پنهنجي ليپ ٽاپ کي ٽپ ٽاپ حالت ۾ ڪيئن رکجي

'ڪمپيوٽنگ ٽپس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏18 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    اڄ ڪلهه ليپ ٽاپ جو زمانو آهي. اندازن 90 سيڪڙو ڪاليج جا شاگرد ليپ ٽاپ گڏ رکن ٿا.. ان کان علاوه گهر ۽ دفترن ۾ به ليپ ٽاپ جو استعمال بلڪل عام ٿي چڪو آهي.. ههڙي لوڊ شيڊنگ ۽ مهانگي بجلي جي دور ۾ جڏهن ليپ ٽاپ، پي سي جي مقابلي ۾ 20 سيڪڙو بجلي گهٽ خرچ ڪندو هجي ته هرڪو ليپ ٽاپ ڇو نه رکندو هجي. پر جڏهن اسان پي سي جي مقابلي ۾ ڪئي دفعا وڌيڪ مهانگو ليپ ٽاپ خريد ڪندا هجون ته اسان کي ان جو خيال پڻ رکڻ گهرجي..
    اچو ته توهان کي ڪجهه فائدي واريون ٽپس ڏسيان جن جي مدد سان توهان توهان پنهنجي ليپ ٽاپ کي بهترين حالت ۾ رکي سگهو ٿا.

    هميشه برابر ۽ سخت سطح تي رکو
    ليپ ٽاپ جي خرابي جو اهم سبب ان کي سخت ۽ برابر واري سطح تي نه رکڻ آهي... اسان مان گهڻا ته ٽنگن تي، وهاڻي تي يا وري بيڊ تي ئي ليپ ٽاپ کي رکي استعمال ڪندا آهن.. جنهن سان ٿيندو اهو آهي ته ليپ ٽاپ مان نڪرندڙ گرم هوا کي ٻاهر نڪرڻ رڪاوٽ ملندي آهي ۽ ليپ ٽاپ گرم ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.. ان ڪري اهو ضروري آهي ته ليپ ٽاپ کي ڪنهن سخت ۽ برابر سطح واري جاءِ تي رکندي استعمال ڪجي.. هوئن به ليپ ٽاپ کي ٽنگن تي رکي استعمال ڪرڻ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار آهي.. سڀ کان بهتر ته اهو آهي ته ليپ ٽاپ رکڻ لاءِ ڪنهن ليپٽاپ سٽينڊ، ليپ ٽاپ فولڊنگ ٽيبل يا وري ليپ ٽاپ ڪولنگ فين جو استعمال ڪيو وڃي..

    مڪمل آف ڪري بيگ ۾ رکو
    ليپ ٽاپ کي شٽ ڊائون ڪندي ئي تڪڙو بند ڪندي بيگ ۾ نه رکو ڇو ته ليپ ٽاپ جي هارڊ ڊسڪ کي آف ٿيڻ ۾ ڪجهه سيڪنڊ گهربل هوندا آهن.. ان لاءِ مڪمل طور تي آف ٿيڻ کان پوءِ ليپ ٽاپ کي بيگ پيڪ ۾ رکو.

    چارجنگ هميشه لڳل نه رکو
    هر وقت چارج تي لڳائي ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ سان ان جي بيٽري خراب ٿيندي آهي. جڏهن به بيٽري مڪمل چارج ٿي وڃي ته ان کي مڪمل استعمال به ڪرڻ گهرجي. ليپ ٽاپ جي بيٽري کي بهترين حالت ۾ رکڻ لاءِ هر پندرهن ويهن ڏينهن کان پوءِ ان کي مڪمل استعمال ڪرڻ ضروري آهي. (ايسيتائين جو بيٽري بلڪل ختم ٿي وڃي ۽ ليپ ٽاپ آف ٿي وڃي). ان کان پوءِ ليپ ٽاپ کي چار کان پنج ڪلاڪ تائين استعمال نه ڪريو. جنهن کان پوءِ ليپ ٽاپ کي هڪ دفعو وري مڪمل چارج ڪريو.. چارجنگ ختم ۽ چارج ڪرڻ جي دوران توهان ليپ ٽاپ استعمال ڪري سگهو ٿا.

    ليپ ٽاپ جي صفائي ڪريو
    ڪجهه عرصي کان پوءِ ليپ ٽاپ جي صفائي به ضروري آهي.. اسان جڏهن ان کي استعمال ڪري رهيا هوندا آهيون ته ان ۾ دز ۽ مٽي وڃي رهي هوندي آهي جيڪا ڪيبورڊ جي هيٺان جمع ٿي ڪيبورڊ ۽ ليپ ٽاپ جي ڪارڪردگي کي متاثر ڪندي آهي. ان لاءِ ان کي تيز هوا يا ڪاٽن سان جيترو ٿي سگهي صاف ڪندو رهجي.

    شٽ ڊائون ضرور ڪريو
    ليپٽاپ جو گهڻو استعمال ڪرڻ وارا اڪثر ان کي شٽ ڊائون نه آهن ڪندا... بلڪه ان کي هميشه آن رهڻ ڏيندا آهن... جيڪڏهن توها پنهنجي ليپ ٽاپ جي ڪارڪردگيءَ کي بهتر رکڻ چاهيو ٿا ته جڏهن به استعمال ۾ نه هجي، ان کي شٽ ڊائون ڪندا ڪريو..

    چورن لاءِ تيار رهو...
    جيڪڏهن توهان ليپ ٽاپ کي سفر ۾ گڏ رکندا آهيو ته ان ڳالهه لاءِ هر وقت تيار رهو ته هي چوري به ٿي سگهي ٿو.. سڀ کان پهريان ته هميشه پنهنجي ليپٽاپ جي حفاظت ڪندا ڪريو.. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪا انتهائي اهم فائيل رکڻي هجي ته ان کي انڪرپٽ ڪري رکندا ڪريو.. ته جيئن خدانخواسته ڪنهن حادثي جي صورت ۾ ڪنهن ٻئي ماڻهون لاءِ اها ڪنهن ڪم جي نه هجي.. ان کانسواءِ هڪ اهم ڳالهه ته لاگ ان پاسورڊ پڻ آهي.. هميشه ونڊوز تي پاسورڊ لڳائي رکندا ڪريو.. ته جيئن ليپٽاپ غير ضروري ڇيڙ ڇاڙ کان محفوظ رهي.. اها ڳالهه يقينن توهان کي دلچسپ لڳندي ته ليپ ٽاپس ايتري تعداد ۾ موجود آهن جو دنيا ۾ هر 53 سيڪنڊز ۾ هڪ ليپ ٽاپ چوري ٿي رهيو آهي.. :)

    بيڪ اپ
    ليپ ٽاپ تي موجود پنهنجي ڊيٽا جو هميشه بيڪ اپ بڻائي رکندا ڪريو.. گهڻي قدر ماڻهون ان ڳالهه جي پرواهه ناهن ڪندا.. پر هي انتهائي اهم ڳالهه آهي.. اڄ ڪلهه ايڪسٽرنل ڊرائيوز ڪافي سستيون ٿي چڪيون آهن بلڪه هاڻي ته وڏي اسٽوريج رکندڙ يو ايس بي فليش ڊرائيوز پڻ سستيون ملي ٿيون وڃن.. هڪ يو ايس بي وٺي پنهنجي اهم ڊيٽا جو ان تي بيڪ ضرور ڪندا رهو.. ​
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    :eek::eek::eek: وڏي ڳالهه آ. جيڪڏهن ايترو تيزي سان چوري ٿئي ٿو ته چور پڪڙڻ واري مشين ڪهڙي ڪم جي ؟ يار ليپٽاپ مهنگا آهن ان ڪري چور پڪڙڻ واري مشين لازمي آهي :rolleyes:
    آئون ڪافي ڏينهن کان سوچيندو اچان ته ليپٽاپ کي مٽايان يا نئون وٺان، پر مسئلو ڊيٽا جو هو، ان ڪري اهم ڊيٽا گوگل ڊرائيو تي رکي اٿم. ڇا اتان به ڪير چوري ڪري سگھي ٿو ؟
    منهنجو ليپٽاپ ته 24 مان 19 ڪلاڪ لاڳيتو کُليل رهي ٿو.. ان سان نقصان ته نه پهچندو ؟؟
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. گورڌن ولاسائي

    گورڌن ولاسائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2012
    تحريرون:
    335
    ورتل پسنديدگيون:
    1,219
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    واهه جي ڳالهه ٻڌائي، هر وقت ليپٽاپ آن رکڻ تي هڪ بيٽري ساڙي چُڪو آهيان. هاڻي خيال ڪبو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ان تي عمل ڪرڻ اسان لاء ڏکيو آهي بابل سائين.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    منهنجي ليپ ٽاپ جي بيٽري ختم ٿي وئي آهي، سبب ته اوهان پاڻ سمجهي ويا هوندا!
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين معلومات ونڊ ڪئي آهي ادا توهان

    اميد ته انهن شين جو بلڪل خيال ڪبو

    فقير
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    چارجر جي مڪمل Drain ٿيڻ جو آسرو نه ٿو ڪري سگهجي.. لائٽ جو ڀروسو ناهي... هيڏاهن ليپٽاپ جي چارجنگ آخري پساهن تي هجي ۽ لائٽ هلي وڃي... پوءِ اوٻاسيون ويهي ڏجن... هههه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو