مخمور رضا ميمڻ ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ موڙ اهڙي تي هي بيٺي

سائل مهراڻ

سينيئر رڪن
10407075_518553068273652_1152484135163459837_n.jpg


مخمور رضا ميمڻ

ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ

باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ
موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ

ديوَ جهڙي هن وڇوڙي کان ڇڏائڻ
جان پنهنجي ٿي پئي ڏاڍي ڏکي آ

هر تقاضا آ ضروري ٿو مڃان پر
زندگيءَ ۾ عشق ڀي ير! لازمي آ

نيڻ منهنجا ئي رڳو ڏوهي نه هن پر
سونهن لئه هر اک هتي آسائتي آ

دل اسانجي ڍنڍ آ جنهن ۾ , اوهانجَي
ياد جي ٻيڙي سدا ترندي رهي آ

سرخ خوابن جي لڳي تعبير پويان
زندگاني موت جي ويجهو پُڳي آ

باک جهڙي ڇوڪري ! "مخمور" جي هن
دل ۾ تنهنجي چاهتن جي روشني آ
 
Back
Top