باب الاسلام سنڌ ڪهڙي ڌارين قوم جي سازشن تحت موالي ڪلچر ۾ جڪوڙجي وئي ۽ ڇو؟ اڀياس ڪريو!

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2014۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    [​IMG]
    سنڌ تي حملي آورن بابت سنڌ جي تواريخ ڇا ٿي ٻُڌائي: (سنڌ جي تواريخ حصو پهريون)
    نه وساريو ته موجوده سنڌ، توڙي قديم ۽ عظيم سنڌ، تواريخ جي مختلف دورن مان گذرندي پئي اچي. وقت ۽ سنڌي ماڻهن جي غفلتن سبب، سنڌ سڳوريءَ مختلف حمله آورن ۽ حاڪمن جا زور ۽ زبردستيون سٺيون آهن. تواريخ جي مختلف دورن ۾ سنڌ جو تواريخي ، تهذيبي ۽ سماجي نقشو بدلجندو رهيو آهي. تواريخ کان اڳ واري دور جا حالات معلوم نه آهن، پر جڏهن کان ڪجهه چٽائيَ سان سنڌ جا تواريخي واقعا قلمبند ٿيا آهن، انهن جو احوال به ايترو چٽو ۽ مستند نه آهي.
    ڌارين قومن جون سنڌ تي ڪاهون:
    . 1. ڌارين مان مصرين، ڪلدانين ۽ بابل وارن جون سنڌ تي ڪاهون تاريخن ۾ بيان ٿيل آهن.
    .2. ان کان پوِ ايرانين ۽ يونانين به سنڌ تي حملا ڪيا آهن ۽ پنهنجي تهذيب جا اثر ڇڏيا اهن.
    ايرانين (رد شير)ڇهين صدي قبل مسيح ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو .
    گشتاسب، سنڌ جي حڪومت پنهنجي پٽ (بهمڻ) جي حوالي ڪئي هُئي. هن بهمڻ آباد جو شهر آباد ڪيو ۽ شاپور، فرشاپور ۽ ٻيا شهر تعمير ڪرايا.
    ان کان سواءِ ،پرويز، نوشيروان ۽ ساسائي بادشاهن جي دور ۾ ايران ۽ سنڌ جي الڳاپن جو احوال تواريخ جي تحريرن ۾ ملن ٿا.
    يونانين به سنڌ تي حملو ڪيو هو جنهنجا تفصيل مشهور يوناني ليکڪ (پلو ٽارچ) جي تحريرُن ۾ ملن ٿا. هن سڪندر اعظم جي ڪاهن ۽ سفرن جو (325 ق. م ۾) جو ذڪر ڪيو آهي. هو (سنڌ جي سفر) ۾ سڪندر جو (مُهاڻا قوم) سان مُقابلي جو ذڪر به ڪري ٿو.


    ڊاڪٽرسورلي گذيٽيئر به چوي ٿو ته سڪندر جو سنڌ جي (مُهاڻن) سان مُقابلو ٿيو هو ۽ هو سيوهڻ جي قلعي وٽ زخمي ٿيو هو. سن 128، 129 ۾ سنڌ ۾ راءِ گهراڻي ۽ پوءِ برهمڻن جو راچ هليو هو. جنهن ۾ پهرئين چچُ ۽ پوءِ اُن جو پُٽ ڏاهر تخت تي ويٺو هو. ۽ پوءِ اها سرڪار 712ع ۾ مُحمد بن قاسم جي آمد ۽ يمن جي مُسلمانن (ميمڻن) جي قبضي هيٺ اچڻ ڪري ختم ٿي وئي هُئي. هن کان اڳ سنڌ ۾ رُڳو (ٻُڌ) ۽ هندو ڌرم جا مڇندڙ هُئا.

    سومرن جي حڪومت کان وٺي ڪلهوڙن جي خاتمي تائين (سنڌ جي تواريخ حصو ٻيو)
    چيني سياح هيون سانگ (شئن چُوانگ) لکي ٿو ته 712ع کان پوءِ سنڌ ۾ عربن جي آمد ڪري معاشرتي زندگيءَ ۾ تبديلي آئي هُئي. جنهن سان سنڌ جون ادبي، لساني، مذهبي ۽ معاشي تبديليون رونما ٿيون هُيون. ڪيترن ماڻهن اسلام قبول ڪيو هو ۽ سنڌين ۽ عربن ۾ گهڻي قُربت ۽ ويجهڙائي پئدا ٿي هُئي. سنڌ جي ماڻهن جا عربن سان ايترا ته وسطا وڌيا جو 1050ع ۾ عربن سنڌ جون واڳون سومرن جي حوالي ڪيون ۽ عرب گورنرن پنهنجو طويل دئور ختم ڪري ڇڏيو هو.


    پوءِ (سومرن) جو دئور 1351ع ۾ وڃي ختم ٿيو. هن دئور ۾ گهڻيون جنگيون ٿيون پر هن دئور واري (دودو چُنيسر) جنگ گهڻي مشهور ٿي. ۽ ڄام اُنڙ سومرن کي شڪست ڏني ۽ پوءِ سنڌ جا نوان حاڪم (سمان) ٿيا هُئا.

    سنڌ جي تاريخ جو هي واقعو اهم آهي ته محمد بن تغلق سنڌ تي ڪاه ڪئي ۽ هو سنڌ ۾ ئي 1351ع ۾ گُذاري ويو هو.

    سمن جو دئور (1351ع کان 1520ع) تائين هليو. (ڄام تماچي ۽ نواريءَ) جو داستان به هن دئور جو هو. مُحمد بن تغلق جي وفات کان پوءِ وري فيروز شاه تغلق 1365ع ۾ ٺٽي تي ڪاه ڪئي هُئي. پر سگهوئي رسد جي کوٽ سبب ۽ گهوڙن ۾ وبا پکڙجڻ جي ڪري هو گُجرات هلي ويو هو.

    سنڌ ۾ اُنهيءَ دئور ۾ هڪ نعرو مشهور ٿيو (هڪ مُئو، هڪ ٺٽو) جنهن جي معنيٰ هُئي (هڪ مُئو (يعني محمد بن تغلق) ته ٻيو ٽهي ڀڳو( يعني فيروز شاه تغلق). سنڌ ۾ سما دئور جو هڪ تواريخي واقعو اچي ٿو ته ڄام جوڻيءَ سازش ڪئي جنهنجي نتيجي ۾ ڄام تماچيءَ کي دهليءَ ۾ نظربند ڪيو ويو هو. جيئن ته ماڻهن جون دليون ڄام تماچيءَ سان لڳل هُيون ته هو ڄام تماچيءَ جي واپس ورڻ ۽ حاڪميت لاءِ ڪوششون ڪندا رهيا. چون ٿا ته هو بُزرگن کان دُعائون به ڪرائيندا هُئا ۽ شيخ حماد جماليءَ جي دُعا سان (جيڪو اُچ جي درويش شيخ جمال جو ڏُهٽو هو) جنهن جي دُعا سان ڄام تماچي واپس وري اچي تخت وارث ٿيو هو. شيخ حماد 1362ع ۾ گُزاري ويو ۽ اُن جي خانقاه اڄ به ٺٽي ويجهو آهي.

    اُن وقت هڪ ٻئي درويش (نوح هوٿياڻي) جو ذڪر به اچي ٿو. هي درويش اٺين صدي هجريءَ جي آخر ۾ ٿي گُذريو اهي هو کيبر يا کيبراڻي (هالا جي ويجهو) جو رهواسي هو. چون ٿا ته ڄام تماچي ۽ ڄام صلاح الدين جڏنهن سنڌ اچي پُهتا هُئا ۽ اُنهن جو گُذر کيبر ڳوٺ وٽان ٿيو هو ته سندن نظر اُتي جي درويش (نوح کيبر) تي پئي جنهن ڍڳين جو ڌڻ پئي چاريو، اُن وقت ڪو شخص ڌڻ ڏانهن وڌيو ته نوح کيبر چيس ته ڄام تماچيءَ جي حڪم سانم مُنهنجي ڌڻ سان کيچل نه ڪر اهو ٻُڌي ٻئي اچي عجب ۾ پيا ۽ هڪ ٻئي کي نهارڻ لڳا ۽ پوءِ اڳتي وڌي اچي درويش کان پُڇيائون ته هن وقت مُلڪ جو والي ڄام جوڻو آهي جڏنهن ته ڄام تماچي ته دهليءءَ ۾ قيد پيو آهي ته پوءِ ڪيئن ٿو چئين ته ڄام تماچيءَ جو حڪم آهي. درويش وراڻين ته مونکي ڄام تماچيءَ جي خبر ناهي پر ٻن ٽن ڏينهن کان وڻن، ٽڻن، پکين ۽ پکڙن کان اهائي صدا ٻُڌي رهيو آهيان ته ڄام تماچيءَ جو حڪم اهي. اها بشارت ٻُڌي کيس گهڻي خوشي ٿي ۽ پاڻ کي درويش سان متعارف ڪرائي روانا ٿي ويا. ته درويش نوح هي بيت پڙهيو (جوڻو وڃي جهوري ماريو ، ڄام تماچي شهرين چاڙهيو).

    سمن سردارن ۾ ڄام لاکو ڦُلاڻي هڪ ڏاڍو مُڙس ٿي گُذريو آهي جنهنجي ڏاڍ مُڙسيءَ جا به ڪئين قصا آهن. ڪڇ جي روايت موجب ڄام لاکو نائين يا ڏهين صدي ۾ ٿي گُزريو اهي جيڪو لئوڙو هڻڻ ۽ ڏاڍ مُڙسيءَ ڪري به مشهور هو، سوره ۽ سکي به هو ته عاشق مزاج به چون ٿا ته هن پڪو په ڪري ڇڏيو هو ته جي ڪنهن مونکي پيءُ جي وفات جي خبر اچي ٻُڌائي ته سندس زبان ڪپي ڇڏيندُس، جڏنهن سندُس پيءُ وفات ڪري ويو ته سندس ئي هڪ پُٽ کيس ڄاڻ ڪرڻ لاءِ ويو هو ته اٽڪل سان هي بيت پڙهيائين ( هڪ ڦل پسجن واڙائين ٻيا جي بيٺي4ن ڌاڻ، لاکا آءُ مهراڻ توري سڃو ڪاڇڙو)

    اهڙيءَ طرح اُن وقت ڪارائڙو سمون به هڪ سوريه ڌاڙيل رهيو هو هن کي سازش ڪري مارايو ويو هو جڏنهن سندس سر وڍي گهر روانو ڪيو ويو هو ته اُن کي ڀيڻ پينگهي ۾ لوڏيندي هي پارَ ڪڍيا هُئا ( ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نهاريا، پينگهي پاءِ لوڏ، سر سمي ڄام جو) . ان دئور ۾ جيڪي ڏه ڏاتار مشهور ٿيا اُهي هُئا (لاکو ڦُلاڻي، جکرو اوڍاڻي، هڻند ٿڌياڻي، اوٺو جکراڻي، سپڙ چوٽاڻي، جسودن آگرو، ڄام وينجهر، وڪيو ڏاتار، راءِ ڏياچ، ۽ ڄام ڪرن). سمان حاڪم به پاڻ ۾ حسد ۽ رقابتن ۾ گهيرجي ويا پر اُن هوندي به ڪن حاڪمن انصاف و عدل سان حڪومت هلائي. جنهن ۾ ڄام نظام الدين هڪ بهترين ۽ باهمٿ حاڪم ٿي گُزريو اهي. پر سنس پُت (ڄام فيروز) هڪ نااهل ۽ نا عاقبيت انديش انسان ٿي گُذريو. جنهنجي نتيجي ۾ سنڌ ڌارين (ارغونن) جي حوالي ٿي وئي.

    ارغون (تاتارين) جي اولاد مان هُئا، انهن مان (شاه بيگ) ۽ سندُس پُٽ (شاه حسن) 1554ع تائين حڪومت ڪئي. جنهن کان پوءِ سندس درٻاري (تُرخان) قابض ٿي ويا هُئا. 1591ع تائين اهو ظالمانا دئور هو جنهن ۾ عيسيٰ ترخان، باقي بيگ ۽ جاني بيگ ظالم حاڪم هُئا.

    ارغونن کان پوءِ دهلي سرڪار جا گورنر به سنڌ ۾ ايندا رهيا. انهن جي ڏاڍ ۽ ظلم به سنڌين تي قهر آندو. مغل گورنرن جي دئور ۾ جهوڪ جي شهيد شاه عنايت ۽ کهڙن جي مخدوم عبدالرحمٰن جي شهادت ۽ ڪوس ٿيو. انهن ڌارين سنڌين کي محسوس ڪرايو ته ڌاريان ظالم ترين هوندا آهن (ما سواءِ عربن جي) هن دئور دوران ئي سنڌي ادب تخليق ٿيو هو.

    هتي ڪلهوڙا 1700ع کان پوءِ پنهنجو اثر قائم ڪري ويا هُئا ۽ ميان آدم شاه کان 1719ع کان پوءِ سندن حُڪومت مستحڪم ٿي هُئي. ڪلهوڙا ، ميان يارمحمد، ميان نور محمد ۽ غلام شاه جي حڪومت کان پوءِ ڪمزور ٿي ويا هُئا ۽ 1783ع ۾ ٽالپر مُڪمل طور تي سنڌ جا حڪمران بڻجي ويا هُئا ۽ ڪلهوڙن جو دئور بلڪل ختم ٿي ويو هو.

    ۽ پوءِ بل آخر انگريزن اچي ٽالپرن کان سنڌ کسي ورتي ۽ قابض ٿي ويا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 سيپٽمبر 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    تواريخ يا تاريخ مان هاڻ بيزار ٿي پيا آهيون
    سنڌي نه ته ايڏا دلير هيا جيڏو اديبن ۽ دانشورن مٿي تي کنيو آهي نه ئي وري ايڏا ڀاڙي ۽ بزدل هيا جيڏا هاڻي ٿي پيا آهن.
    مهرباني ڪري هن وقت صرف ۽ صرف حل ٻڌايو ته ڇا ڪجي؟؟؟؟؟ جيڪو گذري چڪو ان تي ساز ڌمچر ڌڪڙ نه وڄن ته بهتر.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    تواريخ (هسٽري) يا تاريخ (ڊيٽ) ۾ صرف هڪ عمل! پنهنجي ارد گرد ماحول تي نظر رکو ۽ ڪوشش ڪريو ته سنڌي معاشرو، تنظيمون، ڳوٺ، شهر، اوطاقون، اوتارا، بُزرگن، درويشن ۽ ولي الله جون مزارون (خاص طور جتي اوتارا اسڪول هلن ٿا) موالي ٿيڻ کان بچي وڃي. جي اهو واحد حل ٿي ويو ته سنڌي قوم جو ذهن پنهنجو پاڻ آزاد ٿي ويندو ۽ تعليم طرف راغب ٿي ويندو، جهالت، بُرائي جو خاتمون ايندو. اها ڪِري آهي ڪنهن به علاج شروع ٿيڻ کان پهرئين جي جي نه ڪبي ته ڪا به دوا يا درمل ڪم ڪونه ڪندو. دُشمنان باب الاسلام ۽ دُشمنان سنڌيت، سنڌ جي تواريخ پڙهي ۽ سنڌين جي وسيلن تي قابض رهڻ ۽ کين غلام ڪري رکڻ جو صرف ۽ صرف هڪ حل لڌو آهي ۽ اُن تي عمل ڪيو ۽ اهوئي سبب آهي جو اڄ سموري سنڌ غلام بڻيل آهي، انهيءَ نشي، ڪم چوري، سُستي، سفارشي ۽ ڪاپي ڪلچر جي علت ڪري ۽ علم جي حاصليت کان مُڪمل ٿڙي وئي آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 سيپٽمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو