• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نڪور تخليق دوستن جي نظر غزل ...... مصطفيٰ آڪاش

نيڻ آزاد ٿي سگهن جيڪر
خواب آباد ٿي سگهن جيڪر

واٽ تي جي ملون ته پنهنجن جيئن
روح هيءَ شاد ٿي سگهن جيڪر

ڪنڌ دردن جو جي وجهن لاهي
ٽهڪ جلاد ٿي سگهن جيڪر

چنڊ کي جي چَون تون ڪوجهو آن
سي ئي نقاد ٿي سگهن جيڪر؟

تنهنجي مرڪن جا رنگ ست رنگا
منهنجي فرياد ٿي سگهن جيڪر

مان ته آڪاش هان نشاني تي
هو به صياد ٿي سگهن جيڪر
 
Back
Top