سلطان صلاح الدين ايوبي تي ٺهيل هالي ووڊ فلم ڪنگڊم آف هيون تي تبصرو

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]


    جڏهن مون هي فلم ڏٺي هئي ته ترت پوءِ دوست عبدالحفيظ لغاري کي چيو هيم ته وقت مليو ته هن فلم تي تفصيلي تبصرو ضرور لکندس.. ۽ حاضر آهي وقت ملندي ئي فلم کي ٻيهر ڏٺم جنهن پهرين جي مقابلي ۾ وڌي مزو ۽ ڏنو.. ۽ تبصرو لکڻ آسان ٿي پيو.. :)

    12 هين صدي جي صليبي جنگن جو احاطو ڪندڙ هي فلم 2005 ۾ رليز ٿي.. جنهن جو هدايت ڪار رزميه فلمن بنائڻ واري معروف شخصيت رڊلي اسڪاٽ هو.. جنهن ان کان اڳ Gladiator،Black Hawk Down۽ American Gangster جهڙيون شاهڪار فلمون پڻ تيار ڪيون آهن۔

    صلاح الدين ايوبي ۽ صليبي بادشاهن وچ ۾ تاريخي ڪشمڪش جي داستان بيان ڪندڙ هن فلم ۾ ڪجهه تاريخي منظرن کي اهڙو ته ڪمال مهارت سان فلمايو ويو آهي جهڙوڪ جنگ حطين ۽ فتح بيت المقدس جا منظر پنهنجي مثال پاڻ آهن.. مون رڊلي اسڪاٽ جون گهڻيون فلمون ناهن ڏٺيون پر پوءِ به مون کي ڪنگڊم آف هيون ۽ 2008 ۾ رليز ٿيندڙ باڊي آف لائينز ڏسڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته ٻن مذهبن جي اختلاف کي ڪيڏو نه غير جانبدار طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.. هن فلم جي ڪهاڻي مجموعي طور هڪ لوهار بيلين (لينڊو بلوم) جي چوڌاري گهمندي آهي جيڪو پنهنجي زال جي مرڻ کان پوءِ اتفاقي طور گمشده پيءُ بيرون گاڊفري (ليام نيسن) سان ملي ٿو..

    اطاليه جي شهر مسينا ۾ گاڊفري پنهنجي مرڻ کان اڳ بيلين کي هدايت ڏئي ٿو ته هو القدس يعني يروشلم هليو وڃي ۽ اتان جي بادشاهه جي خدمت ۽ مجبورن ۽ محتاجن جي حفاظت ڪري.. پر اتي پهچي بيلين کي هڪ نئين سياسي ڪشمڪش کي منهن ڏيڻو پيو.. يروشلم جو بادشاه بالڊوين 4 (ايڊورڊ نارٽن) جيڪو جذام جو مريض آهي حالانڪه صلاح الدين ايوبي جو مخالف آهي پر ان باوجود ان جي خلاف جنگ وڙهڻ کان لهرائي ٿو.. جڏهن ته ٻئي طرف بادشاهه جي ڀيڻ ۽ ملڪه يروشلم آئزابيلا (ايواگرين)، جو مڙس گائي دي لوزينيان (مارٽن سوڪاس) ڳڏيل طور مسلمانن خلاف محاذ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو...

    ملڪه طرفان مڙس کان بيزاري ۽ ان جي يروشلم جي تخت تي قبضي جي ڪوشش، بيلين جو ملڪه سان عشق، بادشاهه جو حادثاتي موت، ۽ صلاح الدين ايوبي سان صليبي طاقتن جي ڪشمڪش کي انتهائي دلچسپي سان اختتامي مرحلي ۾ پهچايو وڃي ٿو... جتي صلاح الدين ايوبي جي فوج يروشلم جو محاصرو ڪري ٿي...

    افسانوي ۽ رومانوي آميزش کي ڇڏي ڪري فلم جي ڪهاڻي تقريبن تاريخي حقيقتن تي مشتمل آهي.. جيڪڏهن توهان به مون وانگر تاريخي موضوعن ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ خاص طور 11 هين ۽ 12 هين صدي جي دنيا ۽ ان زماني جي جنگي حڪمت عملين جي باري ۾ ڄاڻڻ گهرو ٿا ته ڪنگڊم آف هيون انتهائي بهترين چونڊ آهي.. فلم جي جنگي منظرن کي ڏسي سينما ٽو گرافر جان ماٿي کي داد ڏيڻ تي دل ٿي چاهي.. منهنجي خيال ۾ هُن 12 صدي جي جنگ جو نقشو بلڪل ائين ئي ٺاهيو آهي جيئن ان زماني جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ وارن جي ذهنن ۾ نقش آهي.. منجنيقن جو استعمال، آتش گير مادن ذريعن بمباري، قلعي جو محاصرو ٽوڙڻ جي ڪوششن جي حوالي سان هي سڀ منظر هوبهو ائين ٿا محسوس ٿين جيئن اسان ڪتابن ۾ پڙهندا آيا آهيون.. بس فلمساز ان کي حقيقت جو روپ ڏئي دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي..

    فلم جا گهڻا منظر مراڪش جي علاقي ورزات ۾ فلمايا ويا آهن جتي رڊلي اسڪاٽ ان کان اڳ Gladiator۽ Black Hawk Down جهڙيون شاندار فلمون بڻائي چڪو آهي.. قديم القدس جي فلم بندي لاءِ صحرا جي وچ ۾ ساڳي طرز جو شهر ٺاهيو ويو ...

    حيران ڪن طور اولهه ملڪن ۾ هن فلم ايتري ڪاميابي نه ماڻي جيتري فلم حقدار هئي.. خاص طور آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ته هي فلم فلاپ وئي.. جنهن جو سڀ کان اهم سبب اهو هو ته مسلمانن جي تاريخ بابت اولهه وارن تاريخ دانن اهڙو ته زهر ڀريو آهي جو عام ماڻهون حقيقي تاريخ کي قبول ئي نه ٿو ڪري سگهي... ان کان علاوه فلم جي حوالي سان اولهه ملڪن ۾ عوامي ردِ عمل مان به اندازو ٿيو ته اتان جو عوام مسلمانن بابت اھو خيال پڪو ڪري ويٺا آهن ته هي هميشه کان غير تهذيب يافته ۽ جاهل قوم رهي آهي ۽ انهن کان اها ڳالهه هضم ئي نه ٿي ٿئي ته رڳو 8 صديون اڳ اها ڳالهه بلڪل ابتي هئي جڏهن اولهه جا ملڪ جهالت جي انڌيري ۾ ٻڏل هئا.. ۽ مسلمان علم جون شمعون روشن ڪيو ويٺا هئا...

    هوئن جيڪڏهن رڊلي اسڪاٽ تعصب پرست يورپي تاريخ دانن جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي انهن جي بنياد تي فلم ٺاهي ها ته شايد انهن ملڪن ۾ به سندس فلم کي اوتري ئي مشهوري ملي ها جيتري موجوده فلم کي مصر ۽ عرب ملڪن ۾ ملي.. شايد اولهه وارن ملڪن جي عوام کي نظر ۾ رکندي ئي رڊلي اسڪاٽ صلاح الدين ايوبي جي ذاتي زندگي کي ايترو نمايان نه ڪيو جيترو انهن بيلين جي فرضي معاشقي کي ڪيو.. جيڪڏهن رڳو صلاح الدين ايوبي جي خيمي ۾ بيت المقدس جي محاصري تي تيار ڪيل منصوبي ۽ جنگي تربيت جي منظرن کي وڌيڪ فلمايو وڃي ها ته عربن وٽ هي فلم اڃان وڌيڪ مڃتا ماڻي ها..

    فلم جو هڪ حيران ڪن پاسو اهو به آهي ته صليبي جنگين جي ڪهاڻين تي هجڻ باوجود هن فلم ۾ صلاح الدين ايوبي جي شخصيت جو ڪردار ڪاٿي به خراب ٿيندي نظر نه ٿو اچي ۽ ان تاريخي حقيقت کي تسليم ڪرڻ تي هدايت ڪار ريڊلي اسڪاٽ ۽ ليکڪ وليم موناهن ٻئي مبارڪ جي لائق آهن...

    ذاتي طور مون کي ۽ اورلينڊ و بلوم جي اداڪاريءَ وڌيڪ متاثر نه ڪيو.. حالانڪه Pirates of Caribbean ۽The Lord of the Rings: The Return of the King ۾ هُن پنهنجي اداڪاري جو بهترين مظاهرو ڪيو هو.. ٻئي طرف شامي اداڪار غسان مسعود پنهنجي ڪردار صلاح الدين ايوبي جي شخصيت جي ڀرپور عڪاسي ڪندي محسوس ٿيو.. بي شڪ پاڻ عمر سيريز ۾ حضرت ابوبڪر صديق جي ڪردار وانگر هتي به اسلامي تاريخ جي هن عظيم ڪردار سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي.. جيڪڏهن توهان تاريخي جنگين ۾ دلچسپي رکندڙ آهيو ته هن فلم کي ضرور ڏسجو..

    هاڻي ڳالهه ڪجي ڪجهه تاريخي حقيقتن جي جيڪي فلم ۾ نظرانداز ڪيون ويون.. يا وري غلط پيش ڪيون ويون آهن..

    سڀ کان پهريان هي ته بيلين درحقيقت ڪوئي لوهار نه هو پر شهر ۾ کيس امتيازي حيثيت حاصل هئي.. هن جو پيءُ اطاليه يعني اٽلي جو رهڻ وارو هو.. بيلين ۽ آئزابيلا وچ ۾ يروشلم جي دفاع جي منصوبي تي ته اتفاق ٿيو هو پر انهن ۾ ڪو عشقيه تعلق نه هو.. بيلين جي شادي آئزابيلا جي ويڳي ماءُ سان ٿي هئي..

    يروشلم جو بادشاهه بالڊوين4 جيڪو 1174 کان 1185 تائين تخت تي رهيو اصل ۾ جذام جو مريض هو ۽ ان جي ڀيڻ يعني آئزابيلا جي شادي گائي دي لوزينيان سان ٿي هئي..

    ان کان علاوه جنگِ حطين جو اصل سبب هن فلم ۾ صلاح الدين ايوبي جي ڀيڻ جو قتل ۽ قصاص جي مطالبي لاءِ موڪليندڙ ايلچي جي دردناڪ موت ڏيکاريو ويو آهي.. جڏهن ته مستند تاريخ دانن اهڙي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه ڪيو آهي.. واقعو اصل ۾ اهو آهي ته صليبي سردار رينالڊ سان صلاح الدين ايوبي جو 4 سالن جو صلح معاهدو ٿيو هيو.. پر ان جي باوجود عيسائي مسلمانن جي قافلن تي حملو ڪندا ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا.. جيئن فلم ۾ به ڏيکاريو ويو آهي.. 1186ع ۾ عيسائين جي هڪ اهڙي حملي ۾ رينالڊ اها جسارت ڪئي هئي ته وڌيڪ ٻين عيسائي اميرن سان گڏجي مدينه منوره تي حملي ڪرڻ جي نيت سان حجازِ مقدس تي حمله آور ٿيو هو.. صلاح الدين ايوبي ان جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ۽ فورن رينالڊ جو تعاقب ڪندي حطين ۾ کيس وڃي پڪڙيو.. جتي جنگِ حطين لڳي ۽ رينالڊ کي زبردست شڪست ڏسڻي پئي..

    بيت المقدس جي فتح به فلم ۾ حقيقي طور نه ڏيکاري وئي آهي.. اصل ۾ يروشلم جو دفاع صلاح الدين ايوبي جي طاقتور لشڪر جي سامهون ناممڪن ٿي ويو هو.. ان ڪري صلح جي پيشڪش يروشلم جي سردار طرفان ٿي هئي .. نه ته يروشلم کي تلوار جي زور تي فتح ڪرڻ ۾ صلاح الدين ايوبي کي ڪا به رڪاوٽ نه هئي.. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته صلاح الدين ايوبي لاءِ قلع فتح ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو.. ان ڪري هن سفيد جهنڊو ڏيکاري صلح جي پيشڪش ڪئي..

    هاڻي جڏهن فلم جي تذڪري ۾ ليام نيسن جو نالو اچي چڪو آهي .. جنهن بيلين جي پيءُ گاڊفري جو ڪردار نڀايو هو ته پڙهندڙ کي ٻڌائيندو هلجي ته نيسن تازو ئي اسلام قبلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.. 59 ساله نيسن استنبول، ترڪيءَ ۾ هڪ فلم بندي دوران شهر ۾ آذانن جي آواز کي پنهنجي روح ۾ لهندي محسوس ڪيو .. جنهن کان پوءِ هن اسلام قبول ڪيو...

    جيڪڏهن پورو تبصرو پڙهڻ کان پوءِ به گهڻيون ڳالهيون سمجهه نه اچن ته فلم ڏسڻ کان پوءِ هن تبصري کي ٻيهر پڙهجو يقينن ڪافي ڳنڍيون کُلي وينديون.. :)
     
    13 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سستي ڇڏي جيڪر اها فلم ٻيهر ان وقت ئي ڊائونلوڊ ڪريان ها جڏهن اوهان تجويز ڪئي ۽ مون هٿ به ڪري ورتي پر ان هارڊ ڊسڪ جي نظر ٿي وئي جيڪا ليپٽاپ ڪرڻ سان هلي وئي. ڳنڍيون کولڻ جي نوبت آهي جو تبصرو ئي اھڙو لکيو اٿوَ. جتي غير جانبداري جي شاهڪار پيشڪش ٿا چئو اتي ئي وري چئلينج به ڪري ويٺا آهيو. اوهان جي تاريخ جي مطالعي تي ڪو شڪ ناهي. يقيين اهي ڳالهيون ايئن هونديون. هونئن به اڄ تائين ايوبي جي آخري آرامگاهه به طئي ناهي ٿي. ترڪي پارا کڻي دعوىٰ ڪن ٿا پر پڪ ڪا به ناهي.
    اميد ته اسان کي اھڙيون ڳنڍون کولڻ تي مجبور ڪندا رهندؤ.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏18 سيپٽمبر 2014
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,729
    ورتل پسنديدگيون:
    6,957
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان کي جيتري ڪمپيوٽر جي ڄاڻ آهي هاڻ يقين ٿيو ته اوتري ئي تاريخ جي به ڄاڻ آهي.
    فلم تي تبصور پڙهندي ائين پئي لڳو ڄڻ فلم منهنجي سامهون هلي رهي هجي پر ائين ناهي.
    اڄ انهي فلم کي به ڏسندس..

    توهان The Water World ۽ Enemy at the Gate فلمون ڏٺيون اٿوَ ؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مطلب ته فلم ڏسڻي پوندي .....
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سٺي فلم آهي
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    يار ڏاهو ٿي.. ايتريون چڪون ايتري پيراگراف ۾ ته مون شاگردي دور ۾ به ڪونه ڪيون هيون... :)
    خير پسنديدگي لاءِ لک لائق... توهان جون 100 پاوليون به قبول پيون جيڪي توهان ان لاءِ موڪليون ته ڪافي عرصي کان پوءِ ڪو تفصيلي موضوع ونڊ ڪيو اٿم... يقينن مو گمبو خوش ٿيون هوندو.. :)
    تبصري جيڪڏهن فلم ڏسڻ کان اڳ ئي مزو نه ڏنو ته معنا فائيدمند ٿيو... باقي توهان جي ٻڌايل ٻنهي فلمن کي ڏسڻ ٿيو آهي.. :)
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جاندار تبصرو آهي، سٺو لڳو، ڊبڊ ڊائريڪٽ لنڪ ڏيندا ته واه واه ...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    مطلب ته توهان کي ڊائون لوڊ ڪري ڏئي وڃجي
    اردو ترجمي سان ڊائون لوڊ ڪئي آهي سچل اچڻ ٿيو ته کيون ايندس

    ڏٺي ته مون به ڪانهي پر رشيد ايتري تاريخ لکي ڇڏي آهي جو ڏسڻي پوندي.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڪم ڀلو ڪيو اٿو .... انتظار رهندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    رات سنڊي نائيٽ هئي وري رشيد جي تاريخ لکيل ان فلم تي سسپينس ۾ وجهي ڇڏيو ان ڪري دير تائين جاڳي اها فلم ڏٺم .....
    لاجواب بهترين تاريخي فلم آهي سٺي جڳهه تي فلمايل اهي ان دور جو ماحول نظر اچي ٿو بلڪل ائين جئين رشيد جي ڏنل فلم يوسف کي وري وري ڪر ڏٺم ان فلم جو ته ڪو جواب ئي ڪون آهي.

    باقي هن فلم ۾ اسلامي فتوحات کي گهٽ ۽ عيساعيت جي گرد گهڻو ڦري ٿي
    مطلب ته طلاح الدين ايوبي جو گهڻو ڪردار پردي جي پويا آهي

    بحرحال بهترين
     
  11. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جيتري ڪاوڙ ۽ نفرت مون کي پنجابين کان آهي، ان کان وڌيڪ بيزاري مون کي انگريزي فلمن کان آهي.. ان جو وڏو ڪارڻ ته انگريزي جو سمجهه ۾ نه اچڻ آهي ۽ ٻيو فلمن جوحقيقتن کان تمام پري هجڻ آهي..ان ڪري مون کي وقت جو ضايع ٿيڻ لڳندو آهي.. رشيد سرڪار جو فرمان آهي ته فلم سٺي آهي، پر ڇا ڪجي جو رشيد کي ته پنجابي ڪرڪيٽ ٽيم به سٺي لڳندي آهي ;)
    خير هر ڪنهن کي پنهنجي پسند ۽ نا پسند جو حق آهي.. ٻروچ جوڪهڙو ڪم انگريزي سان.. مڙئي پوسٽ ڪرڻ جي چُل.. سا پوري ٿي..
    پاڻ ڄاڻو..
    ..
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اوهان کي پيار ڪنهن سان آهي؟ مائٽ ;)
     
  13. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مائٽن سان.. مائٽ;)
     
  14. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,776
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اُميد ته ان تي قائم رهو.
    مون کي ته سليمان وساڻ جي هن پوسٽ سان اتفاق ٿي ويو آهي.
    ============
    خليل جبران جي انگريزي ڪتاب بروڪن ونگس ۾ لکيل هڪ دل ڏاريندڙ جملو۔۔۔

    دشمنن سان پيار ٿي ويندءِ،
    رڳو پنهنجا آزمائي ته ڏس۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    سنڌي ۾ چوڻي آهي ته پڄي پاڻ کان ڪون .......................................... باقي پنجابين کان صرف نفرت ڪرڻ سان ڪجهه ڪون ورندو ڪو عملي ڪم به ڪيو ٿا يا نه مونکي ته توهان جي لکائي مان لڳي ٿو ته توهان خيالي ديڳ پچائڻ وارا آهيو

    ادا توها وارو مائٽ ته سڀني تي ڪاوڙيل آهي ڪجهه ڪندو به آهي يا صفا واندو آهي
     
  16. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اصل ۾ موضوع ته ڪجهه ٻيوئي هيو پرتوهان جي وضاحت لاء ٻه لفظ لکان پيو، مون کي بحث ڪرڻ جو ڪو شوق نه آهي ۽ نه ئي ڪا تنقيد ئي بُري لڳندي آهي.. ادا سائين مان جڏهن به اصطلاح پنجابي استعال ڪندو آهيان، ان مان مراد پنجاب جو استحصالي طبقو آهي جيڪو پوري ملڪ جا حق ڦٻائي ويٺو آهي.. پنجابي قوم جو غريب ائين ئي مظلوم آهي، جيئن سنڌي، سرائيڪي ۽ بلوچي قوم جو غريب مظلوم آهي.. انهي ظالم طبقي جا ظلم نه ڪنهن کان لڪل آهن ۽ نه ئي ان ۾ ڪا مختلف راء آهي.. ظالم سان نفرت ڪرڻ ايمان جو حصوآهي.. توهان به انڪار نه ڪري سگهندو.. پهريان غلط کي غلط چئبو آهي، پيو غلطي مڃبي آهي ۽ ان کان پوء ان غلطي کي سڌاربو آهي يا ان جي اصلاح ڪبي آهي.. پر جيڪڏهن هروڀرو توهان وانگر ضد ڪجي ته ٻيلي پهريان غلط کي صحيح چئو پوء عملي ڪم ڪيوته پوء وڃي ٿيا خير..
    منهنجي ڇهين حِس ٻڌائي پئي ته توهان کي ڳالهه سمجهه ۾ ڪو نه آئي هوندي.. پر هن ڳالهه ئي هتي ئي ختم ڪجي ته بهتر...
    سائين ائين ته آهي ڪو نه جو مان ڪاوڙ ڪندو هجان ۽ مون کي خبر نه هجي..
    سال ٿيا آهن، مون Angry Bird واري تصوير لڳائي هئي.. ڪاوڙ ته شعوري آهي، ڪاوڙ جو مقصد ڪنهن سان دشمني نه آهي، بس هي محبت ڪرڻ جو ٻروچڪو طريقو آهي..
    هاڻي توهان ئي ٻڌايو ته اسان کي سنڌي لکڻ اچي ڪو نه ۽ ڳالهيون ڪريون انگريزي فلمن جون.. ٻروچ کي جهٽڪو ته لڳندونه.. پرجئين مون عرض ڪيو ته ان جو مقصد اهو هرگز نه آهي ته اسين دنيا سان گڏ نه هلون، دنيا ۾ جيڪو وهي واپري ٿو ان کان با خبر نه هجون..جيڪر اها سوچ هجي ها ته ٻروچ ڪمپوٽر تي ٻه ٽُٽل لفظ لکي سگهي ها؟ بس چهنڊي پائڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان کي پنهن جو پاڻ تي هر وقت نظر رکڻ کپي.. اسان دنيا جي فلمن تي ته واه واه ڪريون پر سنڌي فلم جوذڪر به نه ڪريون؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    سٺو تبصرو ڪيو ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو