جڏهن فيس بوڪ جي فرينڊ رڪويئسٽ رجيڪٽ ڪرڻ نه چاهيو؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 سيپٽمبر 2014۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توهان پارڪ تي روزانو واڪ ڪندي هڪ ماڻهون سان ملو ٿا.. ۽ هڪ ڏينهن هو توهان کي فيس بوڪ تي فرينڊ رڪويئسٽ ٿو موڪلي .. توهان ڇا ڪندو..؟

    ٺيڪ آ هو ڀلو ماڻهو آ ۽ واڪ دوران توهان جي دعا سلام به ٿيندي رهي آ.. پر ان باوجود توهان سندس فرينڊ رڪويسٽ ڇو مڃو جو توهان کيس ايترو سڃاڻو ئي ڪونه..

    توهان ڇا ڪندو جڏهن توهان وٽ اهڙيون نه چاهيندڙ فرينڊ رڪويئسٽ اچن.. ڀلي کڻي اهي توهان جا پراڻا ڪلاس ميٽ هجن يا وري آفيس ڪليگز جيڪي کڻي گڏ رهيا هجن پر اهي دوست ته نه ٿيا نه..

    توهان مان ڪجهه دوست ڀلي منهنجي ڳالهين تي کلي ڏين پر ڪير سليمان وساڻ کان پڇي ڏسي ته توهان ڏانهن آيل فرينڊ رڪويئسٽ مان پينڊنگ ڪيتريون آهن ..؟ جيڪڏهن جواب مليو ته ڪجهه کي ته حيرت به ٿيندي جو سليمان وساڻ جي پينڊنگ رڪويئسٽس جو تعداد انهن جي فيس بوڪ فرينڊس جي تعداد جيترو ملندو.. :)

    خير بحرحال جيڪڏهن توهان ڪنهن اهڙي ماڻهون کان فرينڊ رڪويئسٽ وصول ڪيو جنهن کي توهان فيس بوڪ تي پنهنجي فرينڊ طور نه رکڻ چاهيندا هجو ۽ وري ان جي درخواست کي رجيڪٽ يا اگنور به نه ڪري سگهو ته ان جي موڪليل درخواست پينڊنگ ۾ رهجي ويندي.. پر توهان ائين به نه ٿا ڪرڻ چاهيو ته توهان بلڪل ائين ڪريو جيئن منهنجي پٽ شيراز منهنجي موڪليل فرينڊ رڪويئسٽ سان ڪيو.. :(

    توهان آيل درخواست کي ”ڪنفرم“ ڪري پنهنجي فرينڊ لسٽ ۾ شامل ڪريو ۽ پوءِ ان ماڻهوءَ کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکو..

    جڏهن توهان ڪنهن ماڻهون کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکندا آهيو ته اهي توهان جي فرينڊ لسٽ ۾ موجود ته هوندا آهي پر توهان طرفان لڳايل صرف اهي ڦوٽو ۽ پوسٽس ڏسي سگهندا آهن جيڪي توهان پبلڪ طور لڳايا هجن.. ٻين لفظن ۾ اهي توهان طرفان فيس بوڪ تي اپڊيٽ ٿيندڙ صرف اهي سرگرميون ڏسي سگهندا آهن جيڪي توهان جا پبلڪ فالوور ڏسي سگهندا هجن..

    پنهنجي ڪنهن به فيس بوڪ فرينڊ کي رسٽرڪٽيڊ لسٽ ۾ رکڻ لاءِ ان جي فيس بوڪ پروفائيل تي وڃو ۽ فرينڊ ڊراپ ڊائون لسٽ کولي ...Add to another list پوءِ Restricted تي ڪلڪ ڪريو.. جنهن کان پوءِ هوُ پنهنجي فيس بوڪ نيوز فيڊ ۾ توهان جا رڳو Public Stuff ڏسي سگهندا..

    [​IMG]

    آهي نه ڪم واري ٽپ... :)
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اهو ڪم به ڀلو ...... مون وٽ لڳ ڀڳ ساڍا نو سئو رڪيئسٽس پينڊنگ ۾ آهن ۽ گهڻو ڪري منهنجو سڀ پوسٽس پبلڪ ئي هجن ٿيون. پر اهي دوست جيڪي لاتعداد ٽيگ ڪن ٿا ڇا انهن کي روڪڻ لاء اها ٽرڪ ڪم ڪندي.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    سٺي صلاح آهي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هاهاهاها.. واه شيراز.......... o_O:D:p
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عامر خان چاچڙ

    عامر خان چاچڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    220
    ورتل پسنديدگيون:
    540
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ماڳ:
    شهيد بينظير آباد (نوابشاه)
    مان اهو پڇڻ چاهيان ٿو ڇا مان سڀ ٽيگ ٿيل فوٽو ڊيليٽ نه ٿو ڪري سگهان؟ هڪ ئي ڌڪ ۾
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    اصل مسئلو آهي به اهو. پوسٽ ڀلي ڏسن. جو اسان ڪندا ئي ڏيکارڻ لاءِ آهيون. پر ماريو ٽئگ آهي. پر وري به هي ٽرڪ مون کي ٻن ڳالهين ڪري وڻي. هڪ ته اُهي دوست جيڪي ريموو ڪرڻ يا قبول نه ڪرڻ تي نارض به ٿين. ۽ جڏهن ذاتي طور ملن ته سدائين اهو مهڻو ته واندا آهيو ڇا؟ سڄو ڏينهن رُڳو فيس بُڪ. يا ڪهڙيون پوسٽون ويٺا ڪريو؟ هتي وياسين؟ هُتي وياسين. سُٺيون پوسٽ موڪليو نه؟ انهن مان جان ڇُٽندي. ٻيو ته ڪي امڻهو واقعي اهڙا هوندا آهن جيڪي بس رُڳو هتي ئي هوندا آهن. انهن کان پاڻ لڪائڻ ڀلو.
    اهو استعمال ڪبو؟؟؟

    شيراز جو ڪم وڻيو.

    ڪاش جيڪر ايئن ٿي سگهي ها. پر اڃان تائين ان ممڪن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ڪم واري ڳالهه اهي ڪجهه نه ڪجهه فرق ته پوندو

    فقير
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو