points to ponder

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2014۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    جديد سنڌي الفابيٽ
    ب (بي).
    ب سان ببر شينهن ؛ شينهن اسان وٽ خوف ،دهشت ،وحشت ۽ طاقت جي علامت طور سڃاتو وڃي ٿو. شينهن جھنگ جو اهو وحشي آهي جنهن جو زور ڪمزور نرم گوشت واري جانور تي هلي ٿو انهيء چير ڦاڙ کي اسان بهادري سڏيون ٿا.اشرف المخلوقات هوندي به ڪيترا ماڻهو وڏي فخر سان پاڻ کي شينهن سڏائين ٿا. .جينئن ته اهڙن شيرن ۾ پنهنجي ڪا خوبي موجود نه هوندي آهي هو رنڳ ماسٽر جي چهبڪ اشاري تي نچندا آهن. جهنگل جو شينهن شڪار وقت پنهجي شڪار جي شه رڳ ۾ ڏند وجھيو سندس رت چوسيندو آهي اهڙي طرح انساني شينهن سياست ۾ اچي پبلڪ جو شڪارڪندو آهي مهانگائي بدامني رشوت جا تکا ڏند سندس شه رڳ ۾ وجھي آساني سان رت چوسيندو آهي. چيو وڃي ٿو ته شينهن جڏهن ڪمزور ٿي شڪار کان ويهي ويندو آهي ته عبادت گذار ٿي ويندو آهي.شينهن سچ بڌي يا برداشت نه ڪري سگھندو آهي. هڪ ڏينهن لومڙي للڪار ڪري شينهن کي چئي ڏنو ته تنهنجي وات ۾ ڌپ آهي .شينهن جلال ۾ اچي لومڙي کي لت وهائي ڪڍي .پر لومڙي کي ڪجھ نه ٿيو اچانڪ شينهن کي احساس ٿيو ته منهنجون لتون ته ٻڌل آهن .مان پير به چوري نه ٿو سگھان سو وري ڪينئن جو جھنگل جي بادشاه هڪ ڏينهن مٽر گشت پئي ڪيو ته هڪ ٻلي نظر آيس .ٻلي تعارف ڪرائيندي چيس ته مان ته تنهنجي ناني لڳان. شينهن حيراني مان پڇيو ته تون منهنجي ناني هوندي سوندي ايڏي ڪمزور ۽ ننڍڙي ڃو؟.ٻلي وراڻيس ته ابا مان جنهن مخلوق سان گڏ رهان ٿي انهيء منهنجو هي حال ڪيو آهي ..ڪير آهي مونکي ڏيکار ناني جن تو سان هيء ويڌن ڪئي آهي شينهن گجگوڙ ڪندي چيو .ٻلي ٻڌايس ته ابا ان ڳاله تان لهي وڃ تو هرو ڀرو جو پنگو نه کڻ .شينهن جو اسرار رهيو ته مونکي انهن سان ملاء مان کين پڄي پوندس. آخر سفر هليو ٻلي هڪ ٻنيء تي پهچي هڪ ڪم ڪندڙ هاري طرف اشارو ڪندي چيو ته اها اٿئي مخلوق ڀلي ملڻ جو شوق پورو ڪر. شينهن ۽ ٻلي هڪدم جو هاري اڳيان پهتا ته هيڪر هاريء جو هنيو هارجي ويو .شينهن للڪاريندي چيو ته مان توکي ماريندس .هاري حوصلو پڪڙيو پڇيائين ته مون تنهنجو ڪهڙو قصور ڪيو آهي؟ شينهن چيس ”تو اسان جي نانيء سان بدسلوڪي ڪري کيس بيحال ڪيو آهي مان هر حال ۾ تو کي ماري کائيندس“..هاري ڳڻتي فڪر مندي جو ڏيک ڏيندي جھيڻي آواز ۾ چيو ته شينهن شير خدا جا ڳاله تو واري به وزنائتي آهي مان مرڻ لاء به تيار آهيان پر ٻيلي مون کي ايتري مهلت ڏي جو مان گھر وارن کان موڪلائي اچان.هونئن به تنهنجي طاقت ۽ دهشت کان مان لڪي ته نه ٿو سگهان ..شينهن پنهنجي تعريف تي ٽيڳر ۾ اچي ويو چيائين ته ڀلي وڃي موڪلائي اچ .هاري اها ڳاله ٻڌي نهايت سنجيدگي سان چيو ” شينهن بادشاه مهرباني پر يار هڪ ٻيو مسئلو آهي مون کي شڪ آهي ته تون شينهن هتان هليو ويندي“. شينهن ڪاوڙ ۾ چيو ته مان هتان نه ويندس تو کي کائڻو جو آهي ....اهو بحث ڪجه دير هليو آخر ۾ هاري تجويز ڏني ته اها پڪ ڪرڻ لاء ته متان شينهن هليو نه وڃي.کيس هڪ رسي سان وڻ سان ٻڌو وڃي جينئن منهنجي موٽڻ تائين شينهن هتي رهي . شينهن خوشي خوشي ٻڌجن قبول ڪيو ..هاري کيس ٿلهي رسي سان سڪ ڪري وڻ سان ٻڌو ۽ پوء هڪ ٿلهو ڏنڊو کڻي شينهن کي ڪٽڻ شروع ڪيائين. شينهن ڏاڍو ڦٿڪيو پر مضبوط ٻڌل هئو خوب مار کاڌائين ۽ رتو رت ٿي ويو.هاري به ٿڪجي پيو ۽ ساهي کڻڻ ويٺو .ٻلي کلڻ لڳي .شينهن چيس ناني منهنجي حالت خراب آهي تو کلين ٿي. ٻلي چيس ڏوهٽا مون ته اڳئي تو کي جھليو ته هنن سان پنگو نه کڻ. شينهن جھيڻي آواز ۾ پڇيو ”ناني هڪ ڳاله ته ٻڌاء هي انسان مونکي ماري ماري جڏهن تو جيترو ڪري پوء ته ڇڏيندو نه ؟؟؟؟.
    عقلمند را اشاره.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو