موڊي!!!

اهو الزام قبولڻ جوڳو ناهي
آئون هڪ سادو سودو عام رواجي ماڻهو آهيان جنهن جو هڪ ننڍڙو دڪان آهي، ڳوٺن ۾ جيئن ڪريانه جي دڪان تي اوهان کي پنساري وٽان ملندڙ ڪجهه سامان، ٻارن جي فنرگن ۽ گرائپ واٽر دوا، ڪجهه جنرل اسٽور جو سامان سميت فرسٽ ايڊ طور ڪتب ايندڙ دوا گوري به ملندي آهي ائين منهنجي موبائيل شاپ تي ڦوٽو اسٽوڊيو، ڦوٽو اسٽيٽ، ڪمپوزنگ، ڊيزائننگ، اومني، ايزي پيسا وغيره جهڙا خفا به هلايان پيو، سڄي ڏينهن جي مزدوري کان پو دنياوي گهرجن کي منهن ڏيڻ لائق ٿيندو آهيان، صبح 8 کان رات 9 تائين انهي وٺ وٺان ۾ هوندو آهيان جنهن جي ڪري سوشل رابطا برقرار ناهيان رکي سگهندو حالانڪه دل به جام چوندي آهي پر بهادر شاهه ظفر چواڻي ته
ان حسرتون سي ڪهه دو ڪه ڪهين اور جا بسين
اتني جگه ڪهان هي دل داغدار مين
موڊ جو هجڻ نه هجڻ ڪا معنى ناهي رکندو، وقت هجڻ ضروري آهي جيڪو بهرحال گهٽ آهي پو به سنگت جا نوڪر آهيون