جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،شيخ اياز

'شيخ اياز' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين۔

    ڪنهن لاءِ تڪين تو ڪانڌيءَ تان، ٻي ٻيڙي ڪابه نه اچڻي آ،
    جي تون به اچين او وڻجھارا! توکي به اُڪاري وينداسين۔

    درياھ اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي،
    تون مان ته رڳو هن سنڌوءَ تي، ڪا لهر اُڀاري وينداسين۔

    ڪا جھِرمِر جھِرمِر جگنوءَ جي، ڪا ٽِم ٽِم ٽِم ٽِم تاري جي،
    گھنگھور گھَٽا جو گھيرو آ، ڪنهن جي ته سهاري وينداسين۔

    آ مرڻو هر هڪ ماڻهوءَ کي، پر آئين نه مرنداسين ساٿي،
    ڪا آگ لڳائي وينداسين، ڪو ٻارڻ ٻاري وينداسين۔

    تون آءُ ته اوريون او راڻا، ڇو جيءُ سهي هي جھوراڻا،
    تون ڇا کان ڇرڪين ٿو راڻا! اڄ ڪاڪِ ڪناري وينداسين۔

    ڇو گھٻرائين ٿو ڪوٽ ڏسي، هي اُوچي اُوچي اوٽ ڏسي،
    زندان اڏائي وينداسين، زنجير پِگھاري وينداسين۔

    تنهن وقت به مون هي ڄاتو هو، هي ڪاريهر سان ناتو هو،
    جي ساٿي ساٿ سڃاتو هو، هي مارِي ماري وينداسين۔

    تون ڪر، جو تو کي ڪرڻو آ، هي دور به نيٺ گذرڻو آ،
    ڪنهن وقت ڏهيسر مرڻو آ، بنواس گذاري وينداسين۔
     
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    جي هانءُ نه هارين ڪوهيارل! هي ڏينهن به گھاري وينداسين،
    ڇو پير پساري ويٺو آن، اُٿ! ڏونگر ڏاري وينداسين۔
    منهنجي پسند جو غزل
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
  4. سجاد علي خاصخيلي

    سجاد علي خاصخيلي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مارچ 2013
    تحريرون:
    76
    ورتل پسنديدگيون:
    133
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ڌنڌو:
    هڪ سٺي نوڪري جي ڳولا
    ماڳ:
    نواب شاه
    تمام بهترين سائين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ثقلين

    محمد ثقلين Guest

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2014
    تحريرون:
    219
    ورتل پسنديدگيون:
    238
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    نواب شاه: موجوده :ڪراچي، سولجر بازار 1 نمبر .....
    تمام بهترين سائين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    ها پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ
    پر سنڌ اياز نه مرڻي آ
     
  7. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    تمام دوستن جون مهربانيون
     
  8. گدا حسين ڪنگو

    گدا حسين ڪنگو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دريا اندر جا دهشت آ، ڪنهن وقت قيامت ٿي ويندي
    تون مان ته رڳو هن سنڌو تي، ڪا لهر اڀاري وينداسين.
     
  9. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    حق موجود فقير گدا حسين ڪنگو,
     
  10. گدا حسين ڪنگو

    گدا حسين ڪنگو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2016
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين عبدالرحيم سدا موجود
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو