سنڌ ۾ تنقيد نگاري

'سنڌي ادب' فورم ۾ اقبال هاليپوٽو طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2014۔

  1. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    اسان جو جديد ادب ۽ جديد تنقيد نگاري جو فن
    اقبال هاليپوٽو

    تنقيد ادب جي اوسر لاءِ ڪيتري ڪارآمد آهي يا ان جي ڪيتري اهميت آهي ان جو اندازو هر قلمڪار سان گڏ پڙهيئي لکئيي ماڻهو ۽ سماج جي زميوار فرد کي چڱي طرح آهي. تنقيد کان سواءِ نه ته ادب پنهنجون گهرجون پوريون ڪري سگهي ٿو نه ئي سماج ڪا بهتري جي وک کڻڻ جي لائق بڻجي سگهي ٿو. ان ڳالهه جو ادراڪ هر ماڻهو کي آهي، ۽ اها ڳالهه به هر ماڻهو ڪندو رهي ٿو پر ان جي باوجود اسان جي معاشري، سماج ۽ ادب ۾ تنقيد پنهنجي جڳهه ڇو نه والاري سگهي آهي اهو هڪ تمام وڏو سوال آهي. اسان پنهنجي تاريخي تشخص سان گڏ پنهنجي موجوده دؤر کي جڏهن ان سوال جي ڳولا لاءِ جاچيون ٿا ته تمام گهڻيون حقيقتون اڀري ٿيون اچن.
    ۽ جي حقيقت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ته اسان وٽ تنقيد نگارن جي به کوٽ ناهي، تمام گهڻا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تنقيد جي اهميت کي سمجهڻ سان گڏ ان جي گهرجن کان به واقف آهن پر رڳو ادب ۾ ايمانداري جي ضرورت آهي جيڪا هڪ وڏي کوٽ آهي. ڏٺو وڃي ته اسان وٽ يا ته رڳو ياريون نڀايون وينديون آهن. ۽ اهڙن تخليقن تي ڪيترائي پنا ڪارا ڪيل ملندا جن جي ڪا افاديت يا انهن ۾ اهو جوهر ناهي هوندو جنهن جي بنياد تي انهن تي ايترو ڳالهائيجي جنهن جي نتيجي ۾ تنقيد نگار متضاد بڻجي ٿو وڃي ۽ ان سان گڏ هو پنهنجو اهو مقام به وڃائي ٿو ويهي جنهن جي بنياد تي هن کي اسان جي معاشري ۾ تنقيد لاءِ جڳهه والارڻ جا بنياد فراهم ڪرڻا آهن. ان کان علاوه فڪري حوالي سان ڇسي تنقيد ڪرڻ يا ڪنهن تخليقڪار تي اجائي بغير ڪنهن ٺوس دليلن جي يا سندس ذاتي زندگي تي گند هارڻ به اسان وٽ تنقيد جي زمري ۾ ڳڻيو ٿو وڃي جيڪو انتهائي نقصان ڪار ۽ تنقيدي اصولن جي برخلاف آهي. ڪنهن اديب يا شاعر تي اجائي تنقيد ڪرڻ جنهن جا به ڪجهه ڪارڻ آهن هڪ ته همعصر جي همعصر سان جيلسي به آهي (جيڪو ڪنهن حد تائين فطري عمل پڻ آهي)، ٻيو ته ڪنهن سان ذاتي اختلافن جي بنياد تي ان جي آرٽ ۽ فڪري ايپروچ کان انڪار ڪندي ان جا پير ڪنڍڻ جي چڪر ۾ تنقيد جي نالي ۾ تنقيد سان زيادتي به عام جام ڏٺي وڃي ٿي. ان حوالن کان هٽي ڪري هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته ڪنهن وڏي ۽ سگهاري اديب، شاعر تي تنقيد ڪري سستي ۽ جلدي شهرت حاصل ڪرڻ جو ڪارڻ پڻ آهي، جنهن رجحان کي اسان جي ادبي دنيا ۾ تمام گهڻو ڏسي سگهجي ٿو.
    ان کان علاوه موجوده دؤر ۾ ته عجيب روين جنم ورتو آهي ، خاص ڪري سوشل ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ جنهن جا هزارين مثال ملي ويندا. خاص ڪري فيس بوڪ تي ويٺل دوست ته چڱي طرح واقف هوندا. تنقيد جي نالي ۾ هن وقت اسان جي ادبي دنيا ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿي رهي آهي اها ڏاڍي کل جوڳي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. جنهن سان جيڪو اسان جو پيغام دنيا ۽ ٻاهر ويٺل اسان جا سنڌي ڀائرن ۽ پڙهندڙن تائين پهچي رهيو آهي اهو ادب سان گڏ اسان جي سياسي ، سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان ڏاڍو نقصانڪار ۽ تاريخ ۾ پنهنجي دور جي ڇسي ۽ ناڪاره هئڻ جا دليل مهيا ڪري رهيو آهي. اسان وٽ ڪافي دوست ته اهڙا آهن جن جا فيس بڪ تي فيڪ اڪائونٽ موجود آهن جن تان هو ان قسم جو حرڪتون ڪري رهيا آهن جو ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ دنگ رهجيو وڃي. ڪافي ماڻهو ته پنهنجي ئي وال تي پنهنجي ڪنهن فيڪ اڪائونٽ تان پاڻ تي اجائي تنقيد ڪري به شهرت حاصل ڪندي ملندا ته ڪي وري ڪنهن شاعر يا اديب جنهن سان ڪنهن ذاتي رنجش يا ڪنهن به ذاتي بنياد تي ناراضگي جو اظهار وري ان جي تخليق تي اجائي تنقيد سان گڏ نازيبا ٻولي ڳالهائي ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجو فرض سمجهي رهيا آهن ۽ هر ماڻهو پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهي ڪنهن جو به پٽڪو لاهيندي دير ئي ڪون ٿو ڪري ۽ ان کي وري تنقيد جو نالو ڏئي پاڻ کي جديد دور جو نقاد ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو آهي.
    آئون ڪافي وقت کان وٺي فيس بڪ تي رهيو آهيان جتي منهنجي ذاتي خواهش هئي ته ان پليٽ فارم کي ڪنهن اهڙي ڪم لاءِ استعمال ڪجي جو پنهنجي دور جي شاعري ۽ ادب کي گهڻن ماڻهن تائين پهچائي سگهجي ته جيئن اسان جي ڪافي تخليقڪارن جو تخليقون سنڌ کان ٻاهر ويٺل ماڻهن تائين پهچائي سگهجن. ان ڪري ڪجهه سالن کان وٺي مون ذاتي طور تي ڪجهه شاعرن جهڙوڪ حاجي ساند، فراق هاليپوٽو، سائل پيرزادو، حسن درس، احمد سولنگي، مظهر لغاري کان وٺي منور هاليپوٽو ۽ مير محمد بادل تائين ڪافي شاعر دوستن جي شاعري ڊزائين ڪري فيس بڪ تي رکندو رهيو آهيان. پر ان کان پوءِ ان جي پٺيان جيڪي مون کي تجربا ٿيا آهن اهي به ڏاڍا حيران ڪندڙ آهن. اسان جو هڪ شاعر دوست جنهن مون کي ذاتي طور تي چيو ته يار تون مون کي فيس بڪ تي متعارف ڪرائين ٿو پر مون کي خوشي ان ڳالهه جي آهي ته تون شاعري کي سمجهندڙ ۽ ان کي محسوس ڪندڙ ماڻهو آهين. ۽ ان شاعر مون کي پنهنجا ڪتاب ان ڪري موڪلي ڏنا ته آئون سندس شاعري فيس بڪ تي ڊزائن ڪري رکان. هن منهنجي آئي ڊي تان پنهنجي شاعري کي اپلوڊ ٿيڻ کي سٺو سنئوڻ ٿي سمجهيو پر ان ڳالهه تڏهن اتي وڃي دنگ ڪيو جڏهن مون سنڌ جي هڪ سگهاري شاعر جي شاعري جڏهن فيس بڪ تي رکي ته ان دوست چوڻ شروع ڪيو ته هنن ماڻهن کي ته شاعري جي پرک ئي ناهي جنهن کي ”آئون“ شاعر ئي نٿو سمجهان ان کي فيس بڪ تي عام پيا ڪن. تڏهن مون سوچيو ته ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏو نه هلڪڙو ۽ ڇسو ٿي پوندو آهي!. ڇو ته اها ته هر ماڻهو کي خبر آهي ته ڪو ماڻهو ادب تي اٿارٽي نٿو ٿي سگهي . اها الڳ ڳالهه آهي ته جنهن شئي ۾ وسعت نه هوندي اها وقت سان گڏ پاڻهي ختم ٿي وڃڻي آهي باقي ڪنهن به ماڻهو جي پسند يا نا پسند سان آرٽ کي مات نٿي اچي سگهي.
    ماضي جي دؤرن کي ڏٺو وڃي ته وري به ڪجهه تنقيد جو معيار ته نظر اچي ٿو پوءِ کڻي اهو پوري طرح تنقيد جي گهرجن تي پورو نه به لهندو هجي پر هن دؤر ۾ ته تنقيد جي نالي ۾ سڀ ليڪا لتاڙجڻ شروع ٿي ويا آهن. ايئن به ڪونهي ته، ڪو اسان وٽ تنقيد جا ماڻهو آهن ئي ڪون پر اهي به اهڙن روين کي ڏسي شايد ماٺ ٿي ويا آهن، نه ته اڪبر لغاري، مبارڪ لاشاري، لطيف نوناري ۽ ننگر چنا کان وٺي نقاش علواڻي جهڙا کوڙ اهڙا ماڻهو آهن جن کي نه رڳو تنقيد جي گهرجن جو پتو آهي پر هنن جڏهن به قلم کنيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هنن نه ته همعصر واري جيلسي جي بنياد کي نظر ۾ رکيو، ۽ نه وري شهرت حاصل ڪرڻ يا ذاتي رنجشن کي بنياد بڻائي ڪجهه لکيو. انهن مان ٻين دوستن جي ته مون کي ذاتي طور تي خبر ناهي ته اهي هن وقت تنقيد جي حوالي سان ڪو ڪم ڪري رهيا آهن يا نه پر مبارڪ لاشاري جا ٻه ڪتاب جيڪي جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارا آهن ، اهي ٻئي ڪتاب سنڌي ادب ۾ تنقيد جي حوالي سان هوندا. ۽ مبارڪ لاشاري هڪ اهڙو تخليقڪار ۽ نقاد آهي جنهن مان تمام گهڻيون اميدون رکي سگهجن ٿيون. ته هو ضرور ڪو اهڙو وکر کڻي ايندو جنهن سان نه رڳو سنڌي ادب کي تنقيد جي حوالي سان بهتر رستو مهيا ٿيندو پر موجوده دؤر ۾ جيڪو تنقيد جي نالي ۾ گند ٿي رهيو آهي ، جنهن جي ڪري اسان جو جيڪو اميج دنيا اڳيان وڃي رهيو ان کي به ڪافي حد تائين گهٽائڻ ۾ مدد ملي سگهندي.
    ان ڪري اسان کي گهرج آهي اهڙي تنقيد جي جيڪا ادب جي اوسر لاءِ بنياد فراهم ڪرڻ سان گڏ ان کي آرٽ جي بلندين تائين وٺي وڃڻ لاءِ ان گس جو به تعين ڪري جيڪو اسان جي ادب ۽ سماج لاءِ هڪ اتساهه بخيشيندڙ هجي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اقبال سائين سلام

    فيسبوڪ ۽ اخبارن ۾ اوهان جا ليک پڙهندو رهان ٿو. سچ ته هي ليک به منهنجي اندر جو آواز آهي.

    مان سمجهان ٿو ته اسان جي دوست ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري کي هي ليک پڙهڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    سليمان سائين وڏا قرب.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    تنقيد نگاري تي لکيل اقبال سائين جو بهترين ليک، سائين اوهان جي هن ليک ته مان اوهان سان سهمت آهيان.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو