سنڌي شاعريءَ ۾ مرثئي جي روايت ۽ سيد ثابت علي شاه

'سنڌي ادب' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    69
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    موڪليندڙ: ”نرمل“کوهارو
    سنڌي شاعريءَ ۾ مرثئي جي روايت ۽ سيد ثابت علي شاه
    مرثيو اصل ۾ عربي زبان جو لفظ آهي، جيڪو رثي مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي روئي ڪنهن جون نيڪيون ۽ گُڻ بيان ڪرڻ، علم و ادب جا پارکو ۽ ماهر مرثئي جا ٻه مفهوم ٻڌائين ٿا. هڪ عام مرثيو ۽ ٻيو خاص مرثيو عام مرثيو ان نظم کي چوندا آهن جنهن ۾ مرڻ واري جي خوبين جو ذڪر ڪري ان جي موت تي افسوس ڪيو وڃي. ليڪن خاص مرثيو ان نظم کي چئبو آهي جنهن ۾ حضرت امام حسين عليه السلام جي شهادت ۽ ڪربلا جي ڪوس متعلق واقعيات درد انگيزي نموني بيان ڪيا وڃن، تنهن ڪري اڄ ڪلهه جي عالمگير اصطلاح موجب مرثئي جي معنيٰ ئي (اهو رزميه ڪلام جنهن ۾ ڪنهن جنگ ۽ شجاعت جو ذڪر هجي) آهي. بلخصوص جنهن ۾ ڪربلا جي درد انگيزي واقعي بابت بيان ڪيل هجي.
    سنڌي شاعري ۾ مرثيه گوئي جي ابتدا ڪندڙ ۽ مرثيه نگاري کي عروج واري معراج بخشيندڙ مرحوم سيد ثابت علي شاه ڪربلائي آهي. جنهن ڪري کيس جديد دور جي مرثئي جو باني سڏيو وڃي ٿو.
    شاهه صاحب ڪربلا جي ڪوس جي دردناڪ واقعي کي نهايت ئي دلسوز نموني پنهنجن مرثين ۾ بيان ڪيو آهي.
    ڪربلا ۾ قتل ٿيو تنهنجو حُسيني ڪاروان
    خاڪ سِر وسندا پٽيندا سام ڪوفي طرف ٿيا روان.
    سيد ثابت علي شاه سيوهڻ جي سادات گهراڻي جي سيد مدار علي شاه جو فرزند هو، سندس ولادت باسعادت 1153هجري بمطابق 1740ع ۾ سنڌ جي اولياءِ خيز بستي سيوهڻ شريف ۾ ٿي. شاه صاحب کي ننڍي هوندي کان ئي شعر و شاعري پڙهڻ ۽ پروڙڻ جو شوق رهيو. فارسي زبان سکڻ بعد فارسي زبان جي مقامي ۽ پرڏيهي شاعرن جو ڪلام مجالس ۾ پڙهڻ لڳو پر حقيقي معنيٰ ۾ مرثين لکڻ جو شوق کيس سجاده نشين درگاه حضرت لعل شهباز قلندر سيد اسدالله شاه حسيني ڏياريو ۽ پاڻ سندس چوڻ تي سنڌي زبان ۾ مرثين چوڻ جي شروعات ڪئي ۽ سنڌي مرثئي جا سڀ لوازمات پيش ڪري سنڌي مرثئي کي معراج تي پهچايو. سيد ثابت علي شاه علم عروض تي ٺهيل موزون شاعري جو پهريون ئي شاعر آهي جنهن سنڌي ۾ مرثيا چيا آهن ۽ سنڌي شاعري ۾ هن صنف سخن کي نئون ۽ جديد رنگ بخشي مقبول عام بنايو ۽ سندس مرثين ‎۾ اهي سڀ خوبيون ملن ٿيون جيڪي مرثئي لاءِ ضروري آهن جيئن پاڻ فرمائي ٿو:
    مرثيو سنڌي اڳهين هو ڪو نه اصل سنڌ ۾،
    جي ڪو هوتا پڻ نه هو مشهور هن پر هرڪجا
    سندس مرثين ۾ ڪربلا جي قضيي جو اول تا آخر تائين احوال ڏنل آهي، ان ۾ واقعيات جي ترتيب، صبر ۽ مردانگي جو مظاهرو، جنگ جي منظر نگاري، لفظن جي چونڊ سهڻي ۽ سليس پر دلسوز انداز ۾ بيان ڪيل آهي. اهو سندس دل جو آواز هو جنهن لفظن جي ترتيب سان مرثئي جي شڪل ورتي. کين جيڪا اهلبيت عظام عه سان حُب هئي، ان جي عشق جي اُچار سان جيڪي زبان مان نڪتو ٿي اهو سندن درد ڀريل دل جو آواز جنهن سبب ئي سندن مرثين ۾ بيحد درد سوز سمايل آهي. سندن ڪلام مان انتخاب پيش ڪجي ٿو. رب جي رضا تي راضي ٿي حضرت امام حسين عه جو سفر قضا ڏي اُسهڻ جو ذڪر سائين ثابت علي شاه هيئن ٿو ڪري:
    ٿي رضا تي راضي سيد سفر جو ساز ڪيو،
    هن دغابازن جي دعوت جو مڃڻ لاچار ٿيو.
    اهل و اطفال سڀ هادي ڪري همراهه هليو،
    اڳ ۾ عزرائيل ٿيو سونهون مقرر يا حسين.
    سفر جون منزلون طئي ڪندي جڏهن امام عالي مقام ڪربلا تي پهچي ٿو ته ساٿين کان هن زمين بابت پڇي ٿو:
    شاه چيو هن پٽ جو ڇا هي، نانءَ يارو چئو،
    عرض ڪيو يارن ڪ آهي ڪربلا نانءَ هن سندو.
    شاه جڏهن ڪربلا جو نانءَ يارن کنيو ٻڌو،
    پيو لهي گهوڙي تئون چيئين الله اڪبر ياحسين عه.
    اهڙي ريت سيد ثابت علي شاه ڪربلا جو احوال ڏيندو اڳتي وڌي ٿو ۽ ڪربلا جي ڪوس جي منظر پسائي ٿو:
    هڪ طرف قاسم ڪُٺو هن هنڌ علي اڪبر ڪُٺو،
    هن طرف عباس هو هت عوم ۽ جعفر ڪُٺو.
    هت ڪريا مسلم جا پٽ هَت احمد ۽ اصغر ڪريو،
    سڀ لڏيا ساٿي اٿي، تون ڀل سفر ڪر ياحسين.
    آخر ۾ امام حسين پاڻ جنگ جي ميدان ۾ تيرن جي زخمن کان چور ٿي زمين تي ڪري ٿو ۽ شمر ظالم سندس سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ڪري نيزي تي چاڙهي ٿو. سيد ثابت علي شاه هن واندوهناڪ نظاري جو بيان ڪندي چوي ٿو:
    آخر ان مظلوم جو سر شمر ظالم ڪيو جدا ،
    چاڙهي نيزي تي ڪيائون قوم جو قبله نما.
    سر شهيدن جا جڏهن نيزن مٿي چاڙهڻ لڳا،
    حشر ٿيو نيزي چڙهيو خورشيد انور ياحسين.
    هتي ڪربلا جي ڪوس ۽ رت جي راند جي پڄاڻي ٿئي ٿي ان بعد سيد ثابت علي شاه مرثئي ۾ آيل آل رسول جو قيد ٿيڻ ۽ شام جي درٻار يزيد ۾ پيش ٿيڻ ۽ مديني واپسي جا واقعيات نهايت پر درد ۽ پرسوز طريقي سان بيان ڪيا آهن.
    ساٿ ري سردار قيدي ڪربلا مظلوم جا،
    سر پٽيا ماتم ڪندا جڏهن شام ڏي روئندا هليا.
    ٿي پڇيو جنهن ڪنهن ڪ هي بي وارث آهن ڪنهن سندا،
    ان تي چيو آهيون مديني جا مسافر مبتلا.
    هي بي ناموس جنهن جو حال اڄ آهي تباهه،
    سو حسيني قافلو هو، جنهن جو ماريو بادشاهه.
    سيد ثابت علي شاه بيمار ڪربلا جي مديني پهچڻ کي هن طرح بيان ڪيو آهي:
    سر هڻي در تي، وجهي سر خاڪ ماتم اک يتيم،
    منهن ڪري ناني ڏي ڪئي فرياد گهايل دل دونيم.
    يارسول الله اسان تي ظلم ڪيا اُمت عظيم،
    يامحمد صه الغياث از ڪوفيان از شاميان.
    شاه صاحب جا مرثيا فصاحت و بلاغت جي لحاظ کان وڏي اهميت جا حامل آهن. منجهن لفظي ۽ معنوي صفتون اعليٰ آهن. اصطلاح ۽ تشبيهون پڻ ڪتب آندل آهن. سيد ثابت علي شاه جو ڪلام مرثين کان سواءِ مسدس، مخمس، سلام، نوحا، قصيدا، منقبت، زيارت نامو، طفرنامو ۽ ڪيترن جنگين جي احوال تي مشتمل آهي. سندن سمورو ڪلام چهارده معصومين عليه السلام جي محبت ۽ الفت جو مظهر آهي، ڪلام جي رواني ۽ وضاحت سنڌي ٻولي تي مڪمل عبور جو ثبوت آهي، بقول مولانا غلام محمد گرامي جي ته ” سيد ثابت علي شاه جو ڪلام سنڌي ادب جو بي بها خزانو آهي“ سنڌ جي شاعري جي گلدستي جو هي سهڻو ۽ سرهو گل سڄي سنڌ ڌرتي کي واسي سن 1225هجري مطابق سن 1810ع ۾ دارالبقا ڏانهن رهي ٿيو. سندس مزار سيوهڻ شريف ۾ زيارت گاه خاص عام آهي سندس اولاد هن وقت ميرن جي قبن تي حيدرآباد ۾ مقيم آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو