ڌارئي کي مهمان ڪري ٿو

جاويد نواز

سينيئر رڪن
ڌارئي کي مهمان ڪري ٿو روزانو
گهر جو گهر ويران ڪري ٿو روزانو

نان مڙئي بدنام هتي شيطان سندو
ساڳيو ڪم انسان ڪري ٿو روزانو

باغ ۾ ٻيا ڀي ڪيئي آهن گلڙا پر
هڪڙو گل حيران ڪري ٿو روزانو

اڄ جي ايڏي ارڏي اوکي انسان کي
ڀاڙي هڪڙو نان ڪري ٿو روزانو

شهر ۾ ڪيڏيون سهڻيون آهن ديوارون
بد صورت هڪ پان ڪري ٿو روزانو

جاويد نواز
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top