سياسي تاريخ

'سنڌي ادب' فورم ۾ محمد خان سيال طرفان آندل موضوعَ ‏6 سيپٽمبر 2014۔

  1. محمد خان سيال

    محمد خان سيال
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    1,388
    ورتل پسنديدگيون:
    1,726
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    Writer, Analyst
    ماڳ:
    Houston, TX, USA
    شيخ مجيب الرحمان جي 6 نقطن مان هڪ نقطوسنڌ جي خلاف هو

    ڪجھه تاريخي حقيقتون هونديون آهن جن کان ڪنهن به صورت ۾ منهن موڙڻ ٺيڪ نه هوندو آهي ـ جيتوڻيڪ اسان سڀني کي بنگالين سان همدردي رهي آهي جيڪا درست آهي پر اها به حقيقت آهي ته انهن جي 6 مان، هڪ نقطو سنڌ لاءِ سخت هاڃيڪار ثابت ٿئي ها ـ جيڪڏهن 6 نقطن تي عمل ٿئي ها ته سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ ساري زندگي پڇتائين ها ـ اهو هڪ علمي بحث آهي جنهن تي علمي بحث ٿيڻ گھرجي، جذباتي نه ـ
    اها به تاريخي حقيقت آهي ته جڏهن عوامي ليگ جو سربراهه شيخ مجيب الرحمان اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) جي دوري تي آيو ته سنڌ ۾ جت هن 6 نقطن جي فائدي ۾ ڳالهايو ته اتي سائين جي ايم سيد سندس موجودگيءَ ۾ 6 نقطن ۾ ڄاڻايل هڪ نقطي جي چٽن لفظن ۾ مخالفت ڪئي جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته ملڪ اندر سکڻو هڪ ايوان هوندوـ ان جو مقصد ٿيو ته ملڪ اندر سينيٽ يعني مٿيون ايوان ڪونه هوندو ۽ سکڻي قومي اسيمبلي هوندي ـ دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو مثال ڪونه ٿو ملي ـ سينيٽ جو نه هئڻ ننڍن صوبن لاءِ انتھائي هاڃيڪار هوندو آهي ـ
    مٿان شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ، ميڊيا موجب اڳ ۾ ئي آئين تيار ڪري ڇڏيو هو، انهن کي اجلاس سڏائي سکڻي منظوري وٺڻي هئي پر اجلاس ڪونه ٿي سگھيو ـ اسان جي دوستن کي گھرجي ته جذباتي بحث ڪرڻ بدران 6 نقطا پڙھي ۽ هڪ ايوان واري حقيقت ۽ اهميت ڏسي پوءِ بحث ڪن ۽ هروڀرو هوا ۾ لٺيون نه هڻن ته مهرباني ـ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو