استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو. استاد منظور علي خان لطيف سائين جي وائي کي ”ڪافي ٺاٺ“ ۾ ڳائي، سنڌي راڳ جو نئون انداز ۽ تصور پيش ڪيو. استاد هر رنگ ۾ ڳائيندو هو جنهن ۾ ڪلاسيڪل، ڪافي، غزل، ٺمري ۽ آخر ۾ خيال ۽ ترانو به استاد منظور علي خان نه رڳو شاگردن کي پاڻ گڏ ڳارائي انهن جو نالو مشهور ڪرائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو هو. استاد منظور علي خان موسيقيء جي دنيا ۾ پاڻ ته ملهايو پر ان سان گڏ سنڌي موسيقيء ۾ پنهنجي شاگردن استاد محمد يوسف، وحيد علي، قمر سومرو، انور حسين وسطڙو، عابده پروين، گلزار علي، دين محمد دمساز، محمد عرس ۽ محمد اڪرم، ذوالفقار علي ۽ مظهر علي جهڙا انمول موتي ارپيا. سندس باري ۾ ممتاز مرزا لکي ٿو ته : يارن جو يار ۽ ڪچھريءِ ۾ پنھنجو وکر ساوڻ جي درياءَ وانگر نھايت فراخدليءَ سان وھائيندو ھو اھو ئي سبب ھو جو ھن جي رھاڻ ۾ ھڪ خاص قسم جو لطف ھوندو ھو. سندس آواز کان گھڻو سندس علم ھو ھو راڳ جي علم جي چئن پڳن جو اڳواڻ ھو وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جو ھن ننڍي کنڊجي ڪيترن ڳائڪن وٽ نه ھيون ھو ڪافي به ان روشن سان ڳائيندو ھو، تانون،مينڍون، مرڪون ۽ پلٽا سندس ڪافي ڳائڻ وقت نمايان ھوندا ھئا شھري ٻڌندڙ ھجن توڙي ٻھراڙي جا ماڻھو راڳداري جا ڄاڻو ھجن يا بنھه اڻ ڄاڻ ھر ٻڌندڙ کائنس متاثر ٿيندو ھو.
ڪالهه هتي جي هڪ صحافي آچر خاصخيلي استاد منظور علي خان جي حياتي تي ٻه اکر لکيا، هن ۾ لکيل هو ته استاد منظور علي خان ننڍي عمر ۾ ئي ڪلاسيڪل موسيقي تي مهارت حاصل ڪئي هئي. هر سال سندس ورسي جي سادي تقريب ملهائي ويندي آهي ۽ قرآن خواني ڪئي ويندي آهي. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جا عطا فرمائي.