عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
اڳينءَ ٻوڏ ۾
ويو هو بابو لڙهي
ڪچا گهر
ڪکاوان
اسان جا
پيا ها ڊهي
ٻنيون,فصل,مال
۽
پوکون ويون هون ٻڏي
سڄا خواب سارا
اسان جا
لڙهي ويا
ٻڏي ويا
جهور پوڙهي امڙ آ
ڊڄان ٿو ته هن ڀيري
جي مها ٻوڏ آئي
لڙهي ويندي
ٻڏي ويندي
منهنجي ڪراڙي امڙ.
ويو هو بابو لڙهي
ڪچا گهر
ڪکاوان
اسان جا
پيا ها ڊهي
ٻنيون,فصل,مال
۽
پوکون ويون هون ٻڏي
سڄا خواب سارا
اسان جا
لڙهي ويا
ٻڏي ويا
جهور پوڙهي امڙ آ
ڊڄان ٿو ته هن ڀيري
جي مها ٻوڏ آئي
لڙهي ويندي
ٻڏي ويندي
منهنجي ڪراڙي امڙ.