حاجي ساند جي شاعري تي لکيل اڀياس. اقبال هاليپوٽو

'مقالا' فورم ۾ اقبال هاليپوٽو طرفان آندل موضوعَ ‏14 سيپٽمبر 2014۔

  1. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ( حاجي ساند جي شاعري تي لکيل مقالو )

    هي تازا گيت گلابن جيئن....!!!

    اقبال هاليپوٽو
    ڪجهه وقت پهرين جڏهن امرڪوٽ جي هڪ لکيئي پڙهئي دوست ٽنڊوباگو ۾ هڪ ادبي پروگرام جي اسٽيج تي بيهي اها دعوا ڪئي هئي ته شيخ اياز جي وڇوري کان پوءِ سنڌ ۾ شاعري جو ڏڪار اچي ويو آهي، تڏهن ان دوست جي ڏنل راءِ تي خوشگوار حيرت کائيندي مون سندس ڪيل ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو هو، ڇو ته تاريخ شاهد آهي ته شاعري هر دور ۾ سنڌ جي خمير مان جنم وٺندي ۽ پنهنجي نون گهاڙيٽن ۽ منفرد موضوعن جي طفيل ڪويتا جي آڪاس تي چنڊ جيان چمڪندي رهي آهي. ڀاڳو ڀان، مرکان شيکڻ ۽ لطيف سائين کان وٺي شيخ اياز تائين ۽ اڳيان هلي اڄ جي جديد دور جي تقاضائن تائين سنڌ جي شاعري پنهنجي سفر ۾ ساڳئين حُسن ۽ سڀاءُ سان روان دوان آهي. پر وري به اڄ جي جديد شاعري جي حوالي سان پنهنجي موقف کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ جنهن شاعر جي شاعري مون کي پختا دليل مهيا ڪيا هئا اهو حاجي ساند آهي....!
    سنڌ جي تاريخي شهر امرڪوٽ جي پاسي ۾ هڪڙي ڪلاسيڪل ڳوٺ روحل واءِ جو هي فقير منش شاعر جيڪو حليم باغي جهڙي آفاقي شاعر ۽ ماما جمن دربدر جهڙي گوناگون شخصيت جي سايي ۾ رهي ٿو، جيڪا يقينن خوشنصيبي جهڙي ڳالهه آهي، پر وري ڏسجي ته اهڙا ماڻهو جيڪي آرٽ جي بلندين تائين پهتل هجن، جن وٽ ڪمال جي مهارت هجي ۽ جن جي شاعري پنهنجي دور جي نمائنده صف ۾ بيٺل هجي انهن ماڻهن جي وچ ۾ رهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ صرف حاجي ساند جهڙن غير معمولي شاعرن جي وس جي ڳالهه آهي.
    شاعري جنهن کي تلوار جي ڌار جهڙو خمير ۽ طوفاني برسات ۾ ٿرٿرائيندڙ وڻن جهڙي سرڪشي هوندي آهي، ان شاعري سان عام حالتن ۾ نڀائڻ ايترو ئي ڏکيو عمل آهي جيترو جلاوطن ماڻهو لاءِ پنهنجي وطن جي وڻن کان دور زندگي گذارڻ ڏکي هوندي آهي. ان جي برعڪس حاجي جي شاعري سازگار حالتن جي دائري ۾ اوسر پائڻ کانپوءِ جڏهن پختگي ڏانهن مائل ٿئي ٿي ته سندس نظمن ، غزلن ۽ بيتن ۾ سمايل جمالياتي رنگ ، خيالن جي بلند ترين پرواز ۽ تشبيهون جن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ کان پوءِ ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڪائنات پرين جي ڀاڪرن ۾ سمائجي چڪي آهي. يا حاجي جي شاعري جو ڪلاسيڪل رنگ جيڪو تاريخي شعور ۽ ٻولي جي نفاست جي ڪري پنهنجي دور جي نون شاعرن جي شاعري تي ڇاپ چڏي چڪو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي زندگي تي ڇانيل پيري مريدي وارو ڪلچر ۽ ان ڪلچر جي رستن تي پنڌ ڪندڙ سُکائون، جن ۾ ماڻهو جي من جون خواهشون پنهنجي محبوب جي گهُر ڪندي هڪڙي لطيفي احساس ۾ تبديل ٿي وينديون آهن. حاجي جڏهن ان پسمنظر ۾ نظم لکيو ته سندس نظم مقناطيسي ڇڪ جيان ڪيترن ئي دلين کي پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ورتو.

    سُکا جا موڙ باسون ٿيا
    ڳنڍيو آ ڳيچ ۾ ڳانو
    ڇلا سڀ ڇيڳڙي پنهنجا
    ڪيا هن نينهن نذرانو
    اڳي کان وڌ الا مون لئه
    ٿئي هو مست ديوانو
    وڌا هن پڙ پيرن تي
    چمي چانئٺ کي ڳايو آ
    ڪُٻي جي اوٽ مان اڏريا
    ڪبوتر تن ٻڌايو آ

    سائين رسول بخش درس جي ڪهاڻين کان متاثر ٿي شاعريءَ جي سفر ۾ پير پائيندڙ حاجي ساند اڪثر شاعرن وانگر رڳو وزن جي چڪر ۾ اچي لفظن جي هيراڦيري ناهي ڪئي ، پر هن بهترين اسلوب ۽ خيال جي جدت جي بنياد تي پنهنجي شاعري کي نون لاڙن سان متعارف ڪرائي هڪڙي پوري دور جي ڪايا پلٽ ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ ادبي ڪچهرين ۾ موضوع پنهنجا صديون پراڻا رخ تبديل ڪرڻ لڳا، حاجي پنهنجي دور جي نقادن کي تحقيق لاءِ نوان گس ڏنا ۽ شاعريءَ جي پڙهندڙن کي انهن پيچرن تي هلڻ سيکاريو جن طرف هن کان اڳ ڪنهن جي سوچ به سفر نه ڪيو هوندو. سندس نظم ”سسئي“ ، ” ڇورو ٻار ملاحن جو “ ان جا شاندار مثال آهن. هن کان اڳ رڳو نوري جي عشق کي تماچي تائين محدود ڪيو ويو هو، پر اهو حاجي ساند جي شاعراڻي سگهه جو ڪمال آهي جو هن ”ڇورو ٻار ملاحن جو“ نظم ۾ هڪ مهاڻي ڇوڪري جو نوري سان عشق ۽ سندس احساسن کي ايترو ته ڪمال سان چٽيو آهي جو ان داستان جو هڪ نئون رخ اسان جي اڳيان کُلي ٿو اچي.

    سج لٿي جو هاءِ ٿڪل
    جنهن ويلي وانجهي ورندا هئا
    ۽ ٻيڙا ڪپ سين لڳندا هئا
    هي تنهنجي نهٺو حُسن ازل
    سارا ٿڪ اتاريندو هو
    سارا ڏک وساريندو هو
    ڪو ڇورو ٻار ملاحن جو
    تنهنجي جهوپي جي در تي
    نيڻ وساري ويندو هو
    ۽ تنهنجي چپڙن آڳر تي
    مرڪ ڦلاري ويندو هو
    شام لڙيءَ جو گيت سندس
    تولاءِ لوليون ٿيندا هئا
    ۽ خوشيون جهوليون ٿيندا هئا
    اڄ ان کان ننڊ رسي وئي آ
    اڄ هن کي کائين تنهايون
    ٿيون دور وڄڻ پيون شهنايون
    آ سارو محل کلي اٿيو
    هي محل جو اڳ ئي روشن هو
    فانوس هزارين ٻرندا هئا
    پر تنهنجي سونهن سهايون هئي
    هڪ من جي ننڍڙي مندر لئه
    اڄ ان ۾ ڪيڏيون اونداهيون
    اڄ ان ۾...................................

    ڌرتي سان عشق جو ادراڪ ۽ سن جي مقدس مٽي جو عاشق شاعر پنهنجي دور جي حالتن ۽ رائج نظام جي ڪري پيدا ٿيندڙ تڪليفن کان چڱي طرح باخبر آهي، هن جي شاعري جتي وڇوڙي جي طويل راتين ۾ اڪيلو سڏڪندڙ دلين جي بدنصيبي جي آٽوبايوگرافي آهي ، اتي هن جي شاعري پنهنجي ديس جي ماڻهن جي ڏکن ۽ غلامي جي ڪاري رات ۾ ڪسندڙ پنهنجي قوم جي پست حال زندگي جو مڪمل دستاويز پڻ آهي.
    مزاحمتي ادب جي مشاهدي کان پوءِ مون محسوس ڪيو آهي ته مزاحمتي شاعري تڏهن وڌيڪ خوبصورت ۽ اثرانداز ٿيندي ويندي آهي جڏهن ان ۾ رومانيت پنهنجو حصو شامل ڪرڻ لڳندي آهي. وطن جي بقا جي جنگ وڙهندڙ گوريلن جون محبوبائون جڏهن ڪچن گهرن جي آڳر ۾ ويهي وارن کي ڦڻي ڏيندي پنهنجي پريتم تي سوچڻ شروع ڪنديون آهن، تڏهن انهن وٽ محبت جو تصور ڪهڙن ابهامن سان ڀريل هوندو آهي ؟ يا آزادي جي جنگ ۾ شهيد ٿيندڙ ورن جي جنازن تي سوڳوار ويٺل ونيون ڏک ۽ جدائي جي شدت کي ڪيئن برداشت ڪنديون آهن؟ ان حوالي سان حاجي جي شاعري انهن ڳجهارت جهڙن رازن کان چڱي ريت واقف آهي، هو جڏهن ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي شهيد ڪيل پنهنجي ديس جي سرڪش شهيدن تي نظم ٿو لکي ته وطن جي مٽيءَ جو ذرو ذرو هن سان گڏ انهن سورهين جي بهادري جا گڻ ڳائڻ لڳي ٿو.

    کلندي کلندي سيج ڇڏي
    هن راح ڪنڊن جي ورتي
    مون کان ڪيئي ڀيرا وڌ هئي
    هن کي پياري ڌرتي
    ان جو ڪهڙو ڏک ونڊين ٿي
    مون سان منهنجي سرتي
    مٽيءَ خاطر مرندا تن جو
    ڪهڙو ڏک اياڻي ٿيندو
    آزادي ۽ خوشحالي جو
    تنهنجو رت ڪهاڻي ٿيندو.

    هن ملڪ جي سياسي تاريخ جي ديومالائي شخصيت ۽ عوام جي محبت جو آواز بڻجي گونجندڙ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جڏهن 18 آڪٽومبر 2008 تي وطن واپس موٽي هئي ۽ ڪار ساز وٽ هن جي قافلي سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ڪيتريون ئي زندگيون موت جي وادي ۾ گم ٿي ويون هيون، ڪيترن ڀيڻن کان ڀاءُ، ونين کان ور ۽ پٽن کان پي وڇڙي ويا هئا
    انهن سوڳوار خاندانن پنهنجي غيرمشروط محبتن جي مهابي پنهنجي عظيم اڳواڻ لاءِ جيڪي محبوب جذبا محسوس ڪيا هئا ، اهي جذبا حاجي جي ان لازوال نظم جو ٿيم بڻجي ويا جنهن نظم ۾ هڪ ڏکايل ڀيڻ پنهنجي شهيد ڀاءُ جون ساروڻيون ونڊيندي تاريخي حقيقتون بيان ڪري ٿي.
    اسان پنهنجي ڀايل جي
    ڳيچن جا سڏڙا
    نه پاڙي سان اوريا
    سرتين سان ونڊيا.
    سنڌ جي قديم ڪلاسيڪل شاعري جي تناظر ۾ جڏهن اسين اڄ جي جديد شاعري جو مشاهدو ڪريون ٿا تڏهن تمام ٿورا اهڙا نالا آهن جيڪي شاعري جي جديد صنفن سان گڏ ڪلاسيڪل شاعري جي صنفن ۾ به مهارت رکن ٿا. حاجي ساند جتي جديد صنف نظم، غزل ۾ پنهنجي فن جي عروج تي پهتل آهي، اتي هن جي اندر جي شاعر کي سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعري جو ادراڪ پڻ آهي. هو جڏهن بيت لکڻ شروع ٿو ڪري اتي به هي پنهنجي شاعراڻي ڪمال سان نظر ٿو اچي، هن جي بيتن ۾ استعمال ٿيل ٻولي پنهنجي بيهڪ جي حساب سان نه رڳو انفراديت جي حامل آهي پر هن وٽ اهو جادو به آهي جيڪو ٻڌندڙ تي عجيب قسم جو سحر طاري ٿو ڪري ڇڏي، مثال طور.

    کيڻ وراڪو آ ڏنو، يا کنئين تو آ کنج،
    وٺيين سانوڻ مينهن جيان، ويا رسامان رنج،
    پياري تنهنجي هنج ، سارا ٿڪ اتاريا.

    اتران اٿي آيون، پسايائون پدمات،
    رميون روحل واءِ تي، ريلا ڪري رات،
    پياري ڇا پرڀات، ڌوتل منهنجي ديس جي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    حاجي ساند جي شاعري تي لکيل مقالو تمام بهترين آهي ۽ حاجي صاحب جي شاعري به تمام گهڻي فصيح آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,932
    ورتل پسنديدگيون:
    27,256
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو لکيو اٿو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. اقبال هاليپوٽو

    اقبال هاليپوٽو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو