 51 ۽ 52 تي لکي ٿو ته ”سوڍو سنه 1125ع ۾ سنڌ جي سومري حاڪم وٽ لنگھي آيو، جنهن مهرباني طور کيس رتوڪوٽ ڏنو.“ ”رتوڪوٽ کپرو شهر کان 6 ڪوھ کن پري واقع آهي، اهو رتو ڪوٽهاڻي ڊٺو پيو آهي، مگر اڃا تائين کنڊرات ڍوري ناري جي ڪپ تي ڏسڻ ۾ پيا اچن، رتوڪوٽ جو نالو اڃا قائم آهي.“

    تاريخ ريگستان وارو وڌيڪ لکي ٿو ته ”رتوڪوٽ سومرن کان سوڍن کي مهرباني طور مليو، ان کان پوءِ سوڍي جا پٽ چاچڪ ديو ۽ راجيو رتي ڪوٽ ۾ رهيا.“ساڳيو ليکڪ اڳتي لکي ٿو ته ”سنه 1262ع ۾ راجيو يا راج ديو سوڍي، سومرن کان عمرڪوٽ، جنن چارڻ جي چوڻ سان حملو ڪري فتح ڪيو، جنن چارڻ کي کاروڙ وارو حصو ڏنو، جتي اڃا تائين چارڻ رهن ٿا.“

    رتي ڪوٽ جي ڀڙي مان ڪافي سڪا هٿ آيا آهن، جن مان 1980ع ڌاري هڪ نج چاندي جو سڪو هٿ آيو، جنهن جي هڪ طرف ڪلمون پاڪ ۽ ٻئي طرف چئن خليفن جا نالا اڪريل هئا، باقي ٻيا ٽامي جا سڪا هٿ آيا آهن. انهن مان هڪڙا سڪا چورس ۽ ٻيا گول آهن، هڪ گول سڪو جنهن تي فارسي ۾ ”محمد شاه تغلق“ اڪريل هو، جيڪو سانگھڙ ضلعي جي سماج، سڌارڪ شخصيت رئيس حاجي محمد عثمان خان مري کي سندس فرمائش تي ڏنو ويو، بعد ۾ اهو سڪو وقت جي ڪليڪٽر قاضي سچيڏنو کي مليو، اهو سڪو آخر پي ـ ٽي ـ وي تي به ڏسڻ ۾ آيو.

    رتي ڪوٽ جي تباھ ٿيڻ لاءِ ڪوبه رڪارڊ تي آيل واقعو نه ٻڌو يا پڙهيو ويو آهي، ڀڙي جي حالت ڏسڻ بعد چئجي کڻي ته قدرتي طرح غرق ٿيل آهي يا زلزلي ڪري تباھ ٿيو آهي، قلعي جي پڪين سرن جي ٽڪرن تي باھ جي سڙيل ڦلهيار هن وقت تائين نظر اچي ٿي.

    تاريخ موجب جن قاتحن هندستان ۽ سنڌ تي ڪاهون ڪيون، تن مان محمود غزنوي جا ڪارناما عام آهن، محمود غزنوي سومنات جو مندر1026ع بمطابق 416 هجري ۾ فتح ڪيو، ان دؤر جو ڪوبه رتوڪوٽ جو واقعو يا شاهدي مليل نه آهي، تنهن ڪري چئي سگھجي ٿو، ته محمود جي ڪاهن کان رتوڪوٽ جي تاريخ پري رهي آهي، سڪن جي ملڻ جي ثابتي مان معلوم آهي ته 1301ع ۾ ملڪ غاري، سنڌ ۽ ملتان فتح ڪري غياث الدين محمد تغلق جو لقب وٺي حڪومت تي ويٺو. ابن بطوطه جي سفر ۾ به ڄاڻايو ويو آهي ته سلطان محمد تغلق جو اميرالمعمراعمادالملڪ سنڌ جو حاڪم مقرر هو، اهو وقت به 1333ع ڌاري جو آهي، محمد شاھ تغلق جي نالي سان مليل سڪن جي ثبوت ۾ به چئي سگھجي ٿو، ته ان وقت رتي ڪوٽ جو شهر، دهلي بادشاھت هيٺ هو.

    دلوراءِ جي دؤر حڪومت ۾سندس ظلمن جي ڪري ڪافي شهر تختگاھ تباھ ٿيل ڏيکاريا ويا آهن، جيڪڏهن دلوراءِ جي دؤر ۾ تباھ ٿئي ها، ته تاريخ ضرور ظاهر ڪري ها، ان ڪري رتي ڪوٽ جي تباھي جي ٽائيم جي ڪابه خاطري ناهي، رتي ڪوٽ جو ڀڙو ڏسڻ بعد اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو، ته هي شهر قدرتي طرح تباھ ٿيل آهي. ۽ ڪنهن به فاتح يا هلاڪو هٿان تباھ ٿيڻ جهڙي حالت نه آهي.

    رتوڪوٽ جو قلعو ڪهڙي بادشاھ يا حڪمران هٿان تيار ٿيو، ان لاءِ ڪنهن تاريخ ثابت نه ڪيو آهي، ۽ نه ئي وري ڪهاڻين يا ڪٿائن بيان ڪيو آهي، قديم زماني ۾ اڪثر ڪري نالن جي ڄاڻ لاءِ واقعن يا هنڌن جا نالا ڏنا ويندا هئا، مثال طور:

    ننگر ٺٽو، شاهبندر، لڪي، ڪوٽڙي، تگوسر، جالو جو چونرو، مٽياري ۽ بکر وغيره.

    هاڪڙو يا نارو واھ

    ڪنهن زماني ۾ هاڪڙو درياء دائمي واه جي صورت ۾ وهندڙ هو، جيڪو پنجاب ۽ بهاولپور مان وهندو بکر وٽان هيٺ سنڌ جي ڏکڻ طرف ۽ ٿر ريگستان جي اولهه طرف آباد علائقي مان وهندو، ڪڇ مان ٿي عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.

    ليمبرڪ پنهنجي تاريخ سنڌ (انگريزي) ۾ لکي ٿو، ته ”13 صدي ۾ هاڪڙو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو هو.“ وري صفحه 90 ۾ لڪي ٿو ته ”1620ع ۾ هاڪڙو سڪي ويو“ هڪ هنڌ ماسٽر ليمبرڪ لکي ٿو ته ” هاڪڙو واھ ۽ نارو واھ ساڳيو آهي“

    21-06-1985 جي مشرق ميگزين ۾ هاڪڙو واھ بابت تحرير ٿيل آهي، ته” پنجاب ۾ هاڪڙي کي گهاگهرو يا گھاگھر چوندا آهن، بهاولپور ۾ هاڪڙو واھ سڏيندا آهن ۽ سنڌ ۾ نارو واھ ۽ ڪٿي هاڪڙو سڏيندا آهن، ساڳئي هاڪڙي واھ کي نارو واھ يا ڍورو نارو ۽ پراڻو ڍورو به چوندا اچن ٿا. “

    قديم زماني کان وٺي نالن جي مٽا سٽا ٿيندي رهي ٿي، مگر وهڪرو قديم زماني جي هاڪڙي واھ وارو ساڳيو رهندو اچي ٿو.

    اردو اخبار مشرق جي 08-06-1985 جي مئگزين ۾ مسٽر فضل ڪريم بهاولپور جي ياداشتن ۾ لکي ٿو ته ”هاڪڙي واھ تي بهاولپور ۾ فورٽ عباس، فورٽ مروت، موج ڳڙھ ۽ دير در کان وٺي اسلام ڪوٽ تائين قلعا تعمير ٿيل هئا، هاڻي اهو دريا سڪي ويو آهي.“

    هاڪڙي دريا يا ناري واھ بکر جي اروڙ بند کان هيٺ تاريخي شهر ۽ يادگار مختصر بيان ڪجن ٿا.

    1. اروڙ: اروڙ جو شهر جيڪو دلورا بادشاھ جي پهرين گادي جو هنڌ هو، سکر کان 7 ميل اوڀرطرف آهي.

    2. بقار: تاريخي شهر هو، سيد خاندان جي رهڻ جو هنڌ هو، هنڱورجا قوم جو وچون اولاد هتي رهندو هو. خيرپور ضلعي ۾ هنڱورجا شهر اڃان مشهور آهي.

    3. تجر جو پتڻ:ناري واھ تي پتڻ آهي، سيد خاندان تجر ڌڻي جو هتي رهڻ ٿيو.

    4. پڪسري يا منڍ جمڙائو:ناري واھ تي موري آهي، جتان جمڙائو واھ ڪڍيو ويو آهي.

    5. اوڍ جو پتڻ: ناري تي مکيه پتڻ آهي، هتي مکي وارا مهاڻا ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون.

    6. مکي: ناري جي مکي ڍنڍ وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي، مڇي تمام گھڻي آهي، ٻيلا به ڪافي آهن.

    7. جوڻيج بقار:ناري واھ تي پتڻ آهي، جوڻيجا قوم ڪافي انداز ۾ آباد آهي، مير بحرن جي مياڻ به آهي.

    8. چوٽيارون جو شهر۽ پتڻ:هتي ميان مبين ڪيريو جو ديني مدرسو هو، جتي مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي تعليم پرائي، مير بحر ۽ ڪيريا قوم اڃا به آباد آهي.

    9. ٽنڊو مٺاخان: ناري واھ جي ڪپ تي آباد شهر آهي، سيد خاندان اڄ به رهن ٿا.

    10. جستڙو مقام:ناري واھ لڳ اوڀر طرف قديمي وڏو قبرستان آهي، هنڱورجن جو اصل هي هڪ مقام هو.

    11. سرن واري:سرن واري جا ميان بزرگ مشهور آهن، ڪامل بزرگ ٿي گذريا آهن، هتي ناري جي ڪپ سان هڪ مشهور جھوني مسجد به آهي، شاھ عبداللطيف ڀٽائي به هتي ميان مبين وٽ آيو هو.

    12. برمبري:شاھ عبداللطيف ڀٽائي لاهوت لامڪان کان هتي اچي چلو رکيو هئائين، هن وقت هتي وڏو ميلو لڳندو آهي.

    13. کنڀرو: ناري جي اوڀر طرف آهي، قديم زماني کان ديني مدرسو هو، مدرسي جا متولي ڏهر جا راڄڙ هئا، جيڪي ملان جي لقب سان مشهور آهن، شاه لطيف هتي آيو هو، چون ٿا ته ملن جي خلاف بيت شاه لطيف هتي ئي چيا، شهيد عبدالرحيم گرهوڙي ۽ حاجي بشام بروهي (سنڌڙي وارو) جو ڪافي وقت هتي ئي گذريو.

    14. فقيرغلام حيدر جو مقام: ناري جي ڪپ سان وڏو قبرستان آهي.

    15. کوڙي سامي جي مڙهي:هندن جي قديم مڙهي آهي، هن مڙهي جو سامي پنهنجي عملن سان شامت طور حرن هٿان قتل ٿيو، اڃا تائين ڳوٺ آباد آهي.

    16. کوڙي خاصخيلي:هتي ناري لڳ خاصخيلي قوم رهي ٿي، قديمي انجنيئري بنگلا به آهن.

    17. مڻيو پتڻ: هتي چنگل پوٽا هنڱورجا رهن ٿا، لقب درس اٿن، سندس مکيه ڳوٺ مورهڏي آهي.

    18. جوھيلي جو پتڻ:ناري واھ تي آباد آهي، هتي سيد ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون.

    19. کپرو شهر:ناري جي ڪپ سان تعلقه هيڊڪواٽر آهي، سڌرندڙ شهرآهي، ناري تي پڪي موري به اٿس.

    20. خيرو جو پتڻ:خيرو مهاڻي جي نالي سان پتڻ آهي، ناري جي اوڀر طرف ڳوٺ به آباد آهي، هتان مخدوم گرهوڙي سان ڪوري قوم جو هڪ ماڻهو ٿي مڙهي ڏيي هليو .اهو به شهيد گرهوڙي جي دعا سان وڃي شهادت جي درجي کي رسيو.

    21. سينهون جو پتڻ: ناري واھ تي پتڻ آهي، آباد آهي، اوڀر طرف چانيها قوم رهي ٿي.

    22. هٿونگو شهر: ناري واھ جي ڪپ سان اوڀر طرف قديم زماني جو آباد شهر آهي،هتي رينجرز فورس جو هيڊڪواٽر آهي، هتي رڱائي جو ڪم سٺو ٿئي ٿو.

    23. ڍليار جو شهر:ناري واھ هي ڪپ تي هن وقت هڪ وڏو ڳوٺ ۽ ننڍو شهر آهي، هنڱورجا قوم رهي ٿي، قديم زماني ۾ ديني مدرسو هو، هنڱورجا ”ملان“ جي لقب سان مشهور آهن، آس پاس ڪافي انداز ۾ لوڻ جون کاڻيون آهن، لوڻ کاتي واران جا بنگلا ۽ آفيسونهيون، جتي ڪسٽم جو عملو رهندوهو.

    24. محمد عالم جو پتڻ:ناري تي پتڻ ۽ ڳوٺ آهي، هنڱورجا قوم رهي ٿي.

    25. رتو ڪوٽ جو پتڻ ۽ ڀڙو:ناري تي پتڻ ۽ اوڀر طرف تي ڪوٽ جا کنڊرات آهن، هتي قديمي مڙهي به آهي، 15، 16 پيڙين کان هنڱورجا قوم رهي ٿي، جيڪي رتي ڪوٽ جا هنڱورجا سڏجن ٿا.

    26. ڀٽڀائٽي جو پتڻ ۽ ڳوٺ: ناري تي پتڻ ۽ اولهه طرف قديمي وڏو ڳوٺ آباد آهي، اصل مير بحرن جو ڳوٺ هو، مري قوم جا قبيلا به ڪافي وقت کان هتي آباد آهن، حاجي سهراب خان مري جو خاندان آباد آهي، جيڪو الھه کائي جي مري قوم جي سردار خان بهادر خدا بخش جو فرزند هو، خان صاحب سهراب خان مري جي لائق فرزند رئيس حاجي محمد عثمان خان مري جو تعليمي يادگار، هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل به هتي آهن.

    27. ڏنگ پتڻ: ناري تي پتڻ آهي، مري قوم جي اڪثريت آباد آهي، پتڻ جي اوڀر طرف سيد عبدالله شاه بخاري جو مقبرو آهي، جتي ميلو به لڳندو آهي، سيد عبدالله شاه مري قوم جو مرشد آهي،

    28. ماروي پتڻ: ناري تي پتڻ آهي مري قوم آباد آهي، ناري جي اوڀر طرف واري جي ڀٽ تي هڪ ڪنڊي جو وڻ آهي، اها ڪنڊي ماروي جي نالي سان مشهور آهي،

    29. غلام نبي شاه جو پتڻ ۽ شهر: ناري تي قديمي پتڻ آهي، ناري جي اولهه طرف ڳوٺ ۽ ننڍو شهر آهي، جيڪو سيد غلام نبي شاه جي نالي سان مشهور آهي، سيدن جو خاندان رهي ٿو، زميندار طبقي سان واسطو اٿن، هندو کٽي به زميندار آهن، هتي جي کٽين جي رڱاوت جو ڪم ڪافي مشهور آهي، ناري جو اوڀر طرف هنڱورجا قوم جو ڳوٺ ”هوندو هنڱورجو“ نالي آباد آهي،زميندار طبقه سان تعلق اٿن،

    سڪريا قوم مان مولوي محمد قاسم ديني مدرسو کوليو هو، جيڪو بعد ۾ ديني تعليم جو وڏو مرڪز ثابت ٿيو، هن وقت هتي سندس پونير آباد آهن، ليڪن مدرسي جو وجود ناهي،

    30. ميان ولهاري کنڀرو:ناري جي اوڀر طرف هڪميل مفاصلي تي ڳوٺ آهي، هتي قديم زماني کان ديني مدرسو ۽ قطب خانو سنڌ جي وڏن قطب خانن مان هڪ هو، کنڀري وارا ميان ”سمان“ قوم مان آهن، عالم ۽ بزرگ هئڻ ڪري ميان لقب سان سڏجن ٿا، هن وقت ميان صاحب زمينداري سان تعلق رکن ٿا ليڪن وڏڙن جي قائم ڪيل ديني مدرسي ۽ قطب جو ڪٿي به وجود ڪونهي.

    31. فرش موري:ناري واھ تي موري آهي، جتان 1ـ هيرل واھ، 2ـ ڊسٽري شاخ، 3ـ صوفي شاخ ۽ ٿر واھ، ڍوري مان نڪري آبادي لاءِ پاڻي جي وراست ڪن ٿا، ناري جي ڇنڍڻ کي پراڻو ڍورو چون ٿا جيڪو رڻ ڪڇ تائين پاڻي کي نيڪال ڪري ٿو.

    پراڻي ڍوري تي صوفي فقير جو ڳوٺ ۽ شهر آباد آهي. هاڪڙي واھ تي قديم زماني جا شهر اسلام ڪوٽ، ڏوتڙ، پاري نگر، ويرا واھ ۽ علي بندر واھ جيڪي هاڪڙي واھ جا يادگار آهن.

    انهي لاءِ منهنجي قلم ڌڻي دوست گل حسن قلمتي وضاحت سان رتي ڪوٽ جي ڀڙي بابت لکي ها ته پڙهندڙن کي مونجهارو پيش نه اچي ها، اها ضروري وضاحت سمجهي سانگھڙ ضلعي جي هن تاريخي ماڳ رتوڪوٽ ۽ هاڪڙي درياء بابت معلومات لکي پڙهندڙن آڏو وضاحت ڪرڻ ضروري سمجهيمان لاءِ پڙهندڙڙ ۽ اهل قلم دوست هن موضوع کي اڃا به وڌيڪ اصلاح ڪرڻ لاءِ پنهنجي راءِ ڏيئي سگھن ٿا.



    03013220580
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي وضاحت ڪلمتي صاحب سان به شيئر ڪئي اٿم
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    تمام بهترين وضاحت آهي .
     
  4. ايم ملوڪ درس

    ايم ملوڪ درس
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    41
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    علم اوتڻ
    ماڳ:
    اڇڙو ٿر ويجهو کپرو شهر
    ايم جمن ڪنڀر جي جدوجهد کي سلام
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو