شبير جتوئي
سينيئر رڪن
جئين ته وزير اعظم يوسف رضا گيلاني صاحب سنڌ صوبي جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد کي پراڻي حيثيت ۾ بحالي واري بيان تي ايم ڪيو ايم جي ردعمل ما ن ظاهر ٿو ٿئي ته هن 'کي صرف پنهجا مفاد عزيز آهن۔ مسڪين سنڌين سان صرف لفظن جي حد تائين همدردي آهي۔ پهريان به هنن جي مفادن جي تحفظ لاء وقت جي حاڪم ارباب رحيم جن اهو قدم کنيو۔ جنهن تي احتجاج به ٿيا پر اجڪلهه پاڪستان ۾ پرامن احتجاج جو مطلب پنهجو هار مڃڻ آهي۔ اسان وزير اعظم جي هن فيصلي جي مڪمل حمايت ڪيون ٿا ۽ ايم ڪيو ايم وارن 'کي اهو به چئون ٿا ڪڏهن ڪراچي مان نڪري ڪري سنڌ جي بين پوئتي پيل علائقن ۾ وڃي ڏسو ته سنڌ ڌرتي جا اصل مالڪ ڪهڙي حالت ۾ زندگي گذا رن ٿا۔