رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هائيڪا ،
تارن ۾ تارو
افسانو عشق جو
ياد آهي سارو
تارن ۾ تارو
انتظار ڪندي
سج ٿيو لهوارو
تارن ۾ تارو
حاصل ڪري تو کي
ڀائيان پاڻ سوڀارو
تارن ۾ تارو
گيت هجي يا ڪافي
مون لاءِ سر ڪيڏارو
انب تو وڻي ٿو
سکيون ٿين سرهيون
ڪو ڳالهيون ڳڻي ٿو
انب تو وڻي ٿو
ٽلين ٽور منهنجا موي
وک جا کڻين ٿو
انب تو وڻي ٿو
هلڻ تنهنجو وڻيو
قدم جو کڻي ٿو
انب آءُ پيهي
ونڊيون سور وصل جا
هيٺان يار ويهي
انب آءُ تون هيٺ
ويهي وندر ڪريون
محبت ڏاڍي ميٺ
انبن آءُ هلي
سر سر سنهي بوند
واءُ به آهي گهلي
انبن ٻور انبڙيون
وڏا ڇال ڇورن
اڃا هي ڪي ننڍڙيون
انبن ٻور انبڙيون
لامن ۾ لڙڪي
پٽيو ڪين ننڍڙيون
انبن ٻور انبڙيون
ڇڻن ڪين ڇڪ ۾
ٿين شال وڏڙيون
انبن لام انبڙيون
ٿڌي ڇانو جنهن جي
هوائون به ٿڌڙيون
انب کي تڪيان ٿي
ڀريل ٻور آهي
جهوري جهڄان ٿي
انب کي تڪيان ٿي
وڏيون لام انبڙيون
ڄڻ غم کي گڏيان ٿي
تارن ۾ تارو
افسانو عشق جو
ياد آهي سارو
تارن ۾ تارو
انتظار ڪندي
سج ٿيو لهوارو
تارن ۾ تارو
حاصل ڪري تو کي
ڀائيان پاڻ سوڀارو
تارن ۾ تارو
گيت هجي يا ڪافي
مون لاءِ سر ڪيڏارو
انب تو وڻي ٿو
سکيون ٿين سرهيون
ڪو ڳالهيون ڳڻي ٿو
انب تو وڻي ٿو
ٽلين ٽور منهنجا موي
وک جا کڻين ٿو
انب تو وڻي ٿو
هلڻ تنهنجو وڻيو
قدم جو کڻي ٿو
انب آءُ پيهي
ونڊيون سور وصل جا
هيٺان يار ويهي
انب آءُ تون هيٺ
ويهي وندر ڪريون
محبت ڏاڍي ميٺ
انبن آءُ هلي
سر سر سنهي بوند
واءُ به آهي گهلي
انبن ٻور انبڙيون
وڏا ڇال ڇورن
اڃا هي ڪي ننڍڙيون
انبن ٻور انبڙيون
لامن ۾ لڙڪي
پٽيو ڪين ننڍڙيون
انبن ٻور انبڙيون
ڇڻن ڪين ڇڪ ۾
ٿين شال وڏڙيون
انبن لام انبڙيون
ٿڌي ڇانو جنهن جي
هوائون به ٿڌڙيون
انب کي تڪيان ٿي
ڀريل ٻور آهي
جهوري جهڄان ٿي
انب کي تڪيان ٿي
وڏيون لام انبڙيون
ڄڻ غم کي گڏيان ٿي