ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
عظيم هستي ماءُ
اسان جي سهڻي رسول حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن وٽ هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته سائين سڀ کان وڌيڪ سهڻي اخلاق جو حق ڪنهنجو آهي۔
حضُور سائين جن جواب ڏنو۔ته تنهنجي ماء جو ، ان شخص وري ساڳيو سوال ڪيو۔ ۽ وري حضُور سائين جن ساڳيو جواب تنهنجي ماء جو۔ ۽ ان شخص وري ٽيون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ۽ حضور سائين جن وري ٽيون ڀيرو جواب ڏنو ته تنهنجي ماء جو۔ ۽ جڏهن چوٿون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ته حضور سائين جواب ڏنو ته تنهنجي پيءُ جو۔ اها جنت جنهن جي ملڻ لاء نيڪ عمل ۽ الله جو راضپو شامل آهي، پر رب پاڪ انهيء جنت کي به هن مٺڙي ماء جيجل جي انهن پيرن هيٺان رکيو آهي، جن پيرن ۾ پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پالنا ڪرڻ ۾ لڦون، ۽ زخم پئجي ٿا وڃن، جن جي پيرن جي زخمن جي بوءِ مان به جنت جي بوءِ پئي اچي۔ ماء ته اها هستي آهي جيڪا هر ڪنهنجي جڳهه ته وٺي سگهي ٿي، مگر هن جي ڪو جڳهه وٺي نه ٿو سگهي۔((((((ڪنهن چيو ته مون کي ماء ڇو وڻندي آ؟ ان لاء جو هڪ ڏينهن مان هلندي مينهن ۾ (برسات ) گهر پهتس، ۽ جيئن گهر پهتس ته بابا چيو ته مينهن ۾ ڇو آئين، بيمار ٿئي پوين ته پوء،۔ وري ڀيڻ چيو ته ادا مينهن رڪجي وڃي هان ته پوء اچين هان نه ، ۽ ڀاء چيو ته ادا مينهن ۾ ڇٽي کڻي نه پيو اچي سگهين هان، پر ماء چيو ته مينهن کي هيئر وسڻو هو پوء نه پيو وسي سگهي۔۔)))))مطلب ته ماء جو درجو عظيم درجو آهي، جنهن جو بيان شايد اسان نه ڪري سگهون۔ اسان ته اگر پوري زندگي ماءُ جي خدمت ڪريون تڏهن به ان هڪ رات جو حق به ادا ڪري نه ٿا سگهون جن راتين م سياري جي سخت سيءُ ۾ به ماء پنهنجي ٻچي لاء اٿي ٻچي جي سار سنڀال لهندي آهي، ۽ پنهنجون ننڍون حرام ڪري پنهنجي ٻچي لاء پاڻ پتوڙيندي آهي، ماء جو ته اهيو درجو آهي ته حضرت موسه عليه سلام جن جڏهن پنهنجي ماء جي وفات کانپوء الله جي ملاقات لاء وڃي رهيا هئا ته کين اهيو آواز آيو هو ته موسه سنڀالي اچجان ڇو جو اڄ تنهنجي ماءُ زنده ناهي رهي جيڪا تنهنجي لاء دعائون ڪندي هئي
دعا آهي انهن تمام مائرن لاء (جيڪي هي فاني جهان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليون آهن) ته رب پاڪ سندن بشري تمام خطائون ۽ مدايون معاف ڪري جنت الفردوس ۾ جاڳون عطاء فرمائي آمين، آمين آمين۔
۔http://www.youtube.com/watch?v=MGuSbbsfMTc [url]http://www.youtube.com/watch?v=TUVEYB8RK4g
http://www.youtube.com/watch?v=qq8Drgsr5Gw
http://www.youtube.com/watch?v=oHhj1B9-LAQ
ماء جي هڪ دعا سائڻ عابده جي آواز ۾
http://www.youtube.com/watch?v=NJfPdp1dJ3M
http://www.youtube.com/watch?v=G--Kz-5eoh4&feature=related

