منصور سرور
سينيئر رڪن
احمد خان جمالي
اجرڪ ۽ ٽوپي جو ڏهاڙوڪجهه سالن کان سنڌ جي ثقافت جي ڏهاڙي جي نالي سان ملهايو ويندو آهي. اهو درست آهي ته ”ثقافت“ هڪ ”جامد“ يا هڪ جاءِ تي بيٺل شئي جو نالو نه آهي ۽ نه ئي ثقافت ڪنهن به هڪ ڏهاڙي جي محتاج آهي. پر ان جي باوجود ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ مثبت ۽ سٺو عمل آهي. پر اهو به ذهن ۾ رکجي ته سنڌ ۾ اجرڪ، ٽوپي، رلي، وڃڻو، مٽيءَ جا ٿانو ۽ چٽ سالي وغيره، ”گهريلو صنعت“ سان واڳيل آهن. اهي سڀ اصل ۾ گهريلو صنعت جا ”اسم“ آهن.
پر ٽيڪنالاجي ۽ صعنتي ترقي جي نتيجي ۾ هاڻي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ نه ته انهن ”مرحلن“ مان گذرن ٿا جن مان ”گهريلو دستڪاري“ جي دوران گذرندا هئا. ته نه ئي منجهن اها ” ڪشش“ ۽ اصليت“ رهي آهي. ٽوپين جا رنگ ڏسو يا اجرڪن جا ڪپڙا ۽ پرنٽ ڏسو، سچ پچ ته اسانجي” گهريلو دستڪاري پنهنجن گهرن مان ئي بيدخل ٿي رهي آهي ۽ اسين هر سال هڪ ڏينهن ڪروڙين رپيا مصنوعي اجرڪن ۽ ٽوپين تي خرچ ڪري ”نچڻ“ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون.
ثقافت کي صرف ٽوپي ۽ اجرڪ تائين محدود ڪرڻ ۽ سڄو ڏينهن پنهنجي خرچ تي ڪروڙين روپيا ”نچڻ“ تي خرچ ڪرڻ، ڇا نظرثاني گهرندڙ عمل نه آهن؟؟
حيرت ۽ مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪروڙين روپين سان ٺهندڙ اهي مصنوعي اجرڪن ۽ ٽوپيون، اسان سنڌي پنهنجو پاڻ خريد ڪري، پنهنجو پاڻ ۾ ورهائيندا ۽ ميڊيا جي لاءِ تصويرون ڪڍرائيندا رهندا آهيون. جڏهين ته ٿيڻ ائين گهرجي ته ”گهريلو صنعت“ ۽ ”دستڪاري“ جي سڀني اسمن جي سرپرستي ۽ همت افزائي ڪجي ته اُهي سمورا اسم يعني ٽوپي، اجرڪ، رلي، وڃڻو، مٽي جا ٿانون وغيره وڏي پئماني تي پنهنجي ”اصليت“ برقرار رکن ۽ پوءِ ان ثقافتي ڏهاڙي تي هر واهڻ هر شهر ۾ اهڙيون ” تقريبون“ ترتيب ڏجن جتي ان واهڻ يا شهر ۾ رهندڙ ٻين ثقافتي اقليتن سان واسطو رکندڙ شهرين کي دعوت ڏيئي، کين تحفي ۾ اهي مختلف اسم ڏيڻ گهرجن ته جيئن عرصي کان آباد ٻين برادرين ۽ ”ثقافتي اقليتن“ سان واسطو رکندڙ ديس واسين کي ”پنهنجائپ“ جو احساس ڏياري، پنهنجو بنائي سگهجي.
ٿورو تصور ڪيو ته جيڪڏهين اسان منظم طريقي سان مختلف شهرن ۽ وڏن شهرن جي مختلف پاڙن ۾ اهڙيون تقريبون منعقد ڪيون ۽ باقاعده ”سيل اسٽال“ به لڳايون ۽ چونڊ شهرين کي توڙي لساني برادرين سان واسطو رکندڙ بااثر ”ديس واسين“ کي پنهنجائپ جو احساس ڏيارڻ جو اهو مثبت سلسلو شروع ڪجي ته ان جا ڪيڏا نه سُٺا، تعميري ۽ خودشگوار نتيجا نڪري سگهن ٿا.!؟
اسان جون تقريبن سموريون سياسي جماعتون پڻ ثقافتي ڏهاڙي تي سرگرميءَ سان حصو وٺنديون آهن. ان ڪري آئنده، هر سال ان ڏينهن کي”لاڀائتو“ بنائڻ لاءِ جيڪڏهن اول ئي منظم طريقي سان پروگرام ترتيب ڏجن ته سچ پچ اهي ڪروڙين روپيا ائين ضايع ٿيڻ کان بچي پوندا.
سنڌ جي سڀني شهرن وانگر جيڪڏهن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي مختلف پاڙن ۾ ان ڏينهن کان هفتو کن اول ئي مختلف هنڌن تي اسٽال لڳائي انهن ” اسمن“ سان وابسطه ماڻهن کي اهي ”اسم“ وڪرو ڪرڻ ۽ ”نمائش“ ڪرڻ لاءِ سهولتون ڏجن يا سرپرستي ۽ همت افزائي ڪجي ۽ ان جو هڪ مخصوص ڏينهن تي وري انهن ئي پاڙن ۾ انهن ئي هنڌن تي اتان جي رهندڙ چونڊ شهرين کي ”تحفو“ ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪجي ته اوهان پاڻ فيصلو ڪيو ته ان جا ڪيڏا نه خوشگوار نتيجا نڪري سگهن ٿا. هر هنڌ پنهنجائپ جي مثبت جذبن سان مختلف لساني برادرين سان واسطو رکندڙ چونڊ ۽ بااثر شخصيتن کي ”مان“ ۽ ”عزت“ ڏيئي تحفا ڏيڻ سان ئي اصل ۾ ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو مقصد حاصل ڪري سگهجي ٿو.
ان ڪري سڀني متعلقه قوتن ۽ ميڊيا جي سڀني ذريعن سان وابسطه سڄڻن کي اها گذارش آهي ته مهرباني ڪري ثقافتي ڏهاڙي جي ماضيءَ جي تقريبن جي نتيجن کي نظر ۾ رکي هينئر کان ئي مستقبل جي لاءِ تعميري تجويزن ڏانهن ڌيان ڏين ۽ جيڪڏهن اڃا به وٽن وڌيڪ تجويزون آهن ته بيشڪ ان مطابق ان ڏينهن کي وڌيڪ لاڀائتو بڻائين ته جيئن ”ناچو قوم“ جو طعنو بار بار نه سهڻو پوي ۽ نه ئي سنڌ جي ”ثقافت“ کي ايئن رُلائي ڇڏجي ۽ اهڙي طرح ”گهريلو دستڪاري“ سان وابسطه اصل پورهيتن کي بي روزگار ٿيڻ کان به بچائي سگهجي.