جڏهن مون هي فلم ڏٺي هئي ته ترت پوءِ دوست عبدالحفيظ لغاري کي چيو هيم ته وقت مليو ته هن فلم تي تفصيلي تبصرو ضرور لکندس.. ۽ حاضر آهي وقت ملندي ئي فلم کي ٻيهر ڏٺم جنهن پهرين جي مقابلي ۾ وڌي مزو ۽ ڏنو.. ۽ تبصرو لکڻ آسان ٿي پيو..

12 هين صدي جي صليبي جنگن جو احاطو ڪندڙ هي فلم 2005 ۾ رليز ٿي.. جنهن جو هدايت ڪار رزميه فلمن بنائڻ واري معروف شخصيت رڊلي اسڪاٽ هو.. جنهن ان کان اڳ Gladiator،Black Hawk Down۽ American Gangster جهڙيون شاهڪار فلمون پڻ تيار ڪيون آهن۔
صلاح الدين ايوبي ۽ صليبي بادشاهن وچ ۾ تاريخي ڪشمڪش جي داستان بيان ڪندڙ هن فلم ۾ ڪجهه تاريخي منظرن کي اهڙو ته ڪمال مهارت سان فلمايو ويو آهي جهڙوڪ جنگ حطين ۽ فتح بيت المقدس جا منظر پنهنجي مثال پاڻ آهن.. مون رڊلي اسڪاٽ جون گهڻيون فلمون ناهن ڏٺيون پر پوءِ به مون کي ڪنگڊم آف هيون ۽ 2008 ۾ رليز ٿيندڙ باڊي آف لائينز ڏسڻ کان پوءِ ان ڳالهه جو اندازو ٿئي ٿو ته ٻن مذهبن جي اختلاف کي ڪيڏو نه غير جانبدار طريقي سان پيش ڪيو ويو آهي.. هن فلم جي ڪهاڻي مجموعي طور هڪ لوهار بيلين (لينڊو بلوم) جي چوڌاري گهمندي آهي جيڪو پنهنجي زال جي مرڻ کان پوءِ اتفاقي طور گمشده پيءُ بيرون گاڊفري (ليام نيسن) سان ملي ٿو..
اطاليه جي شهر مسينا ۾ گاڊفري پنهنجي مرڻ کان اڳ بيلين کي هدايت ڏئي ٿو ته هو القدس يعني يروشلم هليو وڃي ۽ اتان جي بادشاهه جي خدمت ۽ مجبورن ۽ محتاجن جي حفاظت ڪري.. پر اتي پهچي بيلين کي هڪ نئين سياسي ڪشمڪش کي منهن ڏيڻو پيو.. يروشلم جو بادشاه بالڊوين 4 (ايڊورڊ نارٽن) جيڪو جذام جو مريض آهي حالانڪه صلاح الدين ايوبي جو مخالف آهي پر ان باوجود ان جي خلاف جنگ وڙهڻ کان لهرائي ٿو.. جڏهن ته ٻئي طرف بادشاهه جي ڀيڻ ۽ ملڪه يروشلم آئزابيلا (ايواگرين)، جو مڙس گائي دي لوزينيان (مارٽن سوڪاس) ڳڏيل طور مسلمانن خلاف محاذ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو...
ملڪه طرفان مڙس کان بيزاري ۽ ان جي يروشلم جي تخت تي قبضي جي ڪوشش، بيلين جو ملڪه سان عشق، بادشاهه جو حادثاتي موت، ۽ صلاح الدين ايوبي سان صليبي طاقتن جي ڪشمڪش کي انتهائي دلچسپي سان اختتامي مرحلي ۾ پهچايو وڃي ٿو... جتي صلاح الدين ايوبي جي فوج يروشلم جو محاصرو ڪري ٿي...
افسانوي ۽ رومانوي آميزش کي ڇڏي ڪري فلم جي ڪهاڻي تقريبن تاريخي حقيقتن تي مشتمل آهي.. جيڪڏهن توهان به مون وانگر تاريخي موضوعن ۾ دلچسپي رکو ٿا ۽ خاص طور 11 هين ۽ 12 هين صدي جي دنيا ۽ ان زماني جي جنگي حڪمت عملين جي باري ۾ ڄاڻڻ گهرو ٿا ته ڪنگڊم آف هيون انتهائي بهترين چونڊ آهي.. فلم جي جنگي منظرن کي ڏسي سينما ٽو گرافر جان ماٿي کي داد ڏيڻ تي دل ٿي چاهي.. منهنجي خيال ۾ هُن 12 صدي جي جنگ جو نقشو بلڪل ائين ئي ٺاهيو آهي جيئن ان زماني جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ وارن جي ذهنن ۾ نقش آهي.. منجنيقن جو استعمال، آتش گير مادن ذريعن بمباري، قلعي جو محاصرو ٽوڙڻ جي ڪوششن جي حوالي سان هي سڀ منظر هوبهو ائين ٿا محسوس ٿين جيئن اسان ڪتابن ۾ پڙهندا آيا آهيون.. بس فلمساز ان کي حقيقت جو روپ ڏئي دنيا جي سامهون پيش ڪيو آهي..
فلم جا گهڻا منظر مراڪش جي علاقي ورزات ۾ فلمايا ويا آهن جتي رڊلي اسڪاٽ ان کان اڳ Gladiator۽ Black Hawk Down جهڙيون شاندار فلمون بڻائي چڪو آهي.. قديم القدس جي فلم بندي لاءِ صحرا جي وچ ۾ ساڳي طرز جو شهر ٺاهيو ويو ...
حيران ڪن طور اولهه ملڪن ۾ هن فلم ايتري ڪاميابي نه ماڻي جيتري فلم حقدار هئي.. خاص طور آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ ته هي فلم فلاپ وئي.. جنهن جو سڀ کان اهم سبب اهو هو ته مسلمانن جي تاريخ بابت اولهه وارن تاريخ دانن اهڙو ته زهر ڀريو آهي جو عام ماڻهون حقيقي تاريخ کي قبول ئي نه ٿو ڪري سگهي... ان کان علاوه فلم جي حوالي سان اولهه ملڪن ۾ عوامي ردِ عمل مان به اندازو ٿيو ته اتان جو عوام مسلمانن بابت اھو خيال پڪو ڪري ويٺا آهن ته هي هميشه کان غير تهذيب يافته ۽ جاهل قوم رهي آهي ۽ انهن کان اها ڳالهه هضم ئي نه ٿي ٿئي ته رڳو 8 صديون اڳ اها ڳالهه بلڪل ابتي هئي جڏهن اولهه جا ملڪ جهالت جي انڌيري ۾ ٻڏل هئا.. ۽ مسلمان علم جون شمعون روشن ڪيو ويٺا هئا...
هوئن جيڪڏهن رڊلي اسڪاٽ تعصب پرست يورپي تاريخ دانن جي ڪتابن جو مطالعو ڪندي انهن جي بنياد تي فلم ٺاهي ها ته شايد انهن ملڪن ۾ به سندس فلم کي اوتري ئي مشهوري ملي ها جيتري موجوده فلم کي مصر ۽ عرب ملڪن ۾ ملي.. شايد اولهه وارن ملڪن جي عوام کي نظر ۾ رکندي ئي رڊلي اسڪاٽ صلاح الدين ايوبي جي ذاتي زندگي کي ايترو نمايان نه ڪيو جيترو انهن بيلين جي فرضي معاشقي کي ڪيو.. جيڪڏهن رڳو صلاح الدين ايوبي جي خيمي ۾ بيت المقدس جي محاصري تي تيار ڪيل منصوبي ۽ جنگي تربيت جي منظرن کي وڌيڪ فلمايو وڃي ها ته عربن وٽ هي فلم اڃان وڌيڪ مڃتا ماڻي ها..
فلم جو هڪ حيران ڪن پاسو اهو به آهي ته صليبي جنگين جي ڪهاڻين تي هجڻ باوجود هن فلم ۾ صلاح الدين ايوبي جي شخصيت جو ڪردار ڪاٿي به خراب ٿيندي نظر نه ٿو اچي ۽ ان تاريخي حقيقت کي تسليم ڪرڻ تي هدايت ڪار ريڊلي اسڪاٽ ۽ ليکڪ وليم موناهن ٻئي مبارڪ جي لائق آهن...
ذاتي طور مون کي ۽ اورلينڊ و بلوم جي اداڪاريءَ وڌيڪ متاثر نه ڪيو.. حالانڪه Pirates of Caribbean ۽The Lord of the Rings: The Return of the King ۾ هُن پنهنجي اداڪاري جو بهترين مظاهرو ڪيو هو.. ٻئي طرف شامي اداڪار غسان مسعود پنهنجي ڪردار صلاح الدين ايوبي جي شخصيت جي ڀرپور عڪاسي ڪندي محسوس ٿيو.. بي شڪ پاڻ عمر سيريز ۾ حضرت ابوبڪر صديق جي ڪردار وانگر هتي به اسلامي تاريخ جي هن عظيم ڪردار سان پورو پورو انصاف ڪيو آهي.. جيڪڏهن توهان تاريخي جنگين ۾ دلچسپي رکندڙ آهيو ته هن فلم کي ضرور ڏسجو..
هاڻي ڳالهه ڪجي ڪجهه تاريخي حقيقتن جي جيڪي فلم ۾ نظرانداز ڪيون ويون.. يا وري غلط پيش ڪيون ويون آهن..
سڀ کان پهريان هي ته بيلين درحقيقت ڪوئي لوهار نه هو پر شهر ۾ کيس امتيازي حيثيت حاصل هئي.. هن جو پيءُ اطاليه يعني اٽلي جو رهڻ وارو هو.. بيلين ۽ آئزابيلا وچ ۾ يروشلم جي دفاع جي منصوبي تي ته اتفاق ٿيو هو پر انهن ۾ ڪو عشقيه تعلق نه هو.. بيلين جي شادي آئزابيلا جي ويڳي ماءُ سان ٿي هئي..
يروشلم جو بادشاهه بالڊوين4 جيڪو 1174 کان 1185 تائين تخت تي رهيو اصل ۾ جذام جو مريض هو ۽ ان جي ڀيڻ يعني آئزابيلا جي شادي گائي دي لوزينيان سان ٿي هئي..
ان کان علاوه جنگِ حطين جو اصل سبب هن فلم ۾ صلاح الدين ايوبي جي ڀيڻ جو قتل ۽ قصاص جي مطالبي لاءِ موڪليندڙ ايلچي جي دردناڪ موت ڏيکاريو ويو آهي.. جڏهن ته مستند تاريخ دانن اهڙي ڪنهن به واقعي جو ذڪر نه ڪيو آهي.. واقعو اصل ۾ اهو آهي ته صليبي سردار رينالڊ سان صلاح الدين ايوبي جو 4 سالن جو صلح معاهدو ٿيو هيو.. پر ان جي باوجود عيسائي مسلمانن جي قافلن تي حملو ڪندا ۽ ڦرلٽ ڪندا هئا.. جيئن فلم ۾ به ڏيکاريو ويو آهي.. 1186ع ۾ عيسائين جي هڪ اهڙي حملي ۾ رينالڊ اها جسارت ڪئي هئي ته وڌيڪ ٻين عيسائي اميرن سان گڏجي مدينه منوره تي حملي ڪرڻ جي نيت سان حجازِ مقدس تي حمله آور ٿيو هو.. صلاح الدين ايوبي ان جي سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ۽ فورن رينالڊ جو تعاقب ڪندي حطين ۾ کيس وڃي پڪڙيو.. جتي جنگِ حطين لڳي ۽ رينالڊ کي زبردست شڪست ڏسڻي پئي..
بيت المقدس جي فتح به فلم ۾ حقيقي طور نه ڏيکاري وئي آهي.. اصل ۾ يروشلم جو دفاع صلاح الدين ايوبي جي طاقتور لشڪر جي سامهون ناممڪن ٿي ويو هو.. ان ڪري صلح جي پيشڪش يروشلم جي سردار طرفان ٿي هئي .. نه ته يروشلم کي تلوار جي زور تي فتح ڪرڻ ۾ صلاح الدين ايوبي کي ڪا به رڪاوٽ نه هئي.. فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته صلاح الدين ايوبي لاءِ قلع فتح ڪرڻ مشڪل ٿي پيو هو.. ان ڪري هن سفيد جهنڊو ڏيکاري صلح جي پيشڪش ڪئي..
هاڻي جڏهن فلم جي تذڪري ۾ ليام نيسن جو نالو اچي چڪو آهي .. جنهن بيلين جي پيءُ گاڊفري جو ڪردار نڀايو هو ته پڙهندڙ کي ٻڌائيندو هلجي ته نيسن تازو ئي اسلام قبلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.. 59 ساله نيسن استنبول، ترڪيءَ ۾ هڪ فلم بندي دوران شهر ۾ آذانن جي آواز کي پنهنجي روح ۾ لهندي محسوس ڪيو .. جنهن کان پوءِ هن اسلام قبول ڪيو...
جيڪڏهن پورو تبصرو پڙهڻ کان پوءِ به گهڻيون ڳالهيون سمجهه نه اچن ته فلم ڏسڻ کان پوءِ هن تبصري کي ٻيهر پڙهجو يقينن ڪافي ڳنڍيون کُلي وينديون..
