• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سياسي نظم (سياست)


2rfya1z.jpg

سياست




هِي مُلڪُ تماشو آ، تماشائي آسياست
بي ڍنگ ۽ بيڪار هَٿَن آئي آ سياست


رِياسَتَ سَندَي نِظَامَ کي بَدِلِڻَ جَڏهن هَلِي
مِرگهيءَ جِيان ڪِنهن بُوٽَ سان ماٺائي آ سياست


ڌرڻن ۾ وٺي ويو ، ته ڪنهن ٽي ويءَ تي رلايو
ڄَڻُ ڳائڻيءَ جي گَهرَ جي ڪا ڄائي آ سياست


ڪنهن کي نه سمجهه آئي سياست جي الف ب
ڪِن ڄَڻُ پنهنجي هٿن سان نِپَائِي آ سياست


درويش ڇو هَرُو ڀَروُ ٿو ذهن کپائين؟
هِنَ مُلڪَ ۾ بَيڪار ۽ اجائي آ سياست



عمران درويش سومرو




 
درويش ڇو هَرُو ڀَروُ ٿو ذهن کپائين؟
هِنَ مُلڪَ ۾ بَيڪار ۽ اجائي آ سياست



درويش بلڪل صحيح .... پر ڏوهه سياست تي نه ڏيو ... ڏوهه سياستدانن جو آهي جن سياست کي بدنام ڪيو آهي. سياست ۾ ڪي سٺا نالا به آهن جيڪي سدائين ياد رهندا.

سياست ان ڪري به بدنام آهي جو اسان جهڙا ماڻهو سياست کان ڀڄي پاسو ٿا ڪن. ٿيڻ ته ايئن گهرجي جو سٺا ماڻهو سڀ هڪ هنڌ گڏ ٿين ۽ سٺي سياست ڪن.
 
Back
Top