• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نثري نظم مظفر منگي

تون پڇيو آهي
ته
مان تنهنجي ڇا
آهيان...!!؟
او جانان...
تون منهنجي ڪائنات آهين
تون منهنجي ملڪيت آهين
تون مَنُ,مسجد
۽ مندر آهين
تون منهنجي چرچ, ڪليسا
۽ گرجا آهين
تون عبادتگاه, ڪعبو
۽ قبلو آهين
جيئن ڪعبو مولا پاڪ
جو گهر آهي
ايئين
منهنجي من مندر ۾ صرف
تون ئي آهين.
 
Back
Top