ايم ايس آفيس ۾ فونٽن جو مسئلو

اظهرمهر

سينيئر رڪن
اسلام عليڪم ساٿيو.
صبح کان وٺي ڪري منهنجي ڪمپيوٽر ۾ هڪ مسئلو ٿي ويو آهي، ايم ايس آفيس ۾ فونٽ اسٽائل ۾ انگريزي جي ٽن فونٽن کان سواءِ ٻيو ڪو فونٽ نه ٿو شو ڪري، جڏهن فونٽ تبديل ڪرڻ گهران ٿو ته مواد۾ خرابي ٿي اچي. فونٽ اسٽائل واري خاني ۾ هي لکيل ظاهر ٿو ٿي.Devise font cp1012cp,10cp 17cpبراءِ ڪرام منهنجو مسئلو حل ڪريو. مهربانيون.
 
توهان سنڌيءَ جا فونٽ انسٽال ڪري ڏٺا آهن ؟
جيڪڏهن اهي ٿين ٿا ته پوءِ توهان جي ايم.ايس آفيس ۾ مسئلو آهي. ۽ جي اهي به نٿا ٿين ته توهان جي ونڊوز ۾ مسئلو ٿي سگهي ٿو.
وڌيڪ سائين ابو واصف جن تفصيل سان ٻڌائيندا ته مسئلو ڇو ٿئي ٿو ؟ ۽ ان جو حل ڇا آه ؟
 
ادا! اوهان ڪوبه لوڪل پرنٽر انسٽال ڪري، ان کي ڊيفالٽ بڻايو. ايم ايس آفيس بند ڪري ٻيهر کوليو، هوند اوهان جو مسئلو حل ٿيندو.
 
Back
Top