مان اڄ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار ۾ هيس ته ايريگيشن جا انجنيئر پي پي جي سينيٽر ۽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر صاحب کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چناب مان 9 لک ڪيوسڪ، راوي مان 4 لک ڪيوسڪ، ڪابل ندي ۽ ڪالاباغ کان 2 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياء ۾ ڪوٽ مٺڻ وٽ گڏ ٿيندو، جيڪو سکر بيراج وٽ هڪ اندازي موجب 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿيندو ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ گھٽ ۾ گهٽ ۾ 7 لک کان 8 لک پاڻي گذرندو. خبر ناهي ته هي انگ اکر ڪيترا صحيح آهين. پر جي واقعي ايترو پاڻي آهي ته سنڌ جو خدا خير ڪري، درياء جا بند اڳي ئي ڪمزور آهين. 2010ع واري ٻوڏ جا اڃا اثر ختم ناهين ٿيا ته وري هيء آفت اسان جي مٿان پئي ڪڙڪي. سنڌ سان مڙئي سور آهين. سڪ به اسان وٽ گھڻي ته ٻوڏ به اسان وٽ گھڻي. پڇڙي وارا سدائين پريشان
سائين خدا نه ڪري جو وري 2010 وارو حشر ٿئي، عوام جي ته هر شئي برباد ٿي وڃي ٿي پر حڪمرانن جو وري گهڻو ڪجه ٺهي وڃي ٿو.
ڪالهه جيو نيوز تي خبرون پئي هليون ته پاڻي 8 لک ڪيوسڪ کان گهٽ گذرندو ... پر 6 يا 7 لک به وڏو وهڪرو آهي. احتياط ضروري آهي. تنهنڪري سڀني کي گهرجي ته ڪچي کان ٻاهر اچن .... ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي