عمران درويش سومرو
سينيئر رڪن

سياست
هِي مُلڪُ تماشو آ، تماشائي آسياست
بي ڍنگ ۽ بيڪار هَٿَن آئي آ سياست
رِياسَتَ سَندَي نِظَامَ کي بَدِلِڻَ جَڏهن هَلِي
مِرگهيءَ جِيان ڪِنهن بُوٽَ سان ماٺائي آ سياست
ڌرڻن ۾ وٺي ويو ، ته ڪنهن ٽي ويءَ تي رلايو
ڄَڻُ ڳائڻيءَ جي گَهرَ جي ڪا ڄائي آ سياست
ڪنهن کي نه سمجهه آئي سياست جي الف ب
ڪِن ڄَڻُ پنهنجي هٿن سان نِپَائِي آ سياست
درويش ڇو هَرُو ڀَروُ ٿو ذهن کپائين؟
هِنَ مُلڪَ ۾ بَيڪار ۽ اجائي آ سياست
عمران درويش سومرو