• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سان دوکو ۽ دولاب

نظم

سنڌ سا دوکو ۽ دولاب هت وهي پيو رت گلاب
سڏڪي سنڌ ٿي وئي بيتاب درد جو کليو جو باب
معصوم مرڪ ماري ٿو اندر هينئو پو ڳاري ٿو
وطن هي سنڌ جو کاري ٿو هن کي ڪيون اچو خراب
اڳواڻ سنڌ جو ويري آ هن جي اک به ميري آ
نظر وطن کان ڦيري آ هاڻي ڪهڙو آ هي حجاب
ڪوس روز ٿو ڪري ڪونڌر ڪهي ٿو پيو ٺري
هن سان ههڙي ڪو ڪري هر هڪ چئي پو لاجواب
قوم جو انڪاري آ جنگ جنهن سان جاري آ
پليت سنڌ هي کاري آ وڙهو وڙهو بي حساب
امڙ جي دل ٿي پئي هڄي لاش هت جو پيو کڄي
ڪنڌ ڪافر جو ڪو ڀڄي کٽو ماري هن کي ثواب
غير سنڌي غرق ٿي سنڌ جو ڄائوڪو مرڪ ٿي
پاڻ ۾ نه فرق ٿي وڌايون سڪ جو هي آداب.....
 
Back
Top