مخمور رضا ميمڻ ﻏـــــــــــــــــــــــــــﺰﻝ باهه پويان ۽ اڳيان گهري ندي آ موڙ اهڙي تي هي بيٺي زندگي آ ديوَ جهڙي هن وڇوڙي کان ڇڏائڻ جان پنهنجي ٿي پئي ڏاڍي ڏکي آ هر تقاضا آ ضروري ٿو مڃان پر زندگيءَ ۾ عشق ڀي ير! لازمي آ نيڻ منهنجا ئي رڳو ڏوهي نه هن پر سونهن لئه هر اک هتي آسائتي آ دل اسانجي ڍنڍ آ جنهن ۾ , اوهانجَي ياد جي ٻيڙي سدا ترندي رهي آ سرخ خوابن جي لڳي تعبير پويان زندگاني موت جي ويجهو پُڳي آ باک جهڙي ڇوڪري ! "مخمور" جي هن دل ۾ تنهنجي چاهتن جي روشني آ