غزل

غزل

اسان جي روح جي راحت اوهان سان ئي دلبر آ

اسان جي روح جي آٿت اوهان سان ئي دلبر آ

پسايو جي پنهنجو مکڙو ته سو قربان ٿي سوچون

اسان جي سوچ جو شدت اوهان سائين دلبر آ

ڪمي ڪا قرب ۾ آهي جو وصل لئه پيا لوچون

محبت هي وڏي مدت اوهان سان ئي دلبر آ

ڪيون ڪاٿو ڪٿان پنهنجو نه ئي هوش هي آهي

ائين بي لوث هي رغبت اوهان سان دلبر آ

ائين راتين جا اوجاڳا ڳڻيو تارن ڪتين کي آ

اسان جي چاه کي چاهت اوهان سان ئي دلبر آ

جدائي جان ڳاري ٿي محبت يار ماري ٿي

اسان جي عشق کي عادت اوهان سان ئي دلبر آ


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top