عظيم هستي ماءُ

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏9 مئي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    عظيم هستي ماءُ

    ماء هڪ اهڙي نعمت آهي، جنهن جو قدر شايد مون جهڙا (يتيم مسڪين ) ماڻهون ئي ڄاڻن جنهن جي ماء جهڙي نعمت حال حيات نه آهي، ماء اهو گهاٽو وڻ آهي، جنهن هيٺان جون مهيني جي سج جي به تپش اثر ناهي ڪندي ۽ ماءُ هر تپش کي پاڻ برداش ڪري اسان مٿان گهاٽي ڇانو ميسر ڪندي آهي۔ جنهن جهڙو ڪو دنيا ۾ ٻيو مثال ئي ڪونهي۔
    اسان جي سهڻي رسول حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن وٽ هڪ شخص آيو ۽ عرض ڪيائين ته سائين سڀ کان وڌيڪ سهڻي اخلاق جو حق ڪنهنجو آهي۔
    حضُور سائين جن جواب ڏنو۔ته تنهنجي ماء جو ، ان شخص وري ساڳيو سوال ڪيو۔ ۽ وري حضُور سائين جن ساڳيو جواب تنهنجي ماء جو۔ ۽ ان شخص وري ٽيون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ۽ حضور سائين جن وري ٽيون ڀيرو جواب ڏنو ته تنهنجي ماء جو۔ ۽ جڏهن چوٿون ڀيرو ساڳيو سوال ڪيو ته حضور سائين جواب ڏنو ته تنهنجي پيءُ جو۔ اها جنت جنهن جي ملڻ لاء نيڪ عمل ۽ الله جو راضپو شامل آهي، پر رب پاڪ انهيء جنت کي به هن مٺڙي ماء جيجل جي انهن پيرن هيٺان رکيو آهي، جن پيرن ۾ پنهنجي اولاد جي پرورش ۽ پالنا ڪرڻ ۾ لڦون، ۽ زخم پئجي ٿا وڃن، جن جي پيرن جي زخمن جي بوءِ مان به جنت جي بوءِ پئي اچي۔ ماء ته اها هستي آهي جيڪا هر ڪنهنجي جڳهه ته وٺي سگهي ٿي، مگر هن جي ڪو جڳهه وٺي نه ٿو سگهي۔((((((ڪنهن چيو ته مون کي ماء ڇو وڻندي آ؟ ان لاء جو هڪ ڏينهن مان هلندي مينهن ۾ (برسات ) گهر پهتس، ۽ جيئن گهر پهتس ته بابا چيو ته مينهن ۾ ڇو آئين، بيمار ٿئي پوين ته پوء،۔ وري ڀيڻ چيو ته ادا مينهن رڪجي وڃي هان ته پوء اچين هان نه ، ۽ ڀاء چيو ته ادا مينهن ۾ ڇٽي کڻي نه پيو اچي سگهين هان، پر ماء چيو ته مينهن کي هيئر وسڻو هو پوء نه پيو وسي سگهي۔۔)))))مطلب ته ماء جو درجو عظيم درجو آهي، جنهن جو بيان شايد اسان نه ڪري سگهون۔ اسان ته اگر پوري زندگي ماءُ جي خدمت ڪريون تڏهن به ان هڪ رات جو حق به ادا ڪري نه ٿا سگهون جن راتين م سياري جي سخت سيءُ ۾ به ماء پنهنجي ٻچي لاء اٿي ٻچي جي سار سنڀال لهندي آهي، ۽ پنهنجون ننڍون حرام ڪري پنهنجي ٻچي لاء پاڻ پتوڙيندي آهي،
    ماء جو ته اهيو درجو آهي ته حضرت موسه عليه سلام جن جڏهن پنهنجي ماء جي وفات کانپوء الله جي ملاقات لاء وڃي رهيا هئا ته کين اهيو آواز آيو هو ته موسه سنڀالي اچجان ڇو جو اڄ تنهنجي ماءُ زنده ناهي رهي جيڪا تنهنجي لاء دعائون ڪندي هئي
    دعا آهي انهن تمام مائرن لاء (جيڪي هي فاني جهان ڇڏي وڃي مالڪ حقيقي سان مليون آهن) ته رب پاڪ سندن بشري تمام خطائون ۽ مدايون معاف ڪري جنت الفردوس ۾ جاڳون عطاء فرمائي آمين،
    آمين آمين۔
    ۔
    http://www.youtube.com/watch?v=MGuSbbsfMTc [url]http://www.youtube.com/watch?v=TUVEYB8RK4g

    http://www.youtube.com/watch?v=qq8Drgsr5Gw
    http://www.youtube.com/watch?v=oHhj1B9-LAQ
    ماء جي هڪ دعا سائڻ عابده جي آواز ۾​


    http://www.youtube.com/watch?v=NJfPdp1dJ3M
    http://www.youtube.com/watch?v=G--Kz-5eoh4&feature=related

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ماءُ

    دوستو! ما٪ءُ جي عظمت جا ته ڪيترائي جيئرا جاڳندا مثال اسانجي اکين آڏو موجود آهن۔۔۔ انسان هجي يا جانور، چرند هجي يا پرند سڀني ۾ ممتا جون قربانيون ۽ اولاد سان محبت ته فطرت طرفان ڀريل نظر ايندي آهي ۔۔۔
    هڪ دفعي مونسان هڪ ننڍڙو واقعو ٿيو جو اوهان سان ونڊ ڪريانٿوته؛
    مونکي چڱي طرح ياد آهي ننڍپڻ جي هڪ سياري جي رات، چڱي طرح انڪري چوانٿو ته ان معصوم ننڍپڻ ۾ به مونکي ان واقعي پنهنجي ماءُ لئه عجيب قسم جو تصور جاڳائي وڌو هو، جو اڄ تائين وساري نه سگهيو آهيان۔
    ٿيو ڇا ته سياري جي سخت سرد رات هئي آءُ حسب معمول امان سان ستل هيس، رات جو ننڊ به زور تي هئي ۽ شايد خواب ۾ شوشو به ڪنهن مناسب هنڌ تي ٿي ڪيم، پر شوشو وهي وڃڻ کانپوءِ خبر پئي ته مار هنڌ سڄو آلو ٿي چڪو آهي ۔۔۔ هڪ سياري جي رات، مٿان هنڌ آلو سو ننڊ هلي وئي۔ پاسا ورائيندو رهيس ته امڙ جي اک کلي وئي۔ ننڊ ۾ هٿ گهمائي ڏٺائين ته کيس محسوس ٿيو ته مونکان شوشو وهي ويو آهي، هڪدم مونکي کڻي پنهنجي سڪل پاسي ڪري سمهاريائين ۽ پاڻ ان آلي پاسي ٿي سمهي رهي ۔۔۔ مونکي ته ٿوري دير ۾ ننڊ اچي وئي باقي امڙ سان ڇا ٿيو انجي خبر ناهي ۔۔۔ پر دوستو اهو واقعو اڄ به جڏهن ياد ايندو آهي ته اکيون آليون ٿي وينديون آهن ۽ امڙ جو معصوم ۽ پيار ڀريو چهرو سامهون اچي ويندو آهي ۔۔۔۔
    رب العالمين جي بارگاهه ۾ هٿ ادب جا کڻي سوال آهي ته اي منهنجا رب جن دوستن جون مائون جيئريون آهن، انهن کي صحتمند وڏي ڄمار عطا ڪر ۽ مون سميت جن دوستن جون مائرون لاڏاڻو ڪري ويون آهن، انهن مائرن کي جنت الفردوس ۾ اعلا ۽ افضل مقام عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماءُ

    سائين اهيا حقيقت آهي۔
     
  4. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    جواب: ماءُ

    تمام بهترين سائين ممتاز صاحب
    اها حقيقت آهي ته جنت ماء جي پيرن هيٺ آهي پر ڪي بد نصيبن کي اها خبر هجڻ جي باوجود ماء کي اهو رتبو ۽ مان نه ٿا ڏين جنهن جي هوء حقدار آهي۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ماءُ

    سڀني پٽن کي مدرز ڊي مبارڪ
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ماءُ

    اهڙي موقعي تي مون کي سائين شفيق احمد جون سٽون ياد پيو پون۔۔

    امڙ ابي جي نانء نظم هي نماڻو آهي
    جنين ڏور وڃڻ بعد، مزو محبت ئي ناهي
    جيئڻ م چاهت ۽ رنگت ئي ناهي
    نه ڪوئي، سڄڻ ۽ ساٿي آهي
    نه ئي ڀيڻ ڀاء،ڀائڻ وارو ڀاتي آهي
    هر دوست ڀاء مخلص، نه پر مفادي آهي
    ڪريون ڪنهن سان حال هي؟
    نه ڪوئي حالي ۽ حوالي آهي
    عجب اسرار الفت سان ڪرڻ وارو نه پيار، ڪو پيارو آهي
    ۽ نه مٽ مائٽ ڪو مانجهي، محبتي آهي
    مسڪين شفيق احمد عاجز، بس بيوس آهي
    اڪيلو ڄڻ هي جوکيو، ڪو سفر منجهه مسافر آهي
     
  7. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ماءُ

    مهربانيون سائين مهربانيون
     
  8. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ماءُ


    سائين زبردست پر هي بيت ڪجه خود غرضي وارو لڳي ٿو


    هر دوست ڀاء مخلص، نه پر مفادي آهي

    ڪجه عجيب نه ٿو لڳي؟؟
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: عظيم هستي ماءُ

    ادا توهان اهيو صحيح لکيو آهي ته اهيو ڪجهه عجيب ٿو لڳي، ادا اهيو سائين شفيق صاحب جو ذاتي خيال آهي، ۽ اهيو فارمولو هر ڪنهن دوست ۽ ڀاء لاء لڳائي نه ٿو سگهجي۔ هر دوست ۽ هر ڀاء مفادي نه هوندو آهي، ٻيو عرض ته ڀاء اهيا شاعري آهي ۽ شاعري ۾ هر ڪنهن کي اهيو حق آهي ته پنهنجا خيالات ظاهر ڪري۔ ۽ اهيو به ضروري نه آهي ته هر شخص ان خيال سان متفق هجي۔ مگر توهان کي به اهيو حق حاصل آهي ته توهان ڪنهن خيال تي عتراض يا ناراضگي يا رضامندي ڏيکاريو ۔
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: عظيم هستي ماءُ

    مهرباني ادا ممتاز پر سائين شاعري جا به منهنجي خيال ۾ ڪجه اصول هوندا آهن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو