گورڌن ولاسائي
سينيئر رڪن
سڀني دوستن جي مهرباني جن مون سان لاڳيتو رابطو قائم رکيو ته جيئن آئون مستقل طور تي هن فورم ۾ موجود رهان. سندن سمجهائڻ تي اڄ کان اهو ته جنهن کي منهنجو لکڻ پسند اچي اُن جي مهرباني، جنهن کي نه پسند اچي اهو ڀلي خوش هُجي!!!!
عبدالحفيظ لغاري ، عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم ، سليمان وساڻ ، يونس ملڪاڻي
عُمر ديمير سان ته لاڳيتو بحث ٿيندو رهندو آهي ته انگريزي ٻولي جا اسان جي ٻولين تي ڪهڙا اثر آهن، ڪهڙا نقصان ۽ فائدا آهن. انگريزي ٻولي کي ڌاري ٻولي تحت پڙهائڻ ڪيئن آهي. ڌاري ٻولي ۾ بنيادي يا اعلا ليول جا سبجيڪٽ پڙهائڻ ڪيئن آهن...... منهنجو وري زور هوندو آهي ته جنرل ناليج ته لازمي آهي ان کان پوءِ ڌاري ٻولي جو پڙهائڻ ضروري آهي....... بحث جاري آهي......
عمر ڪجهه ڏينهن اڳ شڪاگو، يعني آمريڪا جو دورو ڪري آيو آهي، هڪڙي ڪانفرنس ۾ ويو انهي ساڳي ڪانفرنس سُميرا کي به وڃڻو هو پر تُرڪي جي حڪومت کيس پئسا نه ڏنا، انهي ساڳي ڳالهه تي اڄ تائين مون سان ناراض آهي ته منهنجي حق جا پئسا توکي پيا ملن..... جنهن تي منهنجو جواب ٻُڌي ٺري پوندي آهي ته آئون ڪو واندو ڪونه آهيان جو ايئن پنڌ ڪري اچي توهان جي ملڪ جي مستقبل لاءِ پيو رستا ڳولهيان ته ڪهڙي طريقي سان سستي بجلي ملندي.... شڪاگو ۾ عمر کي اها ڳالهه ڏاڍي حيرانگيز لڳي ته آمريڪي ماڻهن کي سندس لهجو سمجهه ۾ نه پئي آيو ۽ آمريڪن جو لهجو وري عمر کي نه سمجهه ۾ پئي آيو. پاڻ تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهي ته اسان تُرڪ ايئن ڇو آهيون؟ ڇو نه ٿا انگريزي پڙهون جو اسان ٻين ملڪن ۾ پڻ وڃي سگهون يا آساني سان ڪا نوڪري چاڪري ڪري سگهون. مون چيو ته يار اهو مسئلو تُرڪن سڀني سان ڪونهي، رڳو تو سان آهي، کيس اهو پڻ ياد ڏياريم ته هڪ جوتن جي دڪان تي بل ڀريندي پئسا وٺندڙ مائي جڏهن سندس پورو نالو پُڇيو ته عمر چيو (عما ديمي)، ٻه دفعا ورجائڻ کان پوءِ به مائي کي سمجهه ۾ نه آيو ته مون وچ ۾ ٽنگ اڙائي ته عمر آئرن، جيڪو ٻڌي مائي کل ۾ وٺجي وئي، سمجهي به وئي، گڏوگڏ پُٺيان ٻيا قطار ۾ بيٺل همراه پڻ عمر کي چوڻ لڳا ته تنهنجو دوست چوڪ زيڪي آهي معني هوشيار آهي. اهو ٻڌي عمر چيو
” ها يار چوين سچ ٿو ته اهو صرف مون سان ئي مسئلو آهي.....“
عمر منهنجي لاءِ شڪاگو مان هڪ مگ وٺي آيو آهي گفٽ طور. مون کي خاص هدايت ڪئي اٿس ته ڪنهن کي به نه ٻڌايان سواءِ هن فورم جي..... سندس چواڻي ته آئون تو کي گهر جو ڀاتي ٿو سمجهان. مون کي سندس گفٽ ڏاڍو وڻيو جيڪو ٽيبل تي سامهون پيو آهي.
بشرا پڻ گفٽ وٺي آئي آهي يونان مان. پاڻ يونان وئي هُئي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ. مگ هڪڙو ڊگهو وٺي آئي پنهنجي قد جيترو!!! يونان کي تُرڪ يونانستان چون ٿا. گفٽ مون کي پاڻ خصوصي طور تي آفيس ۾ ڏيڻ آئي ۽ چيو اٿس ته پليز هن کي پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ استعمال ڪجان، جيئن مون کي اهو نه محسوس ته آئون ڪا تنهنجي لاءِ غير ضروري شئي وٺي آئي آهيان. طبيعتن ته هونئن به ماڻس تي وئي آهي، ڏاڍي همدرد ۽ خيال رکندڙ ڇوڪري آهي. روز ملڻ کان ان ڪري لهرائيندي آهي جو کيس پڪ آهي ته آئون جڏهن به ملڻ ايندي آهيان ته توهان سان ڪچهري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن پوءِ جيڏليون مون تي ڪاوڙجن ٿيون ته اسين هتي هاسٽل تي ماني جو پيو انتظار ڪريون ۽ تون ويٺي کل مشڪري ڪرين ريسٽورانٽس تي. ٽيو ڏينهن هٿ چڙهي وئي يالڪان تي 5 ڪلاڪ ويٺي هُئي پئي چرچا هنياسين، ان ڪري خوش هُئي جو سندس موبائل جي بيٽري وئي هلي ۽ کيس ڪير ميسيج يا فون نه پئي ڪري سگهيو. اها بُشرا طرفان مون کي ٻي گفٽ هُئي ان کان اڳ هڪڙو چاٻين جو ڇلو گفٽ ڪيو هئائين. مون واضع ڪيو ته ”ميري پاس ديني ڪي ليي ڪُڇ نهين هي.“
خليل الله عالمي بيهسودي افغانستان جو رهاڪو آهي هتي افغان حڪومت جي خرچ تي ماسٽرز ڪري رهيو آهي، پڙهائي ۾ اهڙو آهي جهڙو رڍ. الائجي ڪيئن پاس ڪندو آيو آهي هيترا امتحان. باقي ڪچهري ڪرڻ ۽ ٽهڪ ڏيڻ جو گهوڙو!!! 3 ٻار اٿس پر هتي ڪٿي پنهنجي دل وڃائي ويٺو آهي، ڳولها جاري آهي. پر اهڙو ڪو ماڻهو ڪونه ٿو لڀيس جيڪو ڳولها ۾ مدد ڏئي. هيئنر 3 مهينا گرمين جي موڪلن کان پوءِ واپس آيو آهي گڏوگڏ منهنجي لاءِ افغانستان مان هڪ رومال گفٽ وٺي آيو آهي. مشين جو ڀريل آهي، ايترو سُٺو ناهي جو هتي فوٽو ڏيان پر مون سندس دل رکڻ لاءِ افغانسان جي تعريف ضرور ڪئي ته افغاني ماڻهو محنتي ۽ هنرمند ٿا لڳن.
عمر لوهار جي ڀيڻ گُربُز ديمير مون کي ڏاڍو ڀانئي ٿي، ڏاڍو ياد ڪري ٿي خاص ڪري بالي ووڊ فلمن جي ڪجهه ڊائلاگن کي ڏاڍو پسند ٿي ڪري. پنهنجي ڀاءُ عمر لوهار کي ڪافي زور ڀريندي آهي ته هن ڀيري گورڌن کي لازمي استنبول وٺي اچجان... سندس امڙ پڻ مون کي هر ڀيري سلام موڪليندي آهي. سندس امڙ سان ملندي مون کي ڏاڍو سڪون مليو جڏهن عيد جي موڪلن تي استنبول ويو هُئس. گُربُز کي انگريزي نه ٿي اچي نه ڪو مون کي تُرڪش سو عمر اسان ٻنهي کي ڳالهائڻ ۾ ٽرانسليٽر طور مدد ڪندو آهي. کيس منهنجو عمر سان ايئن ملڻ جلڻ، ٽهڪ ڏيڻ ۽ کل ڀوڳ مشڪري ڪرڻ ڏاڍو وڻندو آهي. چوڻ آهي ته جيڪڏهن هن عيد تي استنبول نه آئين ته سُٺو نه ٿيندو. گڏوگڏ عُمر هٿان هڪ نوٽ بوڪ به گفٽ طور ڏياري موڪليو آهي. جيڪو مون کي ڪافي پسند آيو، هونئن به مون کي نوٽ بوڪ وٺڻو هو ته جيئن آئون هتان جي دوستن کان پنهنجي خاطر رايا ۽ يادگيريون وٺي سگهان.
گُلهان ۽ ايلف اسان کي ريسٽورانٽ تي ماني يا چانهه دوران ئي ملنديون آهن. اڄ ڪلهه يونيورسٽي جي موڪلن دوران پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ آهن. اهي پڻ مون کي نياپو ڪري چُڪيون آهين ته اسان تنهنجي لاءِ گفٽ وٺي ڇڏيا آهن. جيڪي جلد ئي تو کي ملندا...... داريا، بشرا ۽ سميرا جي ساڳئي ڊپارٽمينٽ ۾ ريسرچ اسٽنٽ آهي، جيڪا مون کي ايترو ويجهي به ناهي، ان به نياپو موڪليو آهي ته آئون فنلينڊ مان تنهنجي لاءِ هڪ گفٽ وٺي آئي آهيان جيڪو مون وٽ گهر پيو آهي، اڄڪلهه آئون ڏاڍي مصروف آهيان سو ڪجهه ڏينهن جي دير سبب معذرت.... پهرين فرصت ۾ تو سان ڪچهري ڪبي!
اهو ٻڌائيندو هلان مون ته هيستائين ڪنهن کي به ڪوبه گفٽ نه ڏنو آهي سواءِ پنهنجي ميڊم کي....... ڇو ته پاڻ ماڻهن ۾ شايد اها عادت ڪونهي يا آئون انهي معاملي ۾ اڪيلو آهيان. سڀني دوستن جون ميارون آهن پاڪستان مان ڪجهه شيون ضرور وٺي اچبيون. توهان دوستن کي عرض آهي ته حال احوال کي سامهون رکندي جيڪڏهن مشورو ڏيو ته ڪنهن کي ڪهڙي گفٽ ڏيڻ گهُرجي. بجيٽ جي اندر.

انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: