مخمور رضا

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
10644945_564435810352044_5556793029415010525_n.jpg
پياري دوست مخمور رضا ميمڻ جي شاري هتي مان پوسٽ ڪيان پيو اها شاعري مخمور رضا ميمڻ جي فيس بوڪ وال تان کنيل آهي

ﻏـــــــــــﺰﻝ

مخمور رضا ميمڻ

هوءُ سامهون اچي رهي آهي
لونءَ ڪانڊارجي رهي آهي

منهنجي من ۾ تکي ڪنڊي وانگي
چيز ڪائي چُڀي رهي آهي

جيڏو ويجهو وڃان ٿو هن جي مان
ڏور اوڏو وڃي رهي آهي

پنهنجي من ۾ لڪائي ماتم کي
ناچڻي ڇو نچي رهي آهي

بي وفائي دنيا سموريءَ ۾
مرض وانگي وڌي رهي آهي

تنهنجي ! دردن کان تنگ ٿي آخر
دل ڪري خودڪشي رهي آهي
 
Back
Top