• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2010ع واري ٻوڏ جا اڃا اثر ختم ناهين ٿيا

مان اڄ انڊس هوٽل حيدرآباد ۾ هڪ سيمينار ۾ هيس ته ايريگيشن جا انجنيئر پي پي جي سينيٽر ۽ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر صاحب کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته چناب مان 9 لک ڪيوسڪ، راوي مان 4 لک ڪيوسڪ، ڪابل ندي ۽ ڪالاباغ کان 2 لک ڪيوسڪ پاڻي سنڌو درياء ۾ ڪوٽ مٺڻ وٽ گڏ ٿيندو، جيڪو سکر بيراج وٽ هڪ اندازي موجب 12 لک ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿيندو ۽ ڪوٽڙي بيراج وٽ گھٽ ۾ گهٽ ۾ 7 لک کان 8 لک پاڻي گذرندو. خبر ناهي ته هي انگ اکر ڪيترا صحيح آهين.
پر جي واقعي ايترو پاڻي آهي ته سنڌ جو خدا خير ڪري، درياء جا بند اڳي ئي ڪمزور آهين. 2010ع واري ٻوڏ جا اڃا اثر ختم ناهين ٿيا ته وري هيء آفت اسان جي مٿان پئي ڪڙڪي. سنڌ سان مڙئي سور آهين. سڪ به اسان وٽ گھڻي ته ٻوڏ به اسان وٽ گھڻي. پڇڙي وارا سدائين پريشان
 
مان سمجهان ٿو پاڻي هڪ ئي وقت ڪونه گذرندو ... پر جي ايئن ٿيو ته وڏي پريشاني وارو مرحلو هوندو
 
وساڻ صاحب اسان کي وارننگ به ملي ويو.ته نڪري وڃو

ڪالهه جيو نيوز تي خبرون پئي هليون ته پاڻي 8 لک ڪيوسڪ کان گهٽ گذرندو ... پر 6 يا 7 لک به وڏو وهڪرو آهي. احتياط ضروري آهي. تنهنڪري سڀني کي گهرجي ته ڪچي کان ٻاهر اچن .... ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي
 
Back
Top