ادا سڀني دوستن جي راين جي مهرباني. جيئن ته سائين ميمڻ صاحب ڪافي تفصيلي جواب ڏيئي ڪُجه سوال ڪيا جن جي جواب طور هي لکان پيو ٿو.
سڀ کان پهرين ڳالهه ته هي مؤقف منهنجو ذاتي نه پر سڄي انتظاميه طرفان سمجهيو وڃي جو فردن فردن جواب ڏيڻ کان هڪ ئي جواب ڪافي هو.
سڀ کان پهرين ڳالهه ته هي مؤقف منهنجو ذاتي نه پر سڄي انتظاميه طرفان سمجهيو وڃي جو فردن فردن جواب ڏيڻ کان هڪ ئي جواب ڪافي هو.
ادا ايئن بلڪل به ناهي ته ڪو هي سسٽم ڪنهن لالچ ڏيڻ يا انعام تي هرکائي فورم تي فعال ڪرڻو هو. جيڪڏهن هاڻي به موضُوع تي غور ڪبو ته ذيشان رشيد جو واضع اکر به اکر جملو ڪُجهه هن ريت آهي.محترم عبدالحفيظ ۽ ٻئي مانواري انتظاميه السلام عليڪم. سائين منهنجا الائي جي ڇو اسان کي اهو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي مصونيات ( پروڊڪيٽ )کي وڪڻڻ لاء انعامي اسڪيم جي مدد حاصل ڪندو آهي. تيئن اسان جي هن اڱڻ جي زينت ۾ اضعافي ڪرڻ لاء انتظاميه کي پاولين وارو سسٽم جي مدد جي ضرورت پئجي ويئي آهي.
بلڪل هڪ مثبت سوچ هُئي ته دوستن ۾ مقابلي جو رجحان پئدا ٿئي. بلڪل ايئن جيئن اسڪول ڪاليج يونيورسٽي ۾ مقابلا ڪرائي کين شاباسي طور انعام ڏنا ويندا آهن.ڪافي ڏينهن کان ڪوشش هئي ته فورم تي ڪجهه اهڙيون تبديليون آنديون وڃن جنهن سان رڪنن کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهه پيدا ٿئي .. گڏ کين فورم تي وڌيڪ وقت گذارڻ تي معلومات سان گڏو گڏ وڌيڪ تفريح ملي... ۽ سندن ۾ هڪ مقابلي جو رجحان پيدا ٿئي جنهن سان وڌ کان وڌ سنڌي مواد سنڌ سلامت تي گڏ ٿي انٽرنيٽ جي دنيا ۾ پکيڙڻ لڳي..
اوهان جي ڳالهه بلڪل درست آهي ته ڪڏهن به ڪو ميمبر پوائنٽس سسٽم يا پاولين (سي به اصل نه پر مجازي Virtual) جي ڪري هتي نه آيو هو نه وري آيو آهي نه ته 2009 کان هي فورم ڪافي وقت بنا پاولين ۽ ڪُجهه وقت اڳ تائين پوائنٽس (سي به غير فعال) تي هلندو رهيو.ادا اسان نه ته ڪنهن انعامي اسڪيم يا پوائنٽن جي ڪري هن اڱڻ جا ڀاتي ٿياسين نه اسان کي انهن جي ضرورت آهي. اسان ۽ اوهان محبتي ۽ دوستي جي اهڙي مالها ۾ پروڙيل آهيون جو هن قسم جون اسڪيمون اسان لاء ڪا حثيت نه ٿيون رکن. انتظاميه کي گذارش آهي ته اسان جون حاصل ڪيل سڀ پاوليون ۽ پائنٽون فورم جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏين ته اسان انهن جا شڪر گزار رهنداسين.
ادا عبدالحفيظ معاف ڪجو متان اسان جي ڪا ڳاله اوهان کي بري لڳي هجي. اسان اول سوچوسين ته هن موضوعه جي باري ۾ ڪا به ڪمينٽس نه ڏيون پر اوهان پنهنجي ڪيمنٽس ۾ انهن شين ۾ اسان جي دلچسپي هيٺين الفاظن ۾ بيان ڪئي آهي.
سائين اهو ان ڪري لکيم جو توهان سميت سنڌ سلامت جي ڪافي رڪن اڳ اهڙا سوال ڪندا رهيا آهن ته سنڌ سلامت پوائنٽس ڪهڙي بُنياد تي ملن ٿيون ۽ ڇو هڪ لمٽ تي پهچي بيهي رهن ٿيون.. جنهن تي ذيشان رشيد طرفان توهان سان روبرو ڪافي تفصيل سان وضاحت به ڪئي هُئي ۽ سنڌ سلامت فورم تي پڻ گاهي به گاهي وضاحت ڏيندو رهيو آهي. هاڻي شايد پوائنٽس کي پاولي جو نالو ڏيڻ تي ڪو ٻيو تاثر اُڀري پيو جي نه ته اهو ئي سسٽم اڳ پوائنٽس سسٽم سان هلندو رهيو آهي جنهن کي بهتر بڻائي سنڌ ۾ ڪرنسي لاءِ استعمال ٿيندِ قديم نالو استعمال ڪيو ويو آهي.هاڻ خاص طور انهن ميمبرس کي عرض ته پنهنجي راء ڏين جن اڳ پوائنٽس سسٽم ۾ به دلچسپي ڏيکاري. جيئن غلام مصطفي ميمڻ صاحب.
ادا سائين اسان جي حت الامڪان ڪوشش هوندي ته هن محبتي اڱڻ کي ٽائيم ڏئي ڪجه معلومات ونڍ ڪيون . مختصرن ! ( ان شارٽ) اسان پنهنجي هن ڪکائون گهر کي ڪجه ڏيڻ آيا آهيون ۽ نه وري ڪجه وٺڻ آيا آهيون.هاء محبتون ۽ پيار وٺڻ آيا آهيون، جنهن جي لاء اوهان سڀني کي هميشه گذارش هوندي آهي.
انهن دوستن جو وقت به وقت فعال ۽ غير فعال ٿيڻ ٿيندو رهندو آهي. انتظاميه نه اڳ ڪا اهڙي دعوى ڪئي هُئي نه هاڻ آهي ته پاولي سان اهي دوست مُتحرڪ ٿيندا. هي ته بس اُتساهه جي هڪ ڪوشش هُئي.الائي جي ڇو اسان جا پراڻا مهربان ؤ محسن خاص طور ، نثار ابڙو صاحب، نثار ناز صاحب ، اداعاشق سولنگي ، ادي سنڌي نور،محترم صنم عباسي.محترم افتخار چوهاڻ صاحب ،محترم عبد الواحد سومرو،سائين رحيم بخش ڏاهري، ادا رضوان جمالي، مانواروعلي ظفر، سڄڻ عرس پريو،محترم يونس ملڪاڻي ،محترم عمران درويش، جناب خليق الرحمان صاحب، اسان جو استاد محترم عبدالوحيد ڦلپوٽو فقير صاحب ، ادا ممتاز، عبدالڪريم چانڍيو صاحب، منظور عباسي صاحب ۽ ٻيا ڪافي سارا جن جي تحريرن و تبصرا هن ڪکائون اڱڻ جو مضبوط ڪينئوس جي آسمان تي انڍلٺ وانگر چمڪندا هئا، هاڻي خاموش تماشائين مثل چپ چاپ مشاهدو ڪري رهيا آهن.
ادا اسان جو اوهان کان اهو سوال آهي ته ڇا پاولين واري انعامي اسڪيم جي ڪري اسان جا هئي سڀ سڄڻ متحرڪ ٿئي ويندا؟ جي جواب هاء ۾ آهي ته يقين ڄاڻو هن کان بهتر ڪا اسڪيم ٿئي نه ٿي سگهي ۽ اسان به ان جي ساراه ڪنداسين پر جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته اسان جي مطابق ( ضروري نه آهي ته اوهان به ان سان متفق هجو) هيئي هڪ فضول اسڪيم هوندي.
سائين اوهان نه رُڳو اسان جا وڏا آهيو پر مُحسن پڻ آهيو. اوهان جڏهن به چاهيو ته ڪن پڪڙي به اصلاح ڪري سگهو ٿا. اُميد ته اوهان جو ساٿ قائم رهندو. هن فورم تي پنهنجي ونڊ جو توڙي اصلاح جو پڻ.معاف ڪجو اسان شايد پنهنجي تحرير ۾ ڪجه سخت ٿئي ويا آهيون. پر ڇا ڪيون هن اڱڻ کي اسان پنهنجي گهر وانگر سمجهندا آهيون ۽ گهر کي هلائڻ لاء ڪنهن انعامي اسڪيم جي ضرورت نه هوندي آهي.