ڪامريد سوڀو- هڪَ اڻ ڌرئي جي نظر ۾ ... پروفيسر نذير احمد سومرو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ رياضت ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2014۔

  1. رياضت ٻرڙو

    رياضت ٻرڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 جون 2012
    تحريرون:
    305
    ورتل پسنديدگيون:
    878
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    پروفيسر نذير احمد سومرو

    ڪامريد سوڀو- هڪَ اڻ ڌرئي جي نظر ۾​

    سنڌ ۾ جڏهن واچون ۽ گهڙيال، وقت ڪونه ٻڌائيندا هئا، تڏهن سج جا پاڇا ڏسي، ماڻهو وقت جو اندازو لڳائيندا هئا. اهڙن لهندڙ پاڇن جي وقت، سنڌو درياهه جي پرئين ڪناري جي ڀرسان هڪ ڳوٺ جو رهندڙ واپاري، ڪاڪي گيان چندَ، پراڻي لب درياهه (ڏوڪري) جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ واپار سانگي اچي ڊاٻو ڪيو ۽ پوءِ هميشه لاءِ اھو ڳوٺ بگيءَ ۾ رهي پيو. ڪاڪي گيان چند جي نالي پويان، سندس پيڙهيءَ مان پيدا ٿيندڙ اولاد، گيانچنداڻي جي نک سان مشهور ٿيو. ان گيانچنداڻي آڪهه مان هڪ سلڇڻو ۽ سهڻن مهانڊن وارو ٻار پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي ننڍي کنڊ جو مشهور ۽ معروف انقلابي شخص سوڀو گيانچنداڻي بڻيو.

    ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي پڙهيو ته قنبر، ڪراچي ۽ ڪلڪتي ۾، پر نئين ديري ۾ سندس وار وڇايل آهن. نئين ديري کان اڌ فرلانگ جي مفاصلي تي راشدين جو هڪ ڳوٺ آهي، جنهن کي پير ڳوٺ سڏيو وڃي ٿو. پير ڳوٺ ۾ هڪ معزز خاندان جي ڇوڪر ڪشنچند سان سوڀي گيانچنداڻي جي ڀيڻ پرميشوري پرڻي هئي. قسمت جا لقاءَ آهن. ڀيڻ پرميشوري جي وهانوَ وقت سندس ڀاءُ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪلڪتي ۾ تعليم جي لحاظ کان رهيل هيو.

    هتي سنڌ ۾ ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شاديءَ تي بندش جو آرڊيننس نافذ ٿيڻ وارو هيو. ان ڪري گيانچنداڻي خاندان، ترت پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جو فيصلو ڪري ورتو. ائين گيانچنداڻي خاندان، مَڃَ کڻي، نئين ديري جي ڀرسان پير ڳوٺ ۾ آيو. ڪشنچند جي شاديءَ جا انتظام، ڳوٺ جي ٻن انگريزي ماسترن، حاجي در محمد ۽ عبدالحميد سومري جي حوالي هئا، ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي ڀائر ڪشنچند جا نه رڳو پاڙيسري پر سٺا دوست به هئا. مَڃَ سان آيل مرد، ڳوٺ ۾ ٺهيل هڪ سراءِ ۾ رهيا، جيڪا خوشحال داس جي هئي. اها سراءِ اڃا تائين، ساڳيءَ شڪل ۾ بيٺي آهي. ڄڃ سان آيل عورتون، ڳوٺ جي مکي ۽ سيٺ، واپاري مل جي گهر ۾ لٿيون. ڪاڪو ڪشنچند پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ لڏي وڃي نئين ديري ۾ ويٺو، جتي هو پاڪستان جي چونڊيل وزيراعظم جناب ذوالفقار علي ڀُٽي جو خانگي منشي ٿيو.

    1973ع جي ڳالهه آهي. آءٌ نئون نئون انگريزي ماستر مقرر ٿيس ۽ وارهه هاءِ اسڪول ۾ رکيائون. ان زماني ۾ وارهه، نئون ديرو ڇا، لاڙڪاڻي کان به گهڻي پري هيو، ڇو جو آمدرفت جون سهولتون ڪونه هيون. وارهه مان ٿورن ڏينهن اندر ئي بيزار ٿي پيم ۽ بدلي لاءِ سوچڻ لڳس. خبر پئي ته سنڌي ادب جو محسن ۽ ڏاهو ماڻهو، سائين محمد ابراهيم جويو، ان زماني جي خيرپور ڊويزن جو انسپيڪٽر آف اسڪولس مقرر ٿي آيو هو. نئين ديري ۾، آچر ڏينهن تي، ڪاڪي ڪشنچند جو مک ميلو ٿيو. کيس ٻڌايم ته بدليءَ جي ڪوشش ۾ آهيان. پڇيائين: “نه ٿي ٿئي ڇا؟”

    چيم: “نه.”

    کلي چيائين: “سڀاڻي سومر ڏينهن، لاڙڪاڻي ڪورٽ ۾ منجهند ڌاري اچجانءِ.”

    ٻئي ڏينهن منجهند جو لاڙڪاڻي جي نئين ڪورٽ جي ٻاهران ڪاڪو ڪشنچند نظر آيو. مليومانس، ته بار روم ۾ وٺي هليو. ڪمري ۾ اندر هڪ سهڻن مهانڊن سان ڊگهي قد جو ڀريل رنگ وارو ڪامريڊ (سوڀو) شخص ويٺل هيو. جيئن ڪاڪي ڪشنچند تي نظر پيس، تيئن روايتي هندو رسم موجب اٿي ڏاڍي نهٺائيءَ سان اسان سان مليو. ويهڻ کان پوءِ پڇيائينس: “ڏيو خبر ڀائو! وڏا پير ڪيا اٿوَ.”

    تنهن تي ڪاڪي ڪشنچند ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو: “منهنجي گهاٽي دوست عبدالحميد سومري جو پٽ آهي ۽ جويي صاحب ۾ بدليءَ جو ڪم اٿس.”

    ان تي کلي چيائينس: “بس! مون ته سمجهيو ته ڪو وڏو ممڻ متل آهي. ان ڪري تڪليف ڪئي اٿوَ.”

    بهرحال ان پنهنجو بريف ڪيس کوليو ۽ منجهانئس ليٽر پيڊ ڪڍي محمد ابراهيم جويي ڏانهن ٻه اکر لکي ڏنائين. اها منهنجي ڪامريڊ سوڀي سان پهرين ملاقات هئي، جنهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو.

    هونءَ ته سندس نالو پنهنجي هم ڪلاسين، گرڌاري لال ۽ سلڇڻيءَ جي واتان هر روز ڪلاس ۾ ٻڌندو هيم، جيڪي سندس ڀاڻيجا/ڀاڻيجي هيا، پر مان ننڍپڻ کان مذهبي رهيو آهيان ۽ ڪامريڊ لاءِ ٻڌايو ويو هو ته ڪميونسٽ آهي. ان ڪري ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان ملڻ کان ٽهندو هيم.

    نيٺ 1988ع جون چونڊون ٿيون ۽ ڪامريڊ ٿورائيءَ وارين جاتين جي سيٽ تان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ٿيڻ لاءِ فارم ڀرايو. هڪ ٻه دفعو، ورڪ ڪرڻ لاءِ نئين ديري ۾ به آيو. ساڻس ملاقات ٿي. ان ملاقات وڏو اتساهه پيدا ڪيو. چونڊون ٿيون ته نتيجن ۾ ڪامياب اميدوارن جي لسٽ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو نالو به شامل هيو.

    پر...؟

    هاڻي به ڪامريڊ سان ملڻ ويندو آهيان. ڪنعي جي مرتئي کان پوءِ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ڏاڍو نٻل نظر ايندو آهي. سندس نُنهن سندس خيال هڪ ننڍڙي ٻار وانگر ڪندي آهي. ڪامريڊ اندران ڀور ڀور ٿيل آهي. سندس همت ۽ برجستائي، اها ئي جوانيءَ واري آهي. مسئلو آهي ته ڪامريڊ کي ڇا ۾ شامل ڪجي: نظرياتي سياستدانن ۾ يا عملي سياستدانن ۾ يا سٺن اديبن ۾؟ سندس، ادب ۾ به ته وڏو حصو آهي. سندس، انگريزي ۾ لکيل ڪهاڻي The Truant (دي ٽروئنٽ) ۽ سنڌيءَ ۾ آکيري جو ٽٽڻ ڪنهن کان وسريون آهن؟ هو وڏو نظرياتي اديب ۽ نقاد ته آهي ئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ هو ايڏو قدآور انسان به آهي، جو سندس مٿي ۽ منهن ڏانهن نهارڻ واري جو هوند، پٽڪو يا ٽوپي ضرور هيٺ ڪري پوندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,860
    ورتل پسنديدگيون:
    27,209
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ياد اٿم ته اهو 14 فيبروري جو ڏينهن هو يعني ويلنٽائن ڊي، انهن ڏينهن ۾ ڪامريڊ جي طبيعت صحيح نه هئي ۽ ڪراچي ۾ آيل هئا. سائين هدايت بلوچ ۽ ذوالفقار بهڻ سان گڏ ان ڏينهن ساڻن ڪچهري ٿي هئي .... مان ته بس کيس ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيس .... سنڌ جي جاڳندڙ تاريخ کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو