رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
غزل
اسان محبتي هون ماڻهو، اسان پيار ئي گهرون ٿا
ڪيو قرب پنهنجو هاڻي، ديدار ئي گهرون ٿا
سنسار سڪ جو ٿي پئي، هي آس آ اندر ۾
اچ روح کي ريجهايون، اقرار ئي گهرون ٿا
بي لوث هي اسان جو، هت نينهن آ اوهان لئه
سڪ ۾ سودو سهڻا، سرڪار هي گهرون ٿا
نه هوڏ آ اسان جي، نه ڪو زوري آهي توتي
پوري ٿئي اسان جي، پڪار هي گهرون ٿا
سورن ڪيو آ سوگهو، دردن ۾ دل هڄي ٿي
ڏيو پيار پنهنجو سائين، هڪ وار ئي گهرون ٿا
لالڇ نه لوڀ آهي، ڦرندڙ فقيري آهي
تنهنجا اسان تي ٿورا، اسرار ئي گهرون ٿا
رسول بخش دائودپوٽه
اسان محبتي هون ماڻهو، اسان پيار ئي گهرون ٿا
ڪيو قرب پنهنجو هاڻي، ديدار ئي گهرون ٿا
سنسار سڪ جو ٿي پئي، هي آس آ اندر ۾
اچ روح کي ريجهايون، اقرار ئي گهرون ٿا
بي لوث هي اسان جو، هت نينهن آ اوهان لئه
سڪ ۾ سودو سهڻا، سرڪار هي گهرون ٿا
نه هوڏ آ اسان جي، نه ڪو زوري آهي توتي
پوري ٿئي اسان جي، پڪار هي گهرون ٿا
سورن ڪيو آ سوگهو، دردن ۾ دل هڄي ٿي
ڏيو پيار پنهنجو سائين، هڪ وار ئي گهرون ٿا
لالڇ نه لوڀ آهي، ڦرندڙ فقيري آهي
تنهنجا اسان تي ٿورا، اسرار ئي گهرون ٿا
رسول بخش دائودپوٽه