EDUCATE SINDH MISSION > DRAMA MAKING ORIENTATION PROGRAM EDUCATE SINDH MISSION > DRAMA MAKING ORIENTATION PROGRAM جيئن ته سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي ميڊيا لاءِ جذبا گهڻا آهن ۽ هر شخص چاهي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ هو سنڌي ٽي. وي چئنلن تي نمودار ٿئي پوءِ جن جو ڪو واستو هوندو آهي ته اُهي ايڪسٽرا ئي سهي پور نمودار ٿي ويندا آهن پر جيئن ته اسانجي سنڌي ميڊيا ۾ ڪو اهڙو ادارو ناهي جو سندن هن شوق کي پالش ڪري اڳيان پيش ڪري سگهي جيئن هو اجايون دانهون ڪوڪون يا سُلطان راهي يا رنگيلو بڻجڻ بجاءِ پنهنجي اندر جي اصل فن کي ٻاهر ڪڍي سنڌي ميڊيا جي خدمت ڪري سگهي. ڪي پئسي ، اثر ۽ هوند وارا فنڪار بُنيادي ڊراما ٺاهڻ ۽ سمجهڻ جي نه ڄاڻ هوند باوجود به هڪ ٻه ڊرامان يا وڊيو سانگ ڪري ، بجاءِ گهٽ وقتائي ( سولو پلي، لانگ پلي يا سيريز يا ٽيلي فلم )طرف وڌن هو سڌو سئون هدايت ڪاري يا اسڪرپٽ رائيٽر ٿي سيريل يا سوپ ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن جتي هو سنڌي قوم کي دڳ ڏيڻ بجاءِ ساڳيا رواجي اجايا سجايا غير سنڌي لفظ ۽ لُغت وارا جُملا، جهيڙا جهٽا، جاگيرداري، وڏيرو، ڪمدارر پوليس ڌاڙيل ڪلچر ڪردار ڪرائيندا آهن بيشڪ بگڙيل معاشرو انهن ڪردارن کي پسند ٿو ڪري پر قومي نقصان ٿئي ٿو ۽ قوم وڌ جهالت ۾ وڪوڙجي وڃي ٿي ۽ هر شخص ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪنهن ٽيڪنيڪ جو ماهر ٿيڻ بجاءِ ڳائڻو، ناچو، ڪلاڪار ٿيڻ پسند ٿو ڪري. ته سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن (ساوا) گُلستان جوهر برانچ ، عهد ڪيو آهي ته (ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ ريسرچ سينٽر (نيوسعيدآباد سنڌ) ضلع مٽياري جي ٿنڪ ٽيم جي تعاون سان انهن فنڪاري لائين ۾ گهسڻ وارن جي رهنمائي ڪجي ۽ کين سکيا جا موقعا ڏجن ته جي هو سنڌي ميڊيا ۾ داخل ٿين ٿا ته پنهنجي فن بابت مُڪمل علمي ڄاڻ به رکن. ان سلسلي ۾ اسان هي پهريون ٽرينگ ڪورس بنام ( ڊراما ميڪنگ اورنٽيئيشن پروگرام) شروع ڪري رهيا آهيون. جيڪي دوست چاهين هيءَ سکيا وٺڻ لاءِ پاڻ کي رجسٽر ڪرائين ۽ ڪورس خاتمي تي کين ٽرينبگ سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو. هن ڪورس جو سيليبس هي هوندو. ته پاڻ کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڊيٽا هن ايڊريس تي موڪليو. sindhi_media@yahoo.com يا newsaidabad@hotmail.com ا. ڪهاڻي ، افساني، ناول ۽ درامي لکڻ جو فن ڇا آهي. 2. ڊراما اسڪرپٽ (سولو، لانگ، ٽيلي فلم، سيريز، سيريل ۽ سوپ لاءِ)ڪيئن بيلنس ڪري لکجي. ون لائين ڪيئن تيار ڪري مئنيجمينٽ جي اپروول لاءِ موڪلجي. 3. ڪيترا مين ڪردار هُجن انهن جي سليڪشن جو معيار ڇا ۽ انهن ڊرامن جي بجٽنگ ڪيئن ڪجي. 4. ڊرامن ڪرڻ لاءِ لاجسٽڪ سپورٽ، لوڪيشنس، فوڊ، ٽرانسپورٽ ڪيئن ڊزائين ڪجي. 5. ڪهڙي ڊرامي لاءِ ڪيترو وقت گهرجي ۽ ان جي رڪارڊنگ ، اليڪٽرڪ۽ ميڪ اپ ٽيم (اي.اين.جي) گروپ جو تعداد ۽ معيار ڇا هُجي. 6. رڪارڊنگ جا فريم ڪهڙا ۽ ڪيئن جوڙجن. 7. ڊائلاگ ادائگي وٺڻ لاءِ ڪوڊائريڪٽر يا ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر جا ڪهڙا ڪم هُجن. 9. ڊرامي جي نسبت سان ڪيتريون ڪيسٽ يا ريم (ميموري ڪارڊ) هُجي. 10. ڪهڙي ڪئمرا ڪهڙن سينن رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ بهتر هوندي ۽ ڪئمرا لاءِ ٻيا ڪهڙا لينس ۽ ڇو گڏ هُجن. 11. گرپنگ ۽ ايڊيٽنگ ڪيئن ڪرائجي ۽ پري ويو ڪنهن کان ڪرائجي وغيره ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته گهڻن سنڌي چئنلن هُئڻ جي باوجود به سنڌ ۾ موجود يا ايندڙ شوقين فنڪارن جي اڃان الاهي لوڌ موجود آهي ۽ جيڪي ايڪسٽرا ڪردار حاصل ڪرڻ ۽ اسڪرين تي موجود رهڻ لاءِ سنڌي چئنلن تي بار بار اچڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ان پرواه کان سواءِ ته يڪسانيت وري ڪريڪٽر ادائگيءَ ڪري لمحن ۾ ويئور رموٽ سان چئنل چينج ڪريو ڇڏي. مشاهدي ۾ اهو به آهي ته ڪردار صرف اڪثر پنهنجا ڊراما ۽ ڪردار ڏسن ٿا ۽ پوءِ پاڻ به اُڪتائجي رموٽ سان اڙدو فلم، نيوز يا ٻين چئنلن تي وڃن ٿا. اڪتائجڻ جو واحد سبب يڪسانيت واري ادائگي، ساڳيا سين ورجائڻ ۽ ساڳين ڪردارن کي بار بار مختلف ڊرامن ۾ پيش ڪرڻ آهي جنهنجو سنڌي ميڊيا انڊسٽريءَ تي به گهڻو غلط اثر پوي ٿو ۽ سنڌيت به خڀري ۾ پئجي وڃي ٿي. (EDUCATE SINDH MISSION)
هر اُڀو سُڀو، کاٻو ٽيڙو بغير مُنهن ڌوتل بنا گُرڙيءَ ڪرڻ جي ٻه درجا پڙهيل بنام ليکڪ ، علم مان مُڪمل اڻ واقف جڏنهن سڄي رات خواب ۾ ۽ تصور ۾ فلمون ۽ ٽي وي ڊرامان ڏسي ۽ ڊائجسٽون پڙهي ننڊ مان بيدار ٿئي ٿو ته خانصاحب هڪدم اسڪرپٽ رائيٽر بڻجڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ سنڌي ميڊيا چئنلن تي مٽي مائٽي، ياري دوستي، پيالا ڀائي وغيره جي اثر رسوخ يا ٻين حرڪتن پيش ڪرڻ تي چانس وٺي سنڌي چئنلن جي مدد سان سنڌي زبان، ڪلچر، تهذيب، روايت ۽ تمدن جي ٽنگ جهوريو وجهي. ظاهر آهي سوسائٽيءَ ۾ هاڻ پڙهيل لکيل ليکڪ ته سنڌي چئنلن ۾ اڳتي اچي نٿو سگهي ۽ جيئن ته هاڻ بمجبوري اهي ٽنگ ڀڳا ليکڪ ئي اسانجو مُقدر بڻبا ته پوءِ پنهنجي تهذيب ۽ تمدن ۽ سماج بچائڻ لاءِ ڇو نه انهن ئي دوستن کي پاليش ڪري، سکيا ڏئي اڳيان آڻجي ته گهٽ ۾ گهٽ اسانجي سنڌي ٻولي ته مُتاثر نه ٿئي ته اسان انهن لاءِ هي سکيا جو پروگرام ترتيب ڏنو آهي کين به گهرجي ته پڙهن ۽ سمجهن جيئن سنڌي ٻولي، معاشرو تباهيءَ کان بچائي سگهجي.
مقصد تنقيد ڪرڻ نه آهي ۽ نه ئي اصلاح.. مقصد صرف ڌيان ڇڪائڻ آهي.. مٿي ڏنل ڳاڙهن لفظن لاء سنڌي ۾ نعم البدل لفظ موجود هوندي به غير ارادي طور استعمال نه ٿيڻ سبب مضمون جو سنڌي ۾ هجڻ جو مزو وڃايو ڇڏين.. اميد ته منهنجي گستاخي تي ناراض نه ٿيندا..
هر نظرئي کان تنقيد لازمي آهي جيڪو اصلاح جو سبب بڻجي ٿي هن ۾ ناراضگي جي هرگز ڳالهه ڪانهين! اها ڳالهه به صحيح آهي ته بيشڪ جتي به ٻولي آڌار مضمون هُجي اُتي سنڌي ۾گهربل لفظ لڳائڻ جي ضرورت جو هُئڻ لازمي آهي. پر جيئن ته هتي ٽيڪنيڪل(فني) مضمون آهي انهي ڪري ڪن جاين تي انهن لفظن کي ڄاڻي ٻُجهي چنبڙايو ويو آهي جو اهي روزمره رواج موجب ائين ئي استعمال ٿين ٿا ۽ اسان به چاهيون ٿا ته اهي لفظ ائين ئي استعمال ٿيندا رهن ۽ ٽينيڪل (فني) ماحول يڪسان رهي. ساڳي ريت جيئن مٿي چيل( نعم البدل) يا (گستاخي) استعمال ٿيل آهي ۽ اهي ٻئي سنڌي لفظ نه آهن پر استعمال ڪري سگهجن ٿا.