عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
مان اڄ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار ۾ هيس ته ايريگيشن جا انجنيئر پي پي جي سينيٽر ۽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر صاحب کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چناب مان 9 لک ڪيوسڪ، راوي مان 4 لک ڪيوسڪ، ڪابل ندي ۽ ڪالاباغ کان 2 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياء ۾ ڪوٽ مٺڻ وٽ گڏ ٿيندو، جيڪو سکر بيراج وٽ هڪ اندازي موجب 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿيندو ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ گھٽ ۾ گهٽ ۾ 7 لک کان 8 لک پاڻي گذرندو. خبر ناهي ته هي انگ اکر ڪيترا صحيح آهين.
پر جي واقعي ايترو پاڻي آهي ته سنڌ جو خدا خير ڪري، درياء جا بند اڳي ئي ڪمزور آهين. 2010ع واري ٻوڏ جا اڃا اثر ختم ناهين ٿيا ته وري هيء آفت اسان جي مٿان پئي ڪڙڪي. سنڌ سان مڙئي سور آهين. سڪ به اسان وٽ گھڻي ته ٻوڏ به اسان وٽ گھڻي. پڇڙي وارا سدائين پريشان