محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ 01

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    محمد خان سيال جون ساروڻيون ـ 01
    سنڌين شاگردن سان ’نا انصافيءَ‘ جو مثال

    مان تازو ڪراچي يونيورسٽي ويس ته هڪ پراڻو واقعو ياد اچي ويو ـ سوچيم ته دوستن سان ونڊ ڪريان ـ
    اٽڪل 15 ـ 20 ورهيه اڳ، مون سوچيو ته ٽي ڊگريون هئڻ جي باوجود، هڪ وڌيڪ ڊگري حاصل ڪجي ـ اهو سوچي مون ڪراچي يونيورسٽيءَ کان ايم .ايَ سنڌيءَ ۾ رجسٽريشن ڪرا ئي ـ جڏهن امتحان ڏيڻ ويس ته سنڌيءَ جو پيپر مليو ۽ مان پيپر حل ڪرڻ ۾ جُنبي ويس ـ ڪمري ۾ سڀ سنڌي شاگرد هئا جيڪي مون وانگيان سنڌي ٻوليءَ جو، ايڪسٽرنل اميدوار طور پرچو ڏئي رهيا هئاـ اوچتو ڪيترا سنڌي شاگرد اُٿي بيٺا ۽ هنن هُل مچائي ڇڏيو، سندن اها دعوى هئي ته ٻين ڪمرن ۾ شاگردن کي ڪاپي ڪرڻ ڏني وڃي ٿي پر اوهان (نگراني ڪندڙ استاد) اسان کي ڪاپي ڪرڻ نه ٿا ڏيو ڇاڪاڻ ته اسان سنڌي آهيون ـ
    مان اهو سڀ ٻڌي ششدر ٿي ويس ـ پهريان ته ڪا ڳالهه سمجھه ۾ ڪونه آئي وري جڏهن آئي ته سنڌي شاگردن جي حالت تي ڏاڍو ارمان ٿيم ته کين سنڌيءَ جو سولو پيپر به نه ٿو اچي ۽ ان ۾ ڪاپي ڪرڻ چاهين ٿا ـ نگران استاد جيڪي ڏسڻ ۾ غير سنڌي ٿي آيا سي سندن بليڪ ميل ۾ اچي ويا ۽ ڊڄي سنڌي شاگردن کي سنڌي جي پرچي ۾ ڪاپي ڪرڻ جي موڪل ڏئي ڇڏيائون ـ مون ته ايم اي سنڌي فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪئي ۽ بعد ۾ ايم .اي انٽرنيشنل رليشنس به ساڳي يونيورسٽيءَ کان ڪيم پر ڪاپي ڪندڙ سنڌين جو ڪھڙو حشر ٿيو سا خبر ڪانه اٿم..!!
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    بري جونتيجو به برو
    سائين ٻڌو اٿونه ته هڪ ته چوري ٻيو وري سينا زوري............ سنڌي شاگردن کي اهو شعور ڪون هيو ته هو ڪاپي ڪرڻ لاء زور ڀري رهيا آهن ته ان ۾ نقصان ڪنهن جو ......... غير سنڌي استاد ته چوندو ته ڀلي ٻيلو ٻڏين....

    اهي سڀ ڪم اسان وارن قومپرستن جا آهن
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    اڄ ڪلهه تعليم تمام گهڻي تباهه ٿيندي وڃي پئي، ڪاپي ڪلچر هاڻ سنڌ جو رواج بڻجي پيو آهي، جيڪي اسڪول پئسا وٺي پڙهائين پيا اهي پاڻ ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏئي رهيا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو