شاعري جي معلومات محاڪات ڇا آهي؟

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    ”نرمل“ کوهارو
    شاعري جي معلومات
    محاڪات ڇا آهي؟
    ڪنهن شيءَ يا ڪنهن حالت جي جيئري جاڳندي نقشي کي جنهن کان انهيءَ شي يا انهيءَ حالت جي تصوير اکين اڳيان ڦري وڃي، تنهن کي محاڪات چوندا آهن. شاعر پنهنجي محاڪات جي قوت سان پنهنجن خيالن ۽ مشاهدن جو فوٽو ڪڍي ٿو. جهڙي طرح هڪڙي مصور کي تصوير ڪڍڻ جي لاءِ جدا جدا شين جي ضرورت پوندي آهي، تهڙيءَ طرح شاعر کي محاڪات جي لاءِ تشبيهه ۽ تمثيل جي ضرورت ٿيندي آهي، پر فرق اهو آهي جو مصور رڳو محسوس شين کي پنهنجي رنگ ۽ روغن سان چمڪائي ٿو سگهي ۽ شاعر پنهنجي محاڪات سان غير محسوس شين کي پڻ ڏيکاري سگهي ٿو.
    محاڪات پيدا ڪرڻ لاءِ ڪهڙين ڳالهين جي ضرورت آهي، انهن جو ذڪر هيٺ ڪجي ٿو:
    موقعي موافق وزن استعمال ڪرڻ ڪري محاڪات حاصل ٿي سگهي ٿي. هن ڳالهه ۾ ڪنهن کي به شڪ نه آهي ته سوز، غم، رنج، جوش، ڪاوڙ يا تعصب جي اظهار ڪرڻ لاءِ مختلف لهجا ٿيندا آهن. انهيءَ ڪري جنهن به جذبي جي محاڪات پيداڪرڻ جو مقصد هجي ته شعر جو وزن به ان جي مناسبت سان رکڻ گهرجي.
    اصلي شيءَ جي مطابق تصوير ڪڍڻ سان محاڪات حاصل ٿي سگهي ٿي، مٿي بيان ڪيل آهي ته شاعرانه تصوير نه اهڙي هجي، جو اصليت کان بعيد هجي ۽ نه اهڙي هجي جنهن ۾ هوبهو فوٽو ڪڍيل هجي يا اهڙي هجي جنهن ۾ تخيل جي ڪا به جهلڪ نظر نه اچي. جيڪڏهن رڳو اصليت جو نقش هوندو ته به اهم ڪونهي، پر تخيل شعر جي روح هئڻ ڪري نظم کي دلڪش بنائي ٿو. تنهن ڪري تخيل جي جهلڪ ضرور هئڻ گهرجي.
    شاعر ئي انساني زندگيءَ جي انفراديءَ ۽ اجتماعي، داخلي ۽ خارجي پيڙائن، تمنائن، اميدن ۽ آرزوئن، مسرتن ۽ محرومين جي مربوط، موزون ۽ منظوم اظهار خيال جو ٻيو نانءُ آهي: شاعري ادب جي حساس ۽ لطيف ترين صنف آهي، جنهن کي دنيا جي قديم توڙي جديد ادب جي تاريخ ۾، نثر جي مقابلي ۾ انهيءَ ڪري به اهميت حاصل آهي، جو شاعري، پنهنجي ظاهري سونهن، هيئت، لفظن جي جڙاوت ۽ معنوي لطافت ۽ گهرائي، ميٺاڄ ۽ موسيقيت ۽ رڌم جي لحاظ سان سڌو سنئون روح تي اثر انداز ٿيندڙ آهي، شعور کي ڇرڪائيندڙ ۽ دلين جي تارن کي ڇيڙيندڙ، جذبن کي گرمائيندڙ ۽ امنگن کي ڀڙڪائيندڙ ادبي صنف آهي.
    شاعرن ئي قومن جي تهذيبي تشخيص جي سڃاڻپ لاءِ ۽ سندن ادب جا اهڃاڻ ۽ نشان بڻيل هوندا آهن. اهي انهن قومن جا خاص شاعر ته هوندا ئي آهن پر اهي انساني تهذيب جي گڏيل وارثي جا خالق، امين ۽ ترجمان به هوندا آهن. ان ڪري سندن حيثيت عالمي به هوندي آهي، مثال جيئن هومر (سموري يوناني تهذيب جو عڪاس) ورجل (لاطيني سڀيتا جو عيوضي)، شيڪسپيئر (انگلينڊ جي ورثي جي امين) ان ئي بنياد تي فردوسي (ايران جي عروج و زوال جو آئينو)، پشڪن (روس جي فڪر انگيز تاريخ جو مظهر) ۽ شاهه لطيف (سنڌجي سڀيتا جو امين) قرار ڏنا وڃن ٿا. شيخ اياز لکي ٿو ته ”سنڌي شاعريءَ مان ڀٽائيءَ جي شاعري ڪڍي وڃي ته ان جو سارو سرمايو هڪ واهڻي واٽهڙوءَ جي هڙ جيترو مس ٿيندو، جنهن ۾ اڳڙين ٺڳڙين کان سواءِ ڪجهه نه هوندو.“ ٽينس جي چواڻي ته:’نظم آهي اونهي مشاهدي بابت اندر جي اوت، جيئن مينهن ڪڻي سپ جي سيني ۾ موتي بنجي ٻاهر اچي ٿي، تئين مڌر، سهڻو ۽ صحتمند خيال، شاعرجي من ۾ حرفن جو هيرو بنجي ٻاهر اچي ٿو ۽ اوندهه ۾ ويٺل انسانن جي پنهنجي جوت جي جهلڪ سان رهنمائي ڪري ٿو‘.اصلي شيءَ جي هر هڪ اهم ۽ ضروري جزي کي بيان ڪرڻ سان محاڪات حاصل ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن شاعر کي يارن جي موڪلاڻي جو منظر چٽڻو آهي ته کيس انهيءَ فراق واري سين يا منظر جا سڀئي جزا بيان ڪرڻ گهرجن. جهڙوڪ: هنن جدائيءَ وقت هڪ ٻئي طرف ڪيئن ٿي ڏٺو، ڪيئن ٿي ڀاڪر پائي ٿڌا ساهه کڻي ڳوڙها ڳاڙيائون. ڪيئن ٿي اوڇنگارون ڏيئي الوداع ڪيائون، ڪهڙي درد ڀريل لهجي ۾ ڳالهائي ڪيئن ٿي دل کي ڏڍ ڏنائون، رخصت وٺڻ وقت ڪهڙيون ڳالهيون ۽ حرڪتون ٿي ڪيائون، جدائيءَ جي شروعاتي دور ۾ دل جي ڪهڙي ڪيفيت هُئي.
    ٽينس جي انهيءَ تشريح مان شاعريءَ جي ڪارج، موضوع ۽ داخليت ۽ خارجيت جي حسين ۽ خوبصورت امتزاج، خيال، رويي، مشاهدي ۽ سوچ جي گهرائيءَ، ارتقا ۽ شاعر جي اندر ولوڙ جو مسئلو خود بخود سمجهه ۾ اچي ٿو، سنڌي شاعريءَ ۾ خاص طور تي گيتن جي هڪ تمام وڏي ۽ سگهاري سرجڻهار سائين عارف الموليٰ کان ڪنهن پڇيو هو ته سائين شاعري آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته:’شاعري دل جي نازڪ احساسن، امنگن، اڌمن ۽ جذبن جي اظهار جو ٻيو نالو آهي. دل جي ساز تي جڏهن ڪا ٺوڪر لڳي ٿي، ته دل جو آواز لفظن جو روپ وٺي، چپن تي اچي ٿو، اها ئي شاعري آهي‘.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: شاعري جي معلومات محاڪات ڇا آهي؟

    شاعري بابت اهڙي بهترين معلومات سنڌ سلامت فورم تي ونڊ ڪرڻ تي توهان جس لهڻو

    توهان جي اهڙي ئي ٻئي تحرير جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاعري جي معلومات محاڪات ڇا آهي؟

    بيشڪ فقير سائين، ادو نرمل هڪ ادبي استاد جيئان اسانجي هن اوطاق تي پاڻ ملهائي رهيو آهي، سندس هر ليک معلوماتي ۽ ڪارائتو هوندو آهي ۔۔۔ سندس ليک عام طور تي اسان سڀني کي پڙهي ادب جي بنيادي ڄاڻ ڏين ٿا پر خاص طور تي سنڌي ادب جي پانڌيئڙن جيڪي سنڌي ادب ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن، انهن لئه ته تمام ڪارائتا آهن ۔۔۔۔
    مهرباني دوست ۔۔۔۔
    =d>
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شاعري جي معلومات محاڪات ڇا آهي؟

    ادا نثار ابڙا توهان بلڪل سچ چيو آهي، ڀاءُ نرمل شاعريءَ جي باري ۾ وضاحتن ۽ سمجهاڻين سان اها ونڊ اسان سان ونڊي رهيو آهيو، جنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي، مون سميت اسان جا ڪافي سارا خادم الادب دوست محترم نرمل جا هي تاريخي معلوماتي مضمون پڙهي تمام گهڻي ڄاڻ حاصل ڪري رهيا آهن۔ لاجواب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو