محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ 01 سنڌين شاگردن سان ’نا انصافيءَ‘ جو مثال مان تازو ڪراچي يونيورسٽي ويس ته هڪ پراڻو واقعو ياد اچي ويو ـ سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪريان ـ اٽڪل 15 ـ 20 ورهيه اڳ، مون سوچيو ته ٽي ڊگريون هئڻ جي باوجود، هڪ وڌيڪ ڊگري حاصل ڪجي ـ اهو سوچي مون ڪراچي يونيورسٽيءَ کان ايم .ايَ سنڌيءَ ۾ رجسٽريشن ڪرا ئي ـ جڏهن امتحان ڏيڻ ويس ته سنڌيءَ جو پيپر مليو ۽ مان پيپر حل ڪرڻ ۾ جُنبي ويس ـ ڪمري ۾ سڀ سنڌي شاگرد هئا جيڪي مون وانگيان سنڌي ٻوليءَ جو، ايڪسٽرنل اميدوار طور پرچو ڏئي رهيا هئاـ اوچتو ڪيترا سنڌي شاگرد اُٿي بيٺا ۽ هنن هُل مچائي ڇڏيو، سندن اها دعوى هئي ته ٻين ڪمرن ۾ شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ ڏني وڃي ٿي پر اوهان (نگراني ڪندڙ استاد) اسان کي ڪاپي ڪرڻ نه ٿا ڏيو ڇاڪاڻ ته اسان سنڌي آهيون ـ مان اهو سڀ ٻڌي ششدر ٿي ويس ـ پهريان ته ڪا ڳالهه سمجھه ۾ ڪونه آئي وري جڏهن آئي ته سنڌي شاگردن جي حالت تي ڏاڍو ارمان ٿيم ته کين سنڌيءَ جو سولو پيپر به نه ٿو اچي ۽ ان ۾ ڪاپي ڪرڻ چاهين ٿا ـ نگران استاد جيڪي ڏسڻ ۾ غير سنڌي ٿي آيا سي سندن بليڪ ميل ۾ اچي ويا ۽ ڊڄي سنڌي شاگردن کي سنڌي جي پرچي ۾ ڪاپي ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيائون ـ مون ته ايم اي سنڌي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي ۽ بعد ۾ ايم .اي انٽرنيشنل رليشنس به ساڳي يونيورسٽيءَ کان ڪيم پر ڪاپي ڪندڙ سنڌين جو ڪھڙو حشر ٿيو سا خبر ڪانه اٿم..!!
بري جونتيجو به برو سائين ٻڌو اٿونه ته هڪ ته چوري ٻيو وري سينا زوري............ سنڌي شاگردن کي اهو شعور ڪون هيو ته هو ڪاپي ڪرڻ لاء زور ڀري رهيا آهن ته ان ۾ نقصان ڪنهن جو ......... غير سنڌي استاد ته چوندو ته ڀلي ٻيلو ٻڏين.... اهي سڀ ڪم اسان وارن قومپرستن جا آهن
اڄ ڪلهه تعليم تمام گهڻي تباهه ٿيندي وڃي پئي، ڪاپي ڪلچر هاڻ سنڌ جو رواج بڻجي پيو آهي، جيڪي اسڪول پئسا وٺي پڙهائين پيا اهي پاڻ ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيا آهن.