تُرڪ دوستن طرفان گفٽن جو وسڪارو

'مختلف موضوع' فورم ۾ گورڌن ولاسائي طرفان آندل موضوعَ ‏15 سيپٽمبر 2014۔

  1. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سڀني دوستن جي مهرباني جن مون سان لاڳيتو رابطو قائم رکيو ته جيئن آئون مستقل طور تي هن فورم ۾ موجود رهان. سندن سمجهائڻ تي اڄ کان اهو ته جنهن کي منهنجو لکڻ پسند اچي اُن جي مهرباني، جنهن کي نه پسند اچي اهو ڀلي خوش هُجي!!!!

    عبدالحفيظ لغاري ، عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، سليمان وساڻ ، يونس ملڪاڻي

    عُمر ديمير سان ته لاڳيتو بحث ٿيندو رهندو آهي ته انگريزي ٻولي جا اسان جي ٻولين تي ڪهڙا اثر آهن، ڪهڙا نقصان ۽ فائدا آهن. انگريزي ٻولي کي ڌاري ٻولي تحت پڙهائڻ ڪيئن آهي. ڌاري ٻولي ۾ بنيادي يا اعلا ليول جا سبجيڪٽ پڙهائڻ ڪيئن آهن...... منهنجو وري زور هوندو آهي ته جنرل ناليج ته لازمي آهي ان کان پوءِ ڌاري ٻولي جو پڙهائڻ ضروري آهي....... بحث جاري آهي......

    عمر ڪجهه ڏينهن اڳ شڪاگو، يعني آمريڪا جو دورو ڪري آيو آهي، هڪڙي ڪانفرنس ۾ ويو انهي ساڳي ڪانفرنس سُميرا کي به وڃڻو هو پر تُرڪي جي حڪومت کيس پئسا نه ڏنا، انهي ساڳي ڳالهه تي اڄ تائين مون سان ناراض آهي ته منهنجي حق جا پئسا توکي پيا ملن..... جنهن تي منهنجو جواب ٻُڌي ٺري پوندي آهي ته آئون ڪو واندو ڪونه آهيان جو ايئن پنڌ ڪري اچي توهان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ پيو رستا ڳولهيان ته ڪهڙي طريقي سان سستي بجلي ملندي.... شڪاگو ۾ عمر کي اها ڳالهه ڏاڍي حيرانگيز لڳي ته آمريڪي ماڻهن کي سندس لهجو سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ آمريڪن جو لهجو وري عمر کي نه سمجهه ۾ پئي آيو. پاڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي ته اسان تُرڪ ايئن ڇو آهيون؟ ڇو نه ٿا انگريزي پڙهون جو اسان ٻين ملڪن ۾ پڻ وڃي سگهون يا آساني سان ڪا نوڪري چاڪري ڪري سگهون. مون چيو ته يار اهو مسئلو تُرڪن سڀني سان ڪونهي، رڳو تو سان آهي، کيس اهو پڻ ياد ڏياريم ته هڪ جوتن جي دڪان تي بل ڀريندي پئسا وٺندڙ مائي جڏهن سندس پورو نالو پُڇيو ته عمر چيو (عما ديمي)، ٻه دفعا ورجائڻ کان پوءِ به مائي کي سمجهه ۾ نه آيو ته مون وچ ۾ ٽنگ اڙائي ته عمر آئرن، جيڪو ٻڌي مائي کل ۾ وٺجي وئي، سمجهي به وئي، گڏوگڏ پُٺيان ٻيا قطار ۾ بيٺل همراه پڻ عمر کي چوڻ لڳا ته تنهنجو دوست چوڪ زيڪي آهي معني هوشيار آهي. اهو ٻڌي عمر چيو
    ” ها يار چوين سچ ٿو ته اهو صرف مون سان ئي مسئلو آهي.....“

    عمر منهنجي لاءِ شڪاگو مان هڪ مگ وٺي آيو آهي گفٽ طور. مون کي خاص هدايت ڪئي اٿس ته ڪنهن کي به نه ٻڌايان سواءِ هن فورم جي..... سندس چواڻي ته آئون تو کي گهر جو ڀاتي ٿو سمجهان. مون کي سندس گفٽ ڏاڍو وڻيو جيڪو ٽيبل تي سامهون پيو آهي.

    بشرا پڻ گفٽ وٺي آئي آهي يونان مان. پاڻ يونان وئي هُئي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ. مگ هڪڙو ڊگهو وٺي آئي پنهنجي قد جيترو!!! يونان کي تُرڪ يونانستان چون ٿا. گفٽ مون کي پاڻ خصوصي طور تي آفيس ۾ ڏيڻ آئي ۽ چيو اٿس ته پليز هن کي پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪجان، جيئن مون کي اهو نه محسوس ته آئون ڪا تنهنجي لاءِ غير ضروري شئي وٺي آئي آهيان. طبيعتن ته هونئن به ماڻس تي وئي آهي، ڏاڍي همدرد ۽ خيال رکندڙ ڇوڪري آهي. روز ملڻ کان ان ڪري لهرائيندي آهي جو کيس پڪ آهي ته آئون جڏهن به ملڻ ايندي آهيان ته توهان سان ڪچهري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن پوءِ جيڏليون مون تي ڪاوڙجن ٿيون ته اسين هتي هاسٽل تي ماني جو پيو انتظار ڪريون ۽ تون ويٺي کل مشڪري ڪرين ريسٽورانٽس تي. ٽيو ڏينهن هٿ چڙهي وئي يالڪان تي 5 ڪلاڪ ويٺي هُئي پئي چرچا هنياسين، ان ڪري خوش هُئي جو سندس موبائل جي بيٽري وئي هلي ۽ کيس ڪير ميسيج يا فون نه پئي ڪري سگهيو. اها بُشرا طرفان مون کي ٻي گفٽ هُئي ان کان اڳ هڪڙو چاٻين جو ڇلو گفٽ ڪيو هئائين. مون واضع ڪيو ته ”ميري پاس ديني ڪي ليي ڪُڇ نهين هي.“

    خليل الله عالمي بيهسودي افغانستان جو رهاڪو آهي هتي افغان حڪومت جي خرچ تي ماسٽرز ڪري رهيو آهي، پڙهائي ۾ اهڙو آهي جهڙو رڍ. الائجي ڪيئن پاس ڪندو آيو آهي هيترا امتحان. باقي ڪچهري ڪرڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ جو گهوڙو!!! 3 ٻار اٿس پر هتي ڪٿي پنهنجي دل وڃائي ويٺو آهي، ڳولها جاري آهي. پر اهڙو ڪو ماڻهو ڪونه ٿو لڀيس جيڪو ڳولها ۾ مدد ڏئي. هيئنر 3 مهينا گرمين جي موڪلن کان پوءِ واپس آيو آهي گڏوگڏ منهنجي لاءِ افغانستان مان هڪ رومال گفٽ وٺي آيو آهي. مشين جو ڀريل آهي، ايترو سُٺو ناهي جو هتي فوٽو ڏيان پر مون سندس دل رکڻ لاءِ افغانسان جي تعريف ضرور ڪئي ته افغاني ماڻهو محنتي ۽ هنرمند ٿا لڳن.

    عمر لوهار جي ڀيڻ گُربُز ديمير مون کي ڏاڍو ڀانئي ٿي، ڏاڍو ياد ڪري ٿي خاص ڪري بالي ووڊ فلمن جي ڪجهه ڊائلاگن کي ڏاڍو پسند ٿي ڪري. پنهنجي ڀاءُ عمر لوهار کي ڪافي زور ڀريندي آهي ته هن ڀيري گورڌن کي لازمي استنبول وٺي اچجان... سندس امڙ پڻ مون کي هر ڀيري سلام موڪليندي آهي. سندس امڙ سان ملندي مون کي ڏاڍو سڪون مليو جڏهن عيد جي موڪلن تي استنبول ويو هُئس. گُربُز کي انگريزي نه ٿي اچي نه ڪو مون کي تُرڪش سو عمر اسان ٻنهي کي ڳالهائڻ ۾ ٽرانسليٽر طور مدد ڪندو آهي. کيس منهنجو عمر سان ايئن ملڻ جلڻ، ٽهڪ ڏيڻ ۽ کل ڀوڳ مشڪري ڪرڻ ڏاڍو وڻندو آهي. چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن عيد تي استنبول نه آئين ته سُٺو نه ٿيندو. گڏوگڏ عُمر هٿان هڪ نوٽ بوڪ به گفٽ طور ڏياري موڪليو آهي. جيڪو مون کي ڪافي پسند آيو، هونئن به مون کي نوٽ بوڪ وٺڻو هو ته جيئن آئون هتان جي دوستن کان پنهنجي خاطر رايا ۽ يادگيريون وٺي سگهان.

    گُلهان ۽ ايلف اسان کي ريسٽورانٽ تي ماني يا چانهه دوران ئي ملنديون آهن. اڄ ڪلهه يونيورسٽي جي موڪلن دوران پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ آهن. اهي پڻ مون کي نياپو ڪري چُڪيون آهين ته اسان تنهنجي لاءِ گفٽ وٺي ڇڏيا آهن. جيڪي جلد ئي تو کي ملندا...... داريا، بشرا ۽ سميرا جي ساڳئي ڊپارٽمينٽ ۾ ريسرچ اسٽنٽ آهي، جيڪا مون کي ايترو ويجهي به ناهي، ان به نياپو موڪليو آهي ته آئون فنلينڊ مان تنهنجي لاءِ هڪ گفٽ وٺي آئي آهيان جيڪو مون وٽ گهر پيو آهي، اڄڪلهه آئون ڏاڍي مصروف آهيان سو ڪجهه ڏينهن جي دير سبب معذرت.... پهرين فرصت ۾ تو سان ڪچهري ڪبي!

    اهو ٻڌائيندو هلان مون ته هيستائين ڪنهن کي به ڪوبه گفٽ نه ڏنو آهي سواءِ پنهنجي ميڊم کي....... ڇو ته پاڻ ماڻهن ۾ شايد اها عادت ڪونهي يا آئون انهي معاملي ۾ اڪيلو آهيان. سڀني دوستن جون ميارون آهن پاڪستان مان ڪجهه شيون ضرور وٺي اچبيون. توهان دوستن کي عرض آهي ته حال احوال کي سامهون رکندي جيڪڏهن مشورو ڏيو ته ڪنهن کي ڪهڙي گفٽ ڏيڻ گهُرجي. بجيٽ جي اندر.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 سيپٽمبر 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ٽئگ ڪرڻ ۽ ان جو سبب وڻيا. سڀني پاران هتي جي زبان ۾ چوندس. تشڪر اديورز.
    گرمين (پوءِ جيڪي نالي ماتر ٿيون) جي موڪلن کان پوءِ اڄ يونيورسٽيون ڇا کُليون ته ائين لڳو يونيورسٽيز جي ويران رستن تي بهار جي مند اچي وئي آهي. هي ٽي مهينا ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ ڪو تُرڪ يا ڌارئين مُلڪ جو پنهنجي ڳوٺ نه ويل سگريٽي ڄڳ مشهور ترڪش تمباڪو جا ڪش هڻندي ڏسجي ته واهه نه ته خير هو. نه ماڻهو نه ڇيڻو صفا چُپ چُپات.
    پر هڪ ئي ڏينهن ۾ اڄ ميلا مچي ويا. سڀ اچي پُهتا، نئين بئچ جا شاگرد پنهنجي رجسٽريشن مان فارغ ٿي ڪلاسز ڀيڙا ٿيا ۽ پراڻن اڳ ڪيل پڙهائي کي اڳتي ورجايو. جيڪي موڪلن ۾ هڪ ٻئي کان پري هُئا سي به اچي ملي حال اوريندي نظر آيا. ڪاش پاڻ وٽ به سڀني يونيورسٽيز ۾ ايئن ٿئي يونيورسٽي کُلڻ ۽ عملن کُلڻ هڪ ئي ڏينهن ٿئي.
    اڄ اهڙي ڏينهن تي اوهان جي موڪل به خيرن سان پوري ٿيڻ تي دلي خوشي ٿي.
    تُحفن جو رواج هتي خوب آهي. پاڻ وٽ اڳي هو هاڻ گهٽجي ويو آهي پر هتي ڪنهن جي گهر خالي هٿ وڃڻ ته ڪافي عجيب سمجهيو ئي وڃي ٿو پر ڪُجهه وقت پري رهي اچڻ تي گفٽ وٺي اچڻ واري روايت پڻ آهي. منهنجو يار اونيور ته پاڻ به کاڌي جو شؤقين سو اڪثر کاڌي جا سامان وٺيو اچي. مرسن ويو ته هتي جي پسنديده راند تاولا وٺي آيو. لئب ۾ ڇوڪريون ميليڪ، جانسو ۽ ايزگي پڻ کائڻ جو شؤق خوب رکن سو اڪثر کاڌي جا ائٽم کنيو اچن. يقينن تحفا نه رُڳو هڪ روايت پر هڪ پسنديده عمل آهي. جنهن سان محبتون وڌن ٿيو.
    مون کي ڏيڻ توڙي وٺڻ ۾ تُحفي طور ڪتاب ئي وڻن ٿا. پنهنجي گهرن دوستن کي (آڱرين تي ڳڻڻ جيترا تُحفا) ڏنا به هوندم ته ڪتاب ئي هوندا.
    اوهان به چاهيو ته سنڌ مان انگريزي جا اهڙا ڪتاب وٺيو اچجو جيڪي هنن جي انگلش ۾ به مدد ڪن ته دلچسپي جو باعث به هُجن. باقي پاڻ وٽ ٽاءِ، چشما، ڪپ، پرفيوم ۽ اهڙا ٻيا تُحفا ڪافي سستا آهن. جيڪي آساني سان وٺي سگهجن ٿا. هتي ته اهي ترتيبوار رُپين جي حساب سان 1000، 1500، 250، 1000، تائين آهن. هي ريٽ صفا گهٽ ڪوالٽي جا لکيا اٿم.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان جو مقصد ته انگريزي انٽرنيشنل زبان آهي .... ان تي زور ڏيڻ گهرجي. ڪاش اها ڳالهه اڪثريت سمجهي سگهي، پر ان جو اهو به مقصد ناهي ته اوهان پنهنجي مادري زبان تي ڌيان نه ڏيو. اسان جيڪڏڌهن چاهيون ته شاگردي واري دور ۾ ڪيتريون ئي زبانون سکي سگهون ٿا ... پر يار اسڪول جا ڪم ۽ راند روند اصل منجهائي وجهي.

    سچ پڇو ته گهڻي خوشي ٿي جو اوهان ٻيهر لکڻ شروع ڪيو۽ اسان جي عرض کي مان ڏنو. يار گفٽ واري معاملي ۾ صفا ٻڙي آهيان جو مونکي ڪيئي دوست گفٽ ڏين پر مان ڪنهن کي به نه ڏيان .... چاهيندي به ناڪام رهندو آهيان، اهو ڇو سا خبر ناهي.

    باقي اوهان گفٽ ماڻهن جي طبيعت کي ڏسي انهن کي ڏجو ۽ اها ڳالهه اوهان کان بهتر ڪير ڄاڻي سگهندو. پنهنجو خيال ڪجو .... سنگت کي مون پاران به سلام ڏجو ته اسان سندن حال احوال ڪيڏي دلچسپي سان پيا پڙهون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جو اڄ ڪافي ڏينهن کان پو لکڻ يقينن ائين لڳو جيئن وڻ جا ڇڻيل پن ٻيهر ساوا ٿيا هجن. دل خوش ٿي ته توهان ٻيهر لکيو پر هڪ کوٽ محسوس ٿي جيڪا شايد توهان به محسوس ڪري رهيا هجو..
    تحفا ڏيڻ وٺڻ سان محبتون وڌن ٿيون، تحفو ڪهڙو به هجي اهو تحفو ئي هوندو آهي، هڪ ڀيري مونکي منهنجي استاد مون کي بال پين گفٽ ڪئي، جنهن جي قيمت تنهن وقت ۾ 3 روپيا هئي پر يقين ڪريو مونکي اها پين املهه لڳي. ۽ وڏي عرصي تائين ان کي سنڀاليندو آيس پر جڏهن اها پين ننڍن ڀائرن جي هٿ لڳي ته پو جي خبر ناهي ۽ پو ڏاڍو ڏک ٿيو ته اهڙي املهه شي کي وڌيڪ محفوظ بڻايان ها..
    بحرحال چوڻ جو مقصد ته تحفو ڪهڙو به ڏيو پر اهڙو هجي جنهن جو مطلب وڏو هُجي جيئن پين وغيره....

    توهان جي ٻيهر لکڻ تي خوشي ٿي اميد ته آئنده به اهڙا ليک ونڊيندا رهندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    معني ته گفٽون ڦٻائڻ واري معاملي ۾ سنگت گڏ آهي...... اهو ڪم ڀلو، پر ميارون لاهبيون، سُٺي طريقي سان.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تمام گهڻي خوشي ٿي جو توهان ٻيهر لکڻ شروع ڪيو آهي ۽ دوست جو مان رکيو.
    اميد ته توهان اهو سلسلو جاري رکندا:)
     
  7. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گفٽن جي برسات جاري آهي. ڪالهه ئي عديله راشيدي ايران مان واپس پهتي آهي. نڪل کاڌي لا ۽ هڪ شيراز شهر ۾ 500 ق.م. جي باري ۾ هڪ يادگار گفٽ ڪيو اٿس. تصوير هيٺ جاري ڪجي ٿي.

    [​IMG]
    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    گورڌن ادا تنهنجي وڏا وڙ، پسند اچڻ نه اچڻ ڪنهن جي وس ۾ ناهي هوندو، ماڻهو ته ان وڻ کي به ڀتر هڻندا آهن جيڪو انهن کي ڇانو ڏيندو آهي اهڙي ماحول ۾ ڪنهن جو اختلاف را رکڻ معمولي عمل آهي، ڪجهه حساس طبعيت ماڻهو اختلاف کي تنقيد سمجهي پريشان ٿيندا آهن جن لا اوهان جو رايو وڻيو ته
    اوهان لکندا رهو، سج جي روشني ۾ ڪنهن جون اکيون تڪليف ڪن ٿيون ته سج نڪرڻ بند ناهي ڪندو
    لاٽ ٻرندي رهي، ساٿ هلندو رهي!!
    تحفا ڏيڻ سان محبتون وڌن ٿيون ترڪ ان روايت کي قائم رکندي اوهان سان محبت جو اظهار ڪن ٿا ترڪي ۾ اوهان جو کيسو جيڪا اجازت ڏي اهڙي شي وٺو باقي سنڌ ۾ مردن لا ٽوپي اجرڪ ۽ عورتن لا پاڻ واري پاسي جي ڀرتيل چادرن جهڙو ڪو تحفو ناهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها يار گورڌن ڀاڳن وارو آهين ... مونکي به ري ٿي پئي آهي. مونکي تحفا ڏيڻ وارا گهڻو ڪري مرد حضرات آهن ۽ تو وٽ وري ماين جي اڪثريت آهي. ڪنهنجي ڀاڳ سان ڪهڙي ريس ....

    مونکي ٻيا دوست ته تحفا ڏيندا رهندا آهن پر انهن سڀني کان الطاف شيخ صاحب اڳرو آهي. هڪ ته جيڪڏهن مونکان دير ٿي ته فون ضرور ڪندو ۽ جڏهن ٻاهران ايندو ته ٻڌائيندو ته مان واپس پاڪستان آيو آهيان. مان به هر ٻئي ٽئين مهيني ڀيرو ڀڃي سائين سان ڪچهري ڪرڻ ويندو آهيان ۽ واپسي ۾ کوڙ سارا تحفا به سائين عنايت ڪندو آهي، جن ۾ ڪتاب ۽ رسالا به موجود آهن.
    هڪ دفعي سائين ڪجهه پليٽون تحفي ۾ ڏنيون هيون جيڪي هن هني مون وقت سنگاپور مان شوق سان ورتيون هيون پر سندن گهرواري سنڀالي رکيون ۽ ڪڏهن به استعمال نه ٿيون. سو واعدو ورتائين ته اسان استعمال ڪنداسين ان ڏينهن عبدالحفيظ لغاري به گڏ هيو. ۽ اسان اهي پليٽون واعدي خلافي ڪندي سنڀالي ئي رکيون آهن.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏17 سيپٽمبر 2014
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    ادا اها يادگار ملاقات هُئي جنهن ۾ سائين اهي تُحفا ڏنا. آئون ڪوشش ڪري واعدي تي پورو لهان پوءِ جيترو ٿي سگهي. اهي پليٽون اڄ به استعمال ۾ آهن. شايد انهن پليٽن جي مقدر ۾ هو ته اهي تُرڪي به اچن. ڇو ته الطاف شيخ صاحب اهي پليٽون ورتيون ته سنگاپور مان هُيون شروع وارن ڏينهن ۾ پر پوءي سائين جتي جتي فئملي سان رهيو اهي پليٽون شيلف جي زينت طور گڏ گڏ رهيون. اتفاق سان سائين جو ڪڏهن تُرڪي اچڻ ڪونهي ٿيو (ڪاش ٿي سگهي) تنهن ڪري انهن پليٽن نيٺ تُرڪي به ڏٺي.
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هزار ڪوششن باوجود سميرا ڪوبه تحفو نه ٿي ڏي. چيو به اٿم ته تو کي ڪهڙي تڪليف پهتي آهي مون مان جو سڄو راڄ پيو گڦٽون ڏي، تون ڇو نه ٿي ڏين؟ ان ريلائبل سورسز مان خبر پئي آهي ته ويندي ويندي ڪو يادگار گفٽ ڏيندي. جاسوسن خبر ڪئي آهي، وڌيڪ ڏسجي....
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اهي غير ڀروسي قابل ذريعا سُجهن پيا پر سُميرا تي اعتبار آهي.
     
  13. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سمجهميورم....؟
     
  14. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    وڌيڪ اهو ته عمر لوهار کي جيئن ئي خبر پئي ته منهنجو پاڪستان وڃڻ جو پروگرام آهي سو مون کي 14 عدد رانديڪا، اي بي سي، ڪلر ۽ ٻيا گفٽ ڏنا اٿس، جيئن ئي کيس خبر پئي ته مون کي 14 عدد ڀائيٽا ۽ ڀاڻيجا آهن..... هر ٻار لا هڪ گفٽ ڪيو اٿس. سندس چوڻ آهي ته آئون ته گهر جو ڀاتي ئي آهيان. سخت اعتراض باوجود مون کي زوري گفٽ ڏنا آهن. اندازو لڳايو ته سڀ کان پهريان مون اها ڳالهه ڪنهن سان ڪئي هوندي ۽ ڇو؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    گفٽن جو وسڪارو اڃان تائين جاري آهي. منهنجي ايراني ادڙي آديله راشيدي ۽ تُرڪڻ گُلهان وري منهنجي گهرواري لا گفٽ موڪليا آهن ته جڏهن به پاڪستان وڃان ته کيس هي امانت پهچايان. اڄ هي گفٽ تُرڪڻ ايلف ڪارادومان طرفان مليو آهي......

    [​IMG]
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس يار ڪاش ڪو منهنجي لاء به گفٽ موڪلي ها ... پوء ڀلي موڪلڻ وارو اسان جو پيارو ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري ئي هجي ها ...!!!!
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُهو پاڻ ئي گفٽ پيڪٽ بڻجي اچي پيو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهڙوئي خوبصورت ۽ پيارو گفٽ گهرجي .... Missing you yaaar ......
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو