سنڌ جو مشهُور راڳي گُلبهار جويو انتهائي ڏُکدائڪ حالت ۾ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل آهي ۽ مالي مُشڪلاتُن جي ڪري ڪمپسري حالت ۾ آهي مڙني سهڪاري ۽ فلاحي ادارن، ٽرسٽ، تنظيمُن، سرڪاري ڪامورن، پيرن، ميرن، رئيسن، سردارن، سياسي ۽ سمجي ليڊرن کي مدد جي اپيل ڪجي ٿي. سندس ذاتي نمبر آهي 3812991 .0301
جواب: سنڌ جو مشهُور راڳي گُلبهار جويو انتهائي ڏُکدائڪ حالت ۾ سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ راڳي گلبهار جويو سان رابطو ڪيو ويو ، پاڻ سول اسپتال ڪراچي مان پنهنجيون ٽيسٽون ڪرائي گھارو هليا ويا هئا . سندن خير خيريت پڇي سون گلبهار جي چوڻ مطابق ڊاڪٽر نور راڄپر جيڪو سندن ڳوٺ جو آهي ءِ سول اسپتال م ڊاڪٽر آهي سندن خيال رکي علاج ڪري رهيو آهي .سڀن دوستن کي گلبهار جي خيريت پڇڻ گھرجي ۽ مدد ڪرڻ گھرجي . خدا گلبهار کي صحتيابي نصيب ڪري ءِ خوش رکي ، آمين