سنڌ سلامت جي فيس بڪ صفحي تي لکيل سائين شفيق احمد جوکيو جا هن ڏهاڙي بابت ويچار۔۔۔
سنڌڙي
اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
آڪاش نه چلڪيل چمڪيل آ
ڌرتي تنهن جي دلدل آ
اتر انجو اجڙيل آ
۽ ڏکڻ لاڙ ڏکايل آ
اوڀر انجو اوندهه آ
۽ اولهه باهه بگولو آ
هير هوا ڄڻ ته لک بڻي آ
ڌرياهه ڌڌڙ ۽ واري آ
سمونڊ بڻيو ڄڻ دونهون آ
منڇر ٿي ويئي ڪئوڙي آ
ته ڪيجهر ڪاري واري آ
مڇي نه ڍنڍ تي پکي رهيو آ
نه چانور سڳداسي پلو رهيو آ
ديبل جي ويو دٻجي آ
ته شهر ڪراچي به ڪين رهيو آ
ڪاڇو موت جو پاڇو آ
گورک م نه گل کليو آ
رني ڪوٽ جي ويو ڦٽي آ
ته نيرون ڪوت به ڪٽ چڙهي آ
ڪارونجهر کاڻ نه ڪوئلو آ
ٿر ويو بڻجي بنجر آ
سکر سڙيو ته بکر ڀريو آ
ٺٽو ننگر لوسٽ ٻوسٽ آ
نه ڄام نندو ۽ تماچي آ
نه راڻي نوري نماڻي آ
نه مخدوم بلاول شهيد ئي آ
۽ شاهه عنايت صوفي صاف شهيد ئي آ
نه عبدالڪريم بلڙي وارو فنا في الله
شاهه ڀٽائي جي رڳو دعا رهي آ
نه محمد امين ٺٽوي مخدوم ئي آ
۽ نه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي آ
نه لعل لنواري مخدوم محمد زمان آ
نه سرور نوح مخدوم هالائي آ
اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
نه پير محمد راشد روضي ڌڻي آ
۽ سورهيه بادشاه شهيد اعظم آ
نه جلاوطن سنڌ امام عبيدالله سنڌي آ
۽ مجاهد سنڌ مولانا محمد صادق کڏي وارو آ
نه منطوم شاعر علامه حاجي احمد ملاح
شڪارپور ٿي بيڪار پور آ
نه الله بخش سومرو شهيد آ
۽ سن جو سائين جيم سيد ئي آ
لاڙڪاڻو ته ڪاڻو آ
ڪين رهيو ڪو سياڻو آ
نه ڀٽو شهيد ۽ راڻي بينظير ئي آ
۽ مرتظي ڀٽو مير ئي آ
نه راهو فاضل راهو شهيد آ
اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
اڄ سنڌ سڄي سورن م آ
جوکيو مسڪين، شفيق به اڄ مايوس آ