ڳالهيون ڪاميابي طرف، ملڪ ۽ قوم جلد خوشخبري ٻڌندو بريڪنگ نيوز..؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ وحيد رزاق مستوئي طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. وحيد رزاق مستوئي

    وحيد رزاق مستوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    21
    ورتل پسنديدگيون:
    21
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڳالهيون ڪاميابي طرف، ملڪ ۽ قوم جلد خوشخبري ٻڌندو بريڪنگ نيوز..؟

    وحيد رزاق مستوئي/مورو

    اسلام آباد ۾ جيڪا حالت گذريل ٽن ڏينهن کان ڏٺي وئي پئي وڃي اها ڪنهن جنگ جهڙي منظرن کان گهٽ نه هُئي پوليس ۽ مظاهرين ۾ اهڙي ريت جهڙپون ٿي رهيون هيون جيئن ڪنهن قابض لشڪر مخالف مُلڪ مٿان حملو ڪري ڏنو هُجي جيڪي هر شيءِ کي نست نابوس ڪري رهيا هُئا. سمجھ ۾ ڳالھ اها نه آئي ته آخر انقلاب ۽ آزاديءَ جا نعرا هڻندڙ ن کي ڪنهن جو اسارو ٿيو جو اهي سرڪاري ادارن ۾ داخل ٿيڻ ۾ وس نه گهٽايو ۽ سڀ کان پهريان انهن وزير اعظم هائوس ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جتي پوليس ۽ انهن ۾ شديد جهڙپون ٿيون جنهن ۾ پوليس پاران انهن مظاهرين کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ ربڙ جون گوليون ۽ شيلنگ ڪري پوئتي هٽائي ڇڏيو بعد ۾ انهن مظاهرين پارليامينٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي جنهن ۾ اهي ڪامياب ٿي ويا ۽ اهي پارليامينٽ جي احاطي ۾ پهچي ويا جتي فوج جا جوان پهچي انهن کي نقصان کان روڪيو ۽ اتي رهڻ جي لاءِ چيو جن اتي خيما کوڙي ويهي رهيا جڏهن ته هوڏانهن پوليس ۽ مظاهرين ۾ جهڙپون جاري رهيون جيڪي ٻه ڏينهن تا.ين مسلسل رهيون گذريل ڏينهن اسان ٽي وي اسڪرين تي ڏٺو ته اهي مظاهرين صبح جو ناشتو ڪري وري هڪ دفعو ٻيهر توانا ٿي ويا ۽ اهي مظاهرين سرڪاري عمارتن ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ سڀ کان پهريان اهي پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ جي آفيس ۾ داخل ٿي عملي کي يرغمال بنائي انهن تي سخت تشد پڻ ڪيو ۽ قبضو ڄمائي ويهي رهيا ۽ ٽوڙ ڦوڙ شروع ڪري ڏني جنهن سبب ڪجهه دير تائين سرڪاري ٽي وي چينل جي نشريات پڻ بند ٿي وئي بعد ۾ فوج جي خصوصي دستن مداخلت ڪري مظاهرين کي عمارت کان ٻاهر ڪڍي ٽي وي آفيس تان قبضو ڇڏرايو جڏهن ته اتان 8 ڪئمرائون 3 ايل سي ڊي ٽي وي اسڪرين ۽ بيو قيمتي سامان پڻ کڻي وڃڻ جو ٻڌايو ويو. اهڙي طرح اهي منظر سڄو ڏينهن ڏسڻ وٽان مليا جن مان صاف طاهر پئي ٿيو ته مطاهرين ڏندا بردارا ٿي ڪري قبضو ڄمائڻ چاهين ٿا اهو ڪٿان جو قانون آهي جو مظاهرين سيڪيورٽي گيٽ سنڀالي سرڪاري ملازمين کي آفيس ڪم کان روڪين ۽ انهن تي تشدد ڪن سمجھ کان ڳالھ ٻاهر اچي وئي ڊيوتي ويندڙ ۽ پگهاار ڪڍرائڻ لاءِ ويندڙ پوليس کي پڪڙي انهن کي دهشتگرد جو نالو ڏنو پئي ويو جڏهن ته نواز شريف جي استعفى جي ڳالھ پڻ سڄو ڏينهن گردش ڪندي رهي اُن کان علاوه ٻيا به ڪيترائي افواهه سڄو ڏينهن گردش ڪندا رهيا. اڃا مظاهرين، وزير اعظم جي استعفى، اسان جا ماڻهو يا ڪارڪن ناهن جون ڳالهيون هلندڙ هيون ته ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر مخدوم جاويد هاشمي ڪالهه هڪ ڀيرو ٻيهر ميڊيا آڏو اچي انهيءَ سموري سياسي بحران متعلق پڌرو ڪيو ته هي جيڪو ڪجهه به ٿي رهيو آهي اهو باقاعده هڪ منصوبابنديءَ تحت ٿي رهيو آهي، اها منصوبابندي ڪير ڪري پيو تنهن بابت هُن لاعلميءَ ظاهر ڪئي، جاويد هاشمي اهو به انڪشاف ڪيو ته عمران خان ڪور ڪميٽيءَ کي ٻڌايو هو ته اسين طاهر القادريءَ کان سواءِ هلي نٿا سگهون جو اسان کي مٿان کان حُڪم مليل آهي هُن اها ڳالهه به ڪئي ته عمران خان ٻڌايو هو ته معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ سيپٽمبر ۾ اليڪشن ٿيندي ٽن هفتن کان هلندڙ هي تماشو هاڻ ڀيانڪ صورت اختيار ڪري چُڪو آهي، انهيءَ جو ڇيهه ڪٿي ٿيندو انهيءَ بابت ڪا حتمي راءِ ڏيڻ ان ڪري به مشڪل آهي جو پل پل ۾ صورتحال تبديل ٿيندي رهي ٿي ۽ ڪجهه به ٿي سگهڻ واري خوف مُلڪ جي اڪثريت کي پنڊ پهڻ بڻائي ڇڏيو آهي جيڪي ڌريون نئين پاڪستان ۽ انقلاب جي هام هڻي رهيون آهن اُهي انهي هام ذريعي مُلڪ کي ڪٿي رسائينديون تنهن جو شايد کين به خبر نه آهي جيڪڏهن مُلڪي صورتحال جي عرب دنيا ۾ آيل تباهيءَ سان ڀيٽ ڪجي ته گهڻي هڪجهڙائي نظر ايندي. هن وقت سرڪار کي سوڙهو ۽ سوگهو ڪرڻ لاءِ جيڪي طاهرالقادري ۽ عمران خان پاران سرگرميون سامهون آيون آهن اهي ٻڌائي رهيون آهن ته انهن جو ڪو نه ڪو ڇيهه ٿيڻو آهي اهي ڪٿي ٿيون هڻي هنڌ ڪن ڪا خبر ناهي پر اهو طئي آهي ته يا ته انقلاب ۽ آزادي مارچ پنهنجو مقصد ماڻيندو يا وري ڪپتان ۽ قادري ٻنهي جي پارٽين ۽ قافلن سان اهڙو حشر ٿيڻو آهي جهڙي اڪثر پاڻ وٽ ميلي ۾ ڏسڻ ۾ ايندي آهي هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته عمران خان ۽ قادري جي قافلي ۾ شامل ماڻهو جيڪو ڌمچر هنيو ويٺا آهن سو ڪنهن مقصد ۽ نتيجي نڪرڻ کانسواءِ ختم نه ٿيڻو آهي، عمران خان، جاويد هاشمي کان پنهنجا رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن، پر جاويد هاشمي جي مارشل لا در تي اچڻ واري ڳالهه جيڪڏهن واقعي به سچ ثابت ٿئي ٿي ته پوءِ ڪافي عرصو سڀئي پنهنجون صفايون ۽ وضاحتون ڏيڻ ۾ وڃائيندو ۽ گهڻا زندگي جي اڌ ۾ هي جهان ڇڏي هليا ويندا نواز سرڪار ماڊل ٽائون واقعي جو ڪيس قادري جي مرضيءَ موجب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي گذريل ڏينهن واري پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ٿيل ڳاليهن ۽ اڄوڪي پارليامينٽ واري اجلاس ۾ ٿيل ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته گذريل ويھ ڏينهن جي هن ميداني جنگ کانپوءِ هاڻ معاملو پنهنجي پڄاڻي طرف وڃي رهيو آهي پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڪاميابي جمهوريت جي ٿيڻ هڪ مثال آهي ۽ ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪرڻ به سوال آهي..؟ جڏهن ته رات دير سان عمران خان پنهنجي تقرير ۾ وڏا وڏا راز ماڻهن کي صاف بيان ۾ ٻڌايا بعد ۾ سراج الحق ۽ رحمان ملڪ جو استقبال به ڪيو جيڪي ڪنٽير ۾ هليا ويا ۽ فورن 10 منٽن بعد واپس ٿيا چهرن تي مسڪراهٽ صاف ظاهر هئي ۽ بعد ۾ طاهر قاردي طرف وڌيا جيڪا پڻ ڪجھ وقت ملاقات ٿي بعد ۾ ساڳئي مسڪرائيندڙ چهرن سان نڪري اچي ڪيمرائن جو رُک ڪيائون جتي هنن هڪ بهتر قدمي واري ڳالھ ڪندي چيو ته اسان تمام جلد عوام کي خوشخبري ڏيڻ وارا آهيون ان مان اهو ثابت ٿيو ته اڄ سراج الحق جي صدارت ۾ سرڪاري جرڳو ٿي رهيو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ طرفان شاھ محمود قريشي موجود آهي جنهن ۾ جيڪي فيصلا ڪيا ويا اهي حڪومت ڌر ڪيتري قدر قبول ٿي ڪري يا آزادي مارچ وارا ڪيترو ٿا قبول ڪن ۽ اها پڄاڻي ڪيئن ٿئي ٿي تنهن بابت ڪنهن به وقت ڪا وڏي خبر بريڪنگ نيوز بڻجي سگهي ٿي، اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن اهڙو قدم جيڪو طاهر قادري ۽ عمران خان کنيو آهي جيڪڏهن اهڙو قدم سنڌ ۽ بلوچستان جا قومپرست کڻن ها سايد اهي پنهنجي معصوم ٻارڙن عورتن سميت جيل جي سلاخن ۾ بند هجن ها يا ته انهن کي ماريو ساڙيو وڃي ها جهڙي طرح جسقم جي چيئرمين سنڌ جي ابو جهاد بشير خان قريشي آزادي مارچ ڪيو ته ان کي ان جي بدلي ۾ شهيد ڪيو ويو، سندن ڀاءُ مقصود خان قريشي ۽ نوجوان سلمان وڌو کي جدوجهد ڪرڻ جي ڏوھ ۾ ڪار ۾ بند ڪري باهه ڏئي ساڙيو ويو، ڪيترن ڪارڪنن کي بي گناھ قتل ڪيو ويو ڪٿي گوليون هڻي لاش رستن تي ڦٽا ڪيا ويا ته ڪٿي لاشن کي پروڻ ڪيو ويو ڪيترن مائرن جا جگر جا ٽڪڙا انهن جي جهولي مان کسيا ويا جنهن جو اڄ تائين ازالو نه ٿي سگهيو ۽ اڄ تائين احتجاج ڪرڻ جي سزا ۾ انهن ڪيترائي نتيجا ڀوڳنا پون ٿا پر اسان اهو ڏٺو ته اسلام ۾ آزادي مارچ ۽ انقلاب مارچ ڪندڙن کي پنجاب سرڪار سهولتون فراهم پئي ڪيو ۽ انهن انهن جي مهمان نوازي پئي ڪئي، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ٻن ڏينهن جو هلندڙ پارليامينٽ جي اجلاس ۾ ڪيل ڳاليهن ۾ ڪيتري حد تائين متفق رهي سگهجي ٿو ۽ هلندڙ ڳاليهن دوران ڪو حل سامهون اچي سگهي ٿو منهنجي خيال ۾ جيڪي هن سياسي هل چل تيزي سان ڊوڙ ڪري رهي آهي انهي مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪو مثبت حل نڪري ايندو جنهن مان سرڪاري جرڳي ۽ آزادي انقلابي مارچ جي وچ ۾ ڳالهيون حل ٿيي وينديون جيڪا ملڪ جي ميڊيا جي لاءِ هڪ بريڪنگ نيوز هوندي پر ان سان گڏ ملڪ جي عوام لاءِ هڪ خوشخبري پڻ هوندي.

    Moronews288@gmail.com

    0306.3421288
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو