سير ۽ سفر: ڪاش مان واشنگٽن، ڊي سي نه وڃان ها ......!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏4 سيپٽمبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,176
    ورتل پسنديدگيون:
    1,714
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    ڪاش، مان واشنگٽن ڊي سِي نه وڃان ها ...!!
    محمد خان سيال


    مان هڪ ڏينهن، مڪي ۾ حرم شريف ويجھو، هڪ هوٽل جي اندر بيٺو هوس ته هڪ شخص مونکي پنهنجو وزيٽنگ ڪارڊ ڏنو ۽ چيائين ته مان جڏهن به هندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽ، ري يونين اچان ته سندس ضرور مهمان ٿيان. مان انهيءَ ڌارئي شخص جيَ خلوص کان ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ سندس وزيٽنگ ڪارڊ هٿ ۾ جھلي، اڃا سوچي رهيو هوس ته ڪهڙي ريت سندس ملڪ وڃي کيس خدمت جو موقعو ڏيان ته ايتري ۾ هڪ ٻيو ڌاريو شخص جيڪو ساري ماجرا ڏسي رهيو هو، سو منهنجي ويجھو اچي بيٺو ۽ سُڙٻاٽ ڪندي مون کي چيائين: اهڙن ڌارين ماڻهن جو ڪهڙو ڀروسو؟ جڏهن توهان ڪشالا ڪڍي، سندن ملڪ ۾ ويندئو ته هو توهان کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيندا ۽ اهڙي ريت توهان پرديس ۾ رلي ويندا. مون کي سندس اها ڳالهه دل سان آئڙي ۽ ان کي چڱي ريت پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيم.

    مان جڏهن ڪوئيٽا ۾ پي.آءِ.ايَ جو پيسينجر سيلز مئنيجر (پي.ايس.ايم) هوس ته دنيا جي ڪيترن ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني، ايراني نار ۽ وچ اوڀر جي ملڪن جا ڪيترا پيسنجر جيڪي پنهنجن مائٽن سان ملڻ لاءِ پاڪستان ايندا هئا، سي پنهنجن ٽڪيٽن جو مُدو هڪ طريقي ڪار موجب، پيسن جي ادائيگي ڪريَ، وڌائڻ لاءِ مون وٽ ايندا هئا ۽ مان ڪارروائي مڪمل ڪري سندن ٽڪيٽن جو مُدو وڌائي ڇڏيندو هوس. ويندي مهل هو نه رڳو پنهنجا وزيٽنگ ڪارڊ مونکي ڏيندا هئا پر انهيءَ ڳالهه تي به زور ڀريندا هئا ته مان جڏهن به سندن ملڪ اچان ته وٽن اچي رهان ۽ جيترا ڏينهن به چاهيان کين خدمت جو موقعو ڏيان. مان ٿورا مڃينديَ، سندن وزيٽنگ ڪارڊ هڪ ڪنڊ ۾ بي دليءَ سان اڇلائي ڇڏيندو هوس ڇاڪاڻ ته مون کي مڪيَ ۾ هڪ شخص جي ڪيل نصيحت اڃا به ياد هئي.

    هڪ ڏينهن مان پي.آءِ.اي، ڪوئيٽا واري پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هوس ته هڪ فيملي مون وٽ آئي جنهن جو سربراهه، مڪاني سرڪاري مرغي خاني جو سربراهه منير احمد هو. ساڻس گڏ، واشنگٽن ڊي سي، آمريڪا ۾ رهندڙ سندس ڌيءُ مسز فريحا منظور ان جون ٻه ننڍيون ڌيئر ، سندس زال ۽ ڪوئيٽا ۾ رهندڙ سندس ٻي ڌيءَ صائما به هئي جيڪا لا ۾ پڙهي رهي هئي. آمريڪا ۾ رهندڙ خاتون ٻن ڌيئرن سان گڏ پاڪستان ته آئي پر سندن واپسيءَ جون ٽڪيٽون پڪيون (ڪنفرم) ڪونه هيون. سندن خواهش هئي ته هو جنوريءَ جي پهرين هفتي ۾ آمريڪا موٽي وڃي ڇاڪاڻ ته سندس ٻارن جا اسڪول سگھوئي کلڻا هئا ۽ کين هر صورت ۾ اسڪول کلڻ کان اڳ، واشنگٽن پهچڻو هو پر هو موٽ جون ٽڪيٽون آمريڪا کان بوڪ ڪرائي ڪونه آيا هئا جيڪا سندن وڏي غلطي هئي.

    اهو ڊسمبر جو مهينو هو جڏهن ته هر ايئر لائين ۾ ڊسمبر ۽ جنوري جا مهينا گھڻو ڪري پيهه وارا ليکبا آهن. هونئن ته ماڻهو ڪرسمس ۽ نئين سال سبب اڪثر سفر ڪندا آهن پر اڪثر مسافر ڪيترا مهينا اڳ، ڪرسمس ۽ نئين سال جي امڪاني پيهه سبب، ٽڪيٽون بوڪ ڪرائي ڇڏيندا آهن. سو پي.آءِ.اي تي به ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ئي وقت 3 پڪين ٽڪيٽن جي ملڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿي ٿيو. تنهن ڪري هنن دبئي جي هڪ ايئر لائينز امارت جي مڪاني ايجنٽ کان ٽي ٽڪيٽون خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر انهن وٽ به اڪانومي ڪلاس ۾ 3 سيٽون خالي نه هيون البت فرسٽ ڪلاس ۾ سيٽون خالي هيون، جن جو ڪرايو، عام طور اڪانومي ڪلاس کان وڌيڪ هوندو آهي. انهن ڏينهن ۾ پِيڪ سيزن هئي، سو ايئرلائينون دستور موجب ڀاڙن ۾ رعايتون ختم ڪري ڇڏينديون آهن. تنهن هوندي به مون معلوم ڪيو ته ٻن ٻارن سميت ڪل ٽن ٽڪيٽن جي فرسٽ ڪلاس ۾ قيمت اٽڪل پوڻا 2 لک روپيا هئي.

    اهو ٻڌي مان گهري سوچ ۾ پئجي ويس ته هو آخر ايڏي وڏي رقم ڪيئن خرچ ڪندا؟ اهو سوچي، مون ذاتي اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ڪوشش ڪيم ته تصديق ٿيل ٽڪيٽن جي باوجود، ايئرپورٽ نه ايندڙ مسافرن جي بدليَ، کين سيٽون ڏياريان. اهڙن مسافرن کي ايئرلائينز جي ٻوليءَ ۾ نو شوز ڪوٺبو آهي. پر ائين ڪرڻ ۾ سڀ کان مکيه مسئلو اهو هو ته پِيڪ سيزن هئڻ سبب، هڪ ته آمريڪا لاءِ نو شوز ڪونه ٿين، مٿان وري سموريون ايئر لائينون اوور بوڪنگ يعني گھربل مسافرن کان وڌيڪ بوڪنگ ڪنديون آهن ته جيئن نو شوز سبب ايئرلائينن کي نقصان نه پهچي. اهو به ضروري نه هو ته رڳو منهنجا 3 اضافي مسافر هجن پر ڪراچي هيڊآفيس ۾ ، ڊاريڪٽرن ۽ جنرل مئنيجرن وغيره جا به اهڙا مسافر ٿي سگھن ٿا. مٿان وري هڪ ئي وقت 3 سيٽن جو سوال هو جيڪي پيهه واري سيزن سبب، گھڻيون هيون. وري بار بار خيال آيو ته ڪنهن به سبب ڪري جيڪڏهن هنن کي سيٽون ڪونه مليون ته مون کي ڏاڍي شرمندگي ٿيندي ڇاڪاڻ ته فلائيٽ نه رڳو فل هئي پر اوو بوڪ به هئي.

    بهرحال، مون زبردست پيهه جي باوجود کين ڪوئيٽا کان ڪراچي موڪليو. منهنجو حقيقي امتحان هاڻ شروع ٿيو. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي ڊگهي سروس دوران پنهنجا جيڪي به واسطيدار دوست هئا، تن سڀني جون ننڊون ڦٽايم. مان ته 18 ورهيه، پي.آءِ.اي جو پي.آر.او رهيو هوس تنهن ڪري منهنجي هر کاتي ۾ ڄاڻ سڃاڻ هئي پر پوءِ به ڊپ هئم ته اهي ٽيئي مسافر ڪٿي رهجي نه وڃن ۽ اجايو لڄي نه ٿيڻو پويم. ڪراچيءَ کان اُڏام رات جو 3 ڌاري هئي جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ ڪاٽو 13 سردي هئي جنهن ڄڻ ته منهنجو ساهه ئي مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو هو. زبردست پيهه ۽ اوور بوڪنگ سبب، بار بار پنهنجن دوستن کي ڪراچي فون ڪيم. آخر منهنجن ڪوششن رنگ لاٿو ۽ خدا خدا ڪري ٽنهي مسافرن کي سيٽون مليون جيڪي آمريڪا لاءِ روانا ٿيا ۽ مون به سُک جو ساهه پٽيو.

    ڪوئيٽا واري آفيس ۾، وڃڻ کان اڳ منير جي ڌيءُ مسز فريحا مون کان وعدو ورتو ته مان جڏهن به آمريڪا ايندس ته وٽس اچي رهندس ۽ جيترا ڏينهن به چاهيندس اُتي رهندس. سندس چوڻ هو ته مون مٿن وڏو احسان ڪيو آهي، نه ته کين پوڻا 2 لک روپيا ٽڪيٽن جا اضافي ڀرڻا پون ها. سندس چوڻ هو ته واشنگٽن جي پسگردائيءَ ۾ سندن شاندار ۽ ڪشادو گھر آهي، تنهنڪري مونکي رهائش جي سلسلي ۾ ڪوبه مسئلو پيش ڪونه ايندو. مون کيس ٻڌايو ته مون کي مڪي شريف جي هوٽل ۾ هڪ شخص مليو هو جنهن جو چوڻ هو ته ڏيساور ۾ رهندڙن جي دعوت توڙي ڏٽن تي، نه وڃجانءِ ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻهو اتي پهچڻ کانپوءِ طوطي وانگيان اکيون ڦيري ڇڏيندا آهن. پوءِ، انسان ڪٿان جو به نه رهندو آهي.
    پر مسز فريحا جو چوڻ هو ته اسان اهڙا ماڻهو ناهيون. منهنجو مڙس منهنجو ڪزن آهي، اوهان اصل نوابشاهه، سنڌ جا سنڌي ڳالهائيندڙ آهيو ۽ اسان وري ديري غازي خان جا سرائيڪي ڳالهائيندڙ آهيون. اهڙي ريت اسان جو، ٻوليءَ جي حساب سان پاڻ ۾ گھرو رشتو آهي. منهنجو مڙس جاويد منظور پاڪستان پيپلز پارٽي، واشنگٽن ڊي سي جو سربراهه آهي، ان سان ملي اوهان کي ڏاڍي خوشي ٿيندي. مان سندس ڳالهيون ڌيان سان ٻڌندو رهيس ۽ کيس چيم ته اسان جي برادريءَ وارا به سرائيڪي ۽ سنڌي ڳالهائيندا آهن.

    مسز فريحا مونکي پنهنجا فون نمبر ڏنا ۽ بار بار منهنجو ٿورو مڃيائين. پر مون چيو مانس ته مان اڳ به آمريڪا آيو آهيان، هاڻ آيس ته 3 يا 4 ورهين کانپوءِ ايندس. سندس چوڻ هو ته مان ڀلي 10 ورهين کانپوءِ اچان ۽ پنهنجو گھر سمجھي وٽن رهان. سندس هڪ ئي رٽَ هئي ته بس اوهان وعدو ڪيو ته اسان وٽ ضرور ايندئو. ويندي مهل هن هڪ خوبصورت ٽاءِ مونکي سوکڙيءَ طور ڏني جيڪا مون، سندس بار بار زور ڀرڻ جي باوجود وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ کيس ٻڌايم ته مون وٽ دنيا جون بهتر ٽايون آهي ۽ تازو سري لنڪا کان به 2 درجن کن ٽايون خريد ڪيو اٿم. هونئن به مون کانئس ڪا به سوکڙي نه ٿي وٺڻ چاهي جو متان اهو تاثر نه اڀري ته مون ڪنهن لوڀ لالچ ۾ اچي سندن مدد ڪئي آهي پر جڏهن هن مونکي پنهنجو ذاتي واسطو ڏنو ۽ روئڻهارڪي ٿي وئي ته مونکي اها ٽاءِ نه چاهڻ جي باوجود وٺڻي پئي.
    هماري جان پر دوهرا عذاب هيَ محسن،
    ڪه ديکھنا هي نهين، هم ڪو سوچنا بهي هيَ.

    هاڻ منهنجي ۽ منير جي دوستي پڪي ٿي وئي، مان جيترا ڏينهن به ڪوئٽيا ۾ رهيس ته ساڻس روزانو فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي. انهيءَ دوران هن 2 يا 3 ڀيرا مون کي پنهنجي گهر، مانيءَ تي گهرايو.

    مان ٽڪيٽن ُغيره جي سلسلي ۾ سندن مدد ڪندو رهيس. ڪجھه وقت کانپوءِ منهنجو، پي.آءِ.ايَ جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر بهاولپور طور ٽرانسفر ٿيو پر پوءِ به منير سان منهنجي اڪثر فون تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي. هڪ سال کانپوءِ منهنجو ٽرانسفر وري ڪراچي ٿيو. انهيءَ دوران افغانستان ۾ پي.آءِ.اي کي ڪنٽري مئنيجر طور پوسٽنگ جي ضرورت پئي. سال 2005 ۾ ڪابل ۾ انتهائي خطرناڪ حالتون هيون، خراب سڪيورٽي جي صورتحال سبب ڪير به ڪابل وڃڻ لاءِ تيار ڪونه هو.

    مان پي.آءِ.اي جو گروپ 8 جو سينيئر آفيسر هوس جنهن کي رڪارڊ بهتر ۽ سينيئر هئڻ سبب ڪنهن سٺي ملڪ ۾ بهتر پوسٽنگ ملڻ گھرجي ها پر سيڪيورٽيءَ سبب سڀني ڪابل وڃڻ کان انڪار ڪيو، وڌيڪ ته اُتي ڪي به بنيادي سهوليتون ڪونه هيون جهڙوڪ، آفيس، اسٽاف، ٽرانسپورٽ، پي.آءِ.اي جو سرڪاري بئنڪ اڪائونٽ وغيره. پگھار به ٻين اسٽيشنن جي ڀيٽ ۾ گھڻو گھٽ هئي. سڪيورٽيءَ جي حالت اها هئي جو ڪابل ۾ بم ڦاٽڻ ۽ راڪيٽن سان حملا معمولي ڳالهه هئي. عوام جو رويو ته وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هو جو هنن جون پاڪستان جي ڀيٽ ۾، هندوستان سان وڌيڪ همدرديون هيون جنهن جو هڪ مکيه سبب اهو هو ته پاڪستان، طالبان ٺهرائڻ توڙي انهن جي افغانستان ۾ حڪومت برپا ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪئي هئي جڏهن ته ان ملڪ تي شمالي اتحاد جي حڪومت هئي جيڪي طالبان جا سخت مخالف هئا. پر ڪابل جي پوسٽنگ قبول ڪرڻ کان اڳ، مونکي خبر نه هئي ته اتي ڪو حالتون ايتريون خراب آهن. مٿان ان وقت جي ڊاريڪٽر مارڪيٽنگ ڪامران خان حسن مونکي پڪ ڏياري هئي ته مهيني ٻن کانپوءِ مونکي بهتر اسٽيشن ڏيندو پر افسوس ته هو پنهنجي وعدي تان ڦري ويو.

    ڪابل کان مون منير کي فون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس نمبر ڪونه مليا. گھڻو پوءِ، پتو پيو ته ڪوئيٽا جا سمورا فون نمبر بدلجي ويا آهن جو انهن ۾ هڪ ڊجٽ جي واڌ ٿي آهي. ٻئي سال، ڪابل کان ڪراچي موٽيس ته مون هڪ ڀيرو وري آمريڪا جو پروگرام ٺاهيو. ڪوئيٽا ۾ ڪنهن پنهنجي دوست قاضي شفيق کي فون ڪيم ته ان ٻڌايو ته منير صاحب ته ريٽائر ٿي ويو آهي ۽ هاڻ واشنگٽن ۾ رهي ٿو. اهڙي ريت مونکي ڪجھه الجاءِ ٿي ته واشنگٽن وڃان پيو ته اتي هو پاڻ به موجود هوندو. مان ڪراچيءَ کان نيويارڪ پهتس ۽ اتان منير کي فون ڪيم ، پاڻ ته گھر ۾ نه هو پر سندس گهر واري هئي جنهن مون کي سڃاتو ۽ چيائين ته اوهان واشنگٽن اچو ته منهنجي ناٺيءَ جي ڪشادي گھر ۾ رهجو جيڪو سندس چواڻي ڪروڙ پتي آهي ۽ سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اسان اوهان جا احسان وساريا ناهن.

    ٻئي ڏينهن مان نيويارڪ جي له گارديا ايئرپورٽ کان واشنگٽن لاءِ روانو ٿيس. ايئرپورٽ تان کيس فون ڪيم. هو پنهنجي ڌيءُ مسز فريحا سان گڏ ايئرپورٽ تي آيو. سندس ڌيءُ کي اهو به ياد ڪونه هو ته ڪجھه ورهيه اڳ، مون انتهائي ڏکين حالتن ۾ سندن واهر ڪئي هئي جنهن جو هن بار بار ٿورو به مڃيو هو. مون جڏهن کيس ياد ڏياريو ته هن وراڻيو ته کيس ڪجهه ڪجھه ياد پوي ٿو. بهرحال، هنن مونکي ريسٽورنٽ ۾ رات جي ماني کارائي ۽ پوءِ منير چوڻ لڳو: مان پنهنجي زال سان گڏ، هڪ ننڍي ڪمري ۾ رهان ٿو پر هن پنهنجي
    ناٺي جي ڪُشادي گهر جو ذڪر ڪونه ڪيو جڏهن ته مون کي واشنگٽن اچي سندن گھر ۾ رھڻ جي دعوت سندس ڌي خاص طور ڏني هئي جنهن وٽ عاليشان گھر هو.
    چيائين: هينئن ڪريو ته هوٽل ۾ ڪمرو وٺ. اهو ٻڌي منهنجي مٿيَ ۾ ڦيراٽيون اچڻ لڳيون، جو مان ته پگهاردار ملازم هئس ۽ منهنجي پگھار به ايتري گهڻي ڪونه هئي جو مان واشنگٽن جي عام طور مهانگن هوٽلن ۾ رهان.

    مان ته 8 يا 10 ڏينهن هنن وٽ ترسڻ جو پروگرام ٺاهي آيو هوس. بهرحال، مون سندس ڌيءُ ڏانهن ڏٺو جنهن مون کي واشنگٽن اچي وٽس رهڻ لاءِ ڍير ساريون منٿون ميڙون ڪيون هيون ۽ ڄاڻايو هو ته مون سيٽن حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سندن پوڻا ٻه لک روپيا بچايا آهن ۽ مٿن احسان ڪيو هو پر اها ته مڪمل طور پُرسڪون ۽ لاتعلق ويٺي هئي.
    حشر کا تو سُنا تھا، ڪوئي ڪسي ڪا نه هوگا،
    مگر اب تو دنيا مين بهي يه چرچا عام هيَ.

    مون ڳالهين ڳالهين ۾ کين اڳ ئي ٻڌايو هو ته مان نيويارڪ کان اچان پيو جت ننڍڙي ڪمري جو رات جو ڪرايو هڪ سو ڊالر هو يعني ان وقت 8000 روپيا روزانو هو جيڪو پاڪستان ۾ پگھاردار ملازم لاءِ تمام گهڻو هو. انهيءَ دوران منير مونکي خوشخبري ڏيندي چيو ته سندس ڌيءُ مسز فريحا منهنجي لاءِ هڪ سستي هوٽل ڳولي لڌي آهي جت ڏهاڙيءَ جو ڪرايو رڳو 112 ڊالر آهي. منهنجن ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪڻ لاءِ وڌيڪ چوڻ لڳو ته نيويارڪ جي ڀيٽ ۾ رڳو 12 ڊالر ته وڌيڪ آهي. مون دل ۾ حساب ڪيو ته هوٽل ۾ کاڌ خوراڪ سان گڏ منهنجو ڏھاڙيءَ جو بل 200 آمريڪي ڊالر ايندو جيڪي ان وقت 16 هزار روپيا ٿين ها پر جيڪڏهن مان اصل پروگرام موجب 10 ڏينهن رهان ته منهنجو ڪل بل 2 هزار آمريڪي ڊالر اچي ها جيڪو تن ڏينهن ۾ هڪ لک 60 هزار روپيا ٿئي ها. هونئن به نيويارڪ ۾ 100 ڊالرن واري ننڍڙي ڪمري ۾ مجبوريءَ ۾ رهيو هوس.
    ان ڪا دامن چُهٽا ھاتهه سيَ
    هائيَ يه بهي سھارا گيا.

    اهو سوچي مون کي پنهنجو پاڻ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ته مان ڪيترو نه اٻوجھه آهيان جو اهڙن ماڻهن جون اٽڪلون به سمجهي نه سگهيس ۽ پاڻ کي پرديس يعني واشنگٽن ۾ اچي ڏچي ۾ وڌو اٿم جو هت منهنجي ڪير به واھر ڪرڻ وارو ڪونهي پر مون منير يا سندس ڌيءُ سان ڪابه شڪايت ڪانه ڪئي.
    ترس جائوگيَ، هماريَ منه سيَ سننيَ ڪو ايڪ ايڪ لفظ،
    پيار ڪي بات تو ڪيا، هم شڪايت بهي نه ڪرين گيَ.

    پروگرام موجب مونکي واشنگٽن ۾ 8 يا 10 ڏينهن رهي، ڊزني ورلڊ (فلوريڊا، ميامي) وڃڻو هو جت سنڌي اسيوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي 23 سالياني اجلاس ۾، مونکي پاڻيءَ جي مسئلي تي پيپر پڙهڻو هو ۽ هوائي جهازن جون ٽڪيٽون به اهڙي ريت پاڪستان کان ٺهرائي کڻي آيو هوس. هاڻ ته سمورو پروگرام گڙ ٻڙ ٿي ويو ڇاڪاڻ ته مهانگين هوٽلن ۾ ايترا ڏينهن رهڻ لاءِ مون وٽ گھڻا پيسا به ڪونه هئا. مون وٽ هوسٽن کان واشنگٽن جي هڪ ٽڪيٽ هئي سو ايئرپورٽ تي ويس ۽ واسطيدار ايئر لائينز کي چيم ته اهڙو ڪُوپن واشنگٽن کان هوسٽن لاءِ سفر ڪرڻ واسطي قبول ڪن ڇاڪاڻ ته اڪثر ايئر لائينون ائين ڪنديون رهنديون آهن جو ڀاڙي ۾ ڪو فرق ڪونه هو پر اهي همراهه به ڪي لڪير جا فقير هئا، سو هڪ به نه ٻڌائون. وڏي مشڪل کانپوءِ مڪاني پي.آءِ.ايَ آفيس کان نيون ٽڪيٽون ٺهرائي، دوستن وٽ هوسٽن پهتس ۽ ڪجھه ڏينهن کانپوءِ پوءِ سانا جي اجلاس ۾ به شريڪ ٿيس.آمريڪا ۾ 4 مهينن کان مٿي رهيس پر ڪڏهن به منير کي فون ڪرڻ تي دل نه ٿي ڇاڪاڻ ته سندس رويي سبب مون کي شديد ذهني تڪليف پهتي هئي.

    مان پاڪستان موٽيس پر ڪوشش جي باجود منير جو رويو وساري نه سگھيس. آخرڪار مون واشنگٽن ڊي سي ۾ سندس ناٺي جاويد منظور کي اي ميل ڪئي ۽ سندس سهريَ ۽ زال جي نامناسب رويي تي ڏک ظاهر ڪيم ۽ کيس چيم ته مون کي ساري نه ڪجانءِ ڇاڪاڻ ته اهو لفظ مونکي ذهني طور پهتل ڊگھي تڪليف جو ازالو ڪري نه سگھندو.
    ڪوئي خاموش ھو جائيَ، تو هم تڙپ جاتيَ ھين فراز،
    هم خاموش هوئيَ تو ڪسي نيَ حال تڪ نه پوچها.

    بهرحال، مان پڙهندڙن کي گذارش ڪريان ٿو ته ڏيساور وڃڻ لاءِ ڪنهن جي ڏٽن ۽ آسرن تي نه لڳن پر جيڪڏهن کين وڃڻو به پوي ته هر رخ کي سوچي سمجھي، پوءِ فيصلو ڪن ٻي حالت ۾ مون وانگيان کين پرديس ۾ شديد ذهني عذاب کان لنگھڻو پوندو.
    چلو اچها هوا، ڪام آگئي ديوانگي اپني،
    و گر نه هم زمانيَ بهر ڪو ، سمجهانيَ، ڪهان جاتيَ.
    www.facebook.com/mksial.writer
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,774
    ورتل پسنديدگيون:
    5,822
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    هڪ بدترين تجربي جو بهترين بيان!
    هن ڪالم ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون سکڻ ۽ سمجهڻ لاءِ مليون جن مان ٻه اهم آهن.
    بلڪل صحيح. جڏهن به هوائي جهاز ۾ سفر ڪجي ته اهو نه سوچجي ته اسان ٽڪيٽ تي لکيل هدايت موجب فلائٽ کان ٽي ڪلاڪ اڳ وڃي بورڊنگ ڪرائي ڇا ڪنداسين. پر اهي ٻه ڪلاڪ ويٽنگ لائونج ۾ ويهي انتظار ڪري اوٻاسيون ڏيڻ ان خفي کان سؤ دفعا ڀلا آهن جو آخر ۾ پُهچجي ۽ هڪ به نو شوز نه ٿيڻ جي صورت ۾ اڳ آيل مسافرن جو سيٽس ٿي وڃن ۽ اوهان کي ايڪسڪيوز چئي ٻي فلائٽ يا ٻي ڏينهن جو چئي موٽائن. اهڙا ڪيس اسان جي ٻن دوستن سان به ٿي چُڪا آهن جن کي ٽرڪش ايئر لائن وارن واپس موٽايو. هڪ پٺاڻ ته عملي سان وڙهي پيو ۽ ڪيس جون ڌمڪيون ڏنائين ته جڏهن منهنجي ٽڪيٽ بُڪ آهي ته اوهان ڇو مون سان ڌوڪو پيا ڪريو؟ ته انهن انتهائي معذرت ڪئي. هڪڙي ته چئي ڪڍيو اسان جو وس پُڄي ته پائلٽ کي لاهي ان سيٽ تي توکي ويهاريون پر ممڪن ناهي جو جهاز اوور بُڪ ٿيل آهي.
    اها هدايت ڪافي دفعا الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ پڻ ملي ٿي ته اوهان ڌارئين مُلڪ وڃو ته پنهنجو بندوبست ڪري وڃو. ڇو ته جيڪي اسان جا هم وطن ٻاهر رهن ٿا اهي اسان جي ثقافتي مجبوري ۽ مروت ۾ کڻي دعوت ڏيو ڇڏين يا صلاح هڻيو ڇڏين پر اسان جي مُلڪ ۾ مهانگائي جو روئڻ روئيندڙن کي اها خبر ئي ناهي ته ڏٺو وڃي ته هي مُلڪ دُنيا ۾ سستي ترين مُلڪن مان هڪ آهي جتي ٻه نمبر ئي سهي پر هر شئي سستي مليو وڃي. غير قانوني طور قبضن تي يا بيماني تيرا آسرا تي وڏا گهر ٺهيو وڃن. پر ٻاهر مُلڪن ۾ جتي قانون آهي ۽ ڪمائي آهي ته مهانگائي به خوب آهي. ماڻهو اهو قطعي افورڊ نه ٿا ڪري سگهن ته هو ايڏو وڏو گهر وٺن جو ٻاروهي ڪو مهمان مڙو اچي ته کيس رهائي سگهن.
    هونئن به منهنجو ذاتي خيال آهي ته ٻاهر وڃجي ته اُتي جي ماڻهن سان ملجي. اُٿجي ويهجي. سندن طور طريقا ڏسجن مُشاهدا ٿين. اهو ڪهڙو تجربو ٿيندو جو يورپ وڃي به ڪنهن سنڌي جي گهر کي ڳولجي؟
    ها باقي جيڪڏهن ڪنهن سان گهرائپ آهي يا مائٽي آهي ته بلا تڪلف پُڇي پڪ ڪجي ته هو مڙئي سکڻي صلاح ٿو هڻي يا وٽس رهائڻ لاءِ گُنجائش آهي. هڪ حل ٻيو به آهي جيڪو ڪنهن کي متان عجيب لڳي پر منهنجي نظر ۾ ڪو حرج ناهي. اڄڪلهه ته ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ ٿي پيا آهن. ڪنهن وٽ وڃي مهمان ٿيڻ کان اڳ آئون ته گهر ڏسڻ جي خواهش بهاني ڪُجهه فوٽو گهُري ڏسيو وٺان ته وٽس ڇا پوزيشن آهي. تازو تُرڪي ڀؤنچ سمنڊ ڪناري هڪ دوست پاڻ وٽ ٻارن سان اچڻ جي ڏاڍي صلاح هنئي. ان وٽ وڃڻ کان اڳ به ايئن ڪيم. تسلي ٿي ته پوءِ ويس.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    صلاحن جي لا وڏي مهرباني، ڪنهن هم وطن تي اعتبار ڪرڻ کان چڱو آهي ته ڪنهن ڌارئي جي ڳالهه کي وڌيڪ ڪن ڏجي. عبدالحفيظ لغاري هم وطن لفظ سمجهي ويو هوندين.

    حقيقت آهي ته اسان کڻي ڪيتري به کوٽ ۾ هُجون پر احساس اهو ڏيارينداسون ته وڏا خان آهيون!!! انهن سببن ڪري آئون هميشه رلي ڪُلهي تي هوٽلن کي ترجيح ڏيندو آهيان، اڃان سوڌو ڪنهن به چڱي هوٽل ۾ پنهنجي خرچ تي نه آهيان رهيو. بئڪپئڪر هوٽل زنده آباد.

    اسان جو هڪ دوست پولاتلي نالي شهر، جيڪو انقره کان 100 ڪلوميٽر کن اولهه ۾ آهي، ۾ رهي ٿو. جنهن ڳوٺ ويندي صلاح هنئي ته اچي منهنجي گهروارن سان ملو، منهنجي امڙ به توهان سان ملڻ چاهي ٿي، منهنجو ڳوٺ ڀلو آهي. فون تي سندس امڙ سان هڪ ٻه دفعا ميرحيبا ميرحيبا نسلسنز نسلسنز ٿي آهي. آئون ته مصروف هئس انهن ڏينهن ۾، معذرت ڪئي مانس. بعد ۾ سندس هڪ ٻئي دوست ته چيو ته منهنجي صلاح آهي ته بار نه ٿجان، جو سندس گهر ننڍڙو آهي ۽ ڪُٽنب وڏو اٿن. تڪليف ٿيندي انهن کي. خير هاڻي انهي پوائنٽ آف ويو کي به ڌيان ڏبو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 سيپٽمبر 2014
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو