توهان پارڪ تي روزانو واڪ ڪندي هڪ ماڻهون سان ملو ٿا.. ۽ هڪ ڏينهن هو توهان کي فيس بوڪ تي فرينڊ رڪويئسٽ ٿو موڪلي .. توهان ڇا ڪندو..؟
ٺيڪ آ هو ڀلو ماڻهو آ ۽ واڪ دوران توهان جي دعا سلام به ٿيندي رهي آ.. پر ان باوجود توهان سندس فرينڊ رڪويسٽ ڇو مڃو جو توهان کيس ايترو سڃاڻو ئي ڪونه..
توهان ڇا ڪندو جڏهن توهان وٽ اهڙيون نه چاهيندڙ فرينڊ رڪويئسٽ اچن.. ڀلي کڻي اهي توهان جا پراڻا ڪلاس ميٽ هجن يا وري آفيس ڪليگز جيڪي کڻي گڏ رهيا هجن پر اهي دوست ته نه ٿيا نه..
توهان مان ڪجهه دوست ڀلي منهنجي ڳالهين تي کلي ڏين پر ڪير سليمان وساڻ کان پڇي ڏسي ته توهان ڏانهن آيل فرينڊ رڪويئسٽ مان پينڊنگ ڪيتريون آهن ..؟ جيڪڏهن جواب مليو ته ڪجهه کي ته حيرت به ٿيندي جو سليمان وساڻ جي پينڊنگ رڪويئسٽس جو تعداد انهن جي فيس بوڪ فرينڊس جي تعداد جيترو ملندو..
خير بحرحال جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي ماڻهون کان فرينڊ رڪويئسٽ وصول ڪيو جنهن کي توهان فيس بوڪ تي پنهنجي فرينڊ طور نه رکڻ چاهيندا هجو ۽ وري ان جي درخواست کي رجيڪٽ يا اگنور به نه ڪري سگهو ته ان جي موڪليل درخواست پينڊنگ ۾ رهجي ويندي.. پر توهان ائين به نه ٿا ڪرڻ چاهيو ته توهان بلڪل ائين ڪريو جيئن منهنجي پٽ شيراز منهنجي موڪليل فرينڊ رڪويئسٽ سان ڪيو..
توهان آيل درخواست کي ”ڪنفرم“ ڪري پنهنجي فرينڊ لسٽ ۾ شامل ڪريو ۽ پوءِ ان ماڻهوءَ کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکو..
جڏهن توهان ڪنهن ماڻهون کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکندا آهيو ته اهي توهان جي فرينڊ لسٽ ۾ موجود ته هوندا آهي پر توهان طرفان لڳايل صرف اهي ڦوٽو ۽ پوسٽس ڏسي سگهندا آهن جيڪي توهان پبلڪ طور لڳايا هجن.. ٻين لفظن ۾ اهي توهان طرفان فيس بوڪ تي اپڊيٽ ٿيندڙ صرف اهي سرگرميون ڏسي سگهندا آهن جيڪي توهان جا پبلڪ فالوور ڏسي سگهندا هجن..
پنهنجي ڪنهن به فيس بوڪ فرينڊ کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکڻ لاءِ ان جي فيس بوڪ پروفائيل تي وڃو ۽ فرينڊ ڊراپ ڊائون لسٽ کولي ...Add to another list پوءِ Restricted تي ڪلڪ ڪريو.. جنهن کان پوءِ هوُ پنهنجي فيس بوڪ نيوز فيڊ ۾ توهان جا رڳو Public Stuff ڏسي سگهندا..
آهي نه ڪم واري ٽپ... 