اڙي يار ڪم سفا خراب ٿي ويو فونٽ ته اڳ ۾ ئي امبيڊ ٿي چڪا هئا جيڪا فائيل مان توهان کي ڏني اُها اپلوڊ ڪري ڪوروم ۾ چيڪ ڪيو ته فانٽ ڏيکاري پيو فائر فاڪس ۾ نه ٿو ڏيکاري ادا اُبيدا ماف ڪجو مان هرو بهرو توهان کان مٿو ماري پئي ڪرائي ادا غلطي جي مافي مونکي ڪهڙي خبر هئي مان ته سدائين موزيلا هلائيندو آهيان ادا ماف ڪجو
ادا هاڻي ته مان پنهنجي فري هوسٽنگ سرور ۾ فانٽ اپلوڊ ڪري يوز پيو ڪريان ۽ امبيڊ به تيَن پيا هو جمالو ما ب ويب ڊولپر ٿي ويُس پر جُڳاڙي ويب ڊِولپر
ادا ان جو به حل آهي. توهان ڪنهن سٺي ويبسائيٽ تان ايم.بي خورشيد جو لنڪ حاصل ڪريو ۽ پو اهو بلاگر جي ٽيمپليٽ ۾ لڳايو. انشا الله فائرفاڪس ۾ به ڏيکاريندو.
ادا منهنجي خيال ۾ ته اهو ان ڪري پيو ٿئي جو موزيلا فائير فاڪس جي هڪ آدت آهي ته هي ڪوڪيز سيو ڪري ڇڏيندو آهي اگر ويبسائيٽ ۾ ڪا چينجنگ ٿي آهي ته ڪوڪيز ڊيليٽ ڪرڻ سان به تيل بدلا کي ڏسي سگهجي ٿو توهان کي فليش چيٽ رومز جو ٻڌايو هو نه ؟ ان ۾ به ڪا چينجنگ ڪندا هئا ته اسان کي چوندا هئا ته ڪوڪيز ڊيليٽ ڪريو روم ۾ چينجنگ ٿي آهي ايئين به ٿي سگهي ٿو ؟
ادا عبيدالله، صحيح ٿا چئو، پر گهڻين ڪوششن باوجود اهو مسئلو حل نه ٿيو، سوچيم اوهان دوستن کي زحمت ڏيندس، پر اوهان خود اهو موضوع ڇيڙيو آهي. اُن ڪري اوهان رهنمائي ڪريو، ۽ جيڪڏهن اهو به ٻڌايو ته ڇا سنڌي يا اردو جي هيڊنگ جا فونٽس ۽ سائيز ڇا ڊيفالٽ کان مختلف رکي سگجي ٿي.