ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
السلام عليڪم سائين ۽ سنڌ سلامت جا دوستو
سائين هي ڏسو انٽرنيشنل ۽ وهاب اڄ ڪلهه وري نوٽ ٺاهڻ شروع ڪيا آهن انهن جو سمپل توهان جي اڳيان حاضر آهي
هاهاها اِها بيئنڪ ڪاٿي آهي
يار فقير لڳي ٿو ته تون هاڻ انهن پراڻن فقيرن کان بدلا پيو وٺين ۔۔۔ عبدو ته وري به ظاهر آهي پر اهو بين الاقوامي فقير غائب آهي ۔۔۔ شايد پئسا ايترا ٺاهيا اٿس جو يار ئي وساري ڇڏيا اٿس ۔۔۔ فقيرن تي ڪهڙي معيار ۔۔۔
فقير سائين اها پئسا ڪهڙي ملڪ ۾ هلي سگهن ٿا”””””””””””””””””۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
وحيد ڦلپوٽا وڏو هر فن مولا ٿي ويو آهين، تو وارا هي پيسا کڻي ڪالهه پاڻ واري ڄامشورائي مست کان کُلا ڪرڻ ويو هُئس ، نه پُڇ فقير نه پُڇ، پاڻ واري ڪئميرا مين عبدالغفور سمون جو خير هُجي جو مست زبردست کان جان ڇڏائي آيو، لڳي ٿو تو نيڪ بابا نيڪ مائي واريون صدائون بند ڪري هاڻي سنڌ سلامت وارا نوٽ ڇاپڻ شروع ڪيا آهن، ترقي تون ڪندين ۽ سر انهن يارن جو وڃائيندين جن جون ٻوٿيون تو انهن ڊالرن تي لڳايون آهن۔ بهرحال تو واري هي پوسٽ شاندار آهي۔ لڳو رهه مٺا ڪڏهن نه ڪروڙ پتين جي ڳالهه ڪونه ٿا ڪريون پر ارب پتين ۾ تنهنجي واري ضرور ايندي
آمين
سائين
بس سائين مالڪ مٺي کان هڪ ئي سوال آهي ته
ڇپن ڪروڙ ڪي ڇوٿائي اور ساٿ ۾ دس ڪلو سونا :d:d:d:d:d
وڃ ڙي فقير وحيد ڦلپوٽا نيڪ بابا نيڪ مائي ايڪ روپي ڪا سوال هي کان ڪافي اڳتي نڪري ويو آهين اها تبديلي فقير سائين تو ۾ ڪيئن آئي، يا ته صفا ڪمپني کوٽ ۾ اٿئي يا صفا پُرڪاش آهين دال ۾ ڪالا ناهي پر بقول سائين نثار ابڙو جي سموريون داليون ، مسور واري دال، مڱن واري دال ۽ رات جو ڀت کان کائي پاڻي پيئن واري چڻن واري دال پڻ ڪاريون پيون نظر اچن۔ لڳو رهه لڳو رهه ڇاونجاهه ڪروڙن جو چوٿون حصو ايڪا ڏهاڪا سئو هزار دهه هزار، لک دهه لک ڪروڙ دهه ڪروڙ جي فارمولي تي بلڪل صحيح لکي ڏيکار ۽ ڏهه ڪلو سون جيڪا تو گهرج ڏيکاري آهي ان جي بين الاقوامي مارڪيٽ ۾ ڪيتري قيمت ۽ پياري پاڪستان جي روز روز لهندڙ ۽ خاساري ۾ ايندڙ واپار واري مارڪيٽ ڪيتري قيمت ٿيندي، توکي سوال نه اچي ته پاڻ واري جادوگر رشيد سمي کان پُڇي ٻُڌائي اهو پاڻي ڍارو هڻي توکي آڱرين تي حساب ڪري ٻُڌائيندو فقير سائين واقعي هاڻي تون ڏاڍو مڙس آهين اسان جهڙن غريب فقيرن جي تنهنجي اڳيان اڇي دال يا ڪاري دال بنهه ڪانه ڳرندي۔
ضرور ضرور ٻُڌندو تو وارو سوال مالڪ مٺو، اسان پڻ دعا ٿا ڪريون ته توکي صرف ڇاونجاهه ڪروڙ جو ڇوٿون حصو ۽ صرف صرف اهو صرف ڏهه ڪلو سون ضرور ڏياري جيئن تون به ارب پتي ٿي ڪا اسان جهڙن غريب فقيرن جي يونين ٺاهي سگهين۔سائين رشيد سمي کان حساب ڪرائي ئي ته پو۽ پنهنجي ضرورت آهر سوال ڪيو آهي مولا پاڪ کان باقي سائين ماڻهن کان ڪهڙو روز روز رپيو گهرون ٻيو ته انٽرنيشنل فقير علي علي وري ٻيو ڌنڌو شروع ڪيو آهي پاڻ فقيرن جو انچارج ٿيو آهي سو پاڻ واري آستاني تي روز روز نوان نوان ٿو فقير موڪلي سو ان ڪري سائين هاڻي اهو آستانو ڇڏي ڪري مالڪ مٺي کان هڪ ئي سوال ڪيو آهي :d:d:d
:>:>:>
السلام عليڪم سائين ۽ سنڌ سلامت جا دوستو
سائين هي ڏسو انٽرنيشنل ۽ وهاب اڄ ڪلهه وري نوٽ ٺاهڻ شروع ڪيا آهن انهن جو سمپل توهان جي اڳيان حاضر آهي)
)
)
)[/url] uploaded with imageshack.us[/img]